پهرين ڪچهري ـــ لاهوت طارق
بابا مون کان پڇيو: ”لاهوت! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
جواب ۾ چيم: ”منهنجو نالو ٽيپ آ.“ ان وقت ابا جي هٿ ۾ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر هو، شايد ان ڪري مان بنا سوچڻ جي چئي ڇڏيو هو. منهنجي جواب تي بابا کِلڻ لڳو ته مان به ٽهڪ ڏيڻ لڳس. پوءِ اسان جي ڪچهري شروع ٿي....
”منهنجي دوست سان ملندين؟“
”ها، ڪاٿي آ؟“
بابا منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ واري اي ــ 14 گهر مان نڪرندي چيو:
”اچ ته اڄ توکي مان پنهنجي دوست سان ملايان. تون ان سان دوستي ڪندين؟“
”ها ڪندم دوستي“ مان خوش ٿيندي چيو.
پوءِ بابا مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انهن رستن ڏانهن وٺي ويو، جن سان بابا جي به ننڍپڻ کان دوستي هئي. گهر کان ٻاهر ايندي ئي روڊ سان لڳ مسجد آهي. ان ڏانهن اشارو ڪري بابا ٻڌايو:
”لاهوت!، جڏهن اها مسجد ٺهي پئي نه، ته اسان ننڍا هئاسين ۽ ان مسجد جي ڪم ۾ مزدورن سان گڏجي اسان ڀائرن به حصو ورتو هو.“ مان ڊوڙي وڃي ان مسجد جي ديوار تي هٿ گهمايو ۽ چُمي ڏني هئي.
”جبل تي هلون؟“ مسجد کان اڳيان روڊ تان هلندي بابا پڇيو.
”جبل تي؟ ڇو؟ جبل تان ڪرندس؟“
”نه.... بابا توسان گڏ آهي. توکي ڪرڻ نه ڏيندو.“
”ها، هلو جبل تي“ مان خوش ٿيندي چيو.
پوءِ اسان روڊ ڪراس ڪري ڪالوني مارڪيٽ جي پاسي کان يونيورسٽيءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ڪيو ۽ ڳالهين جو سلسلو به هلندو رهيو.
”لاهوت!، اهو ڇا آهي؟
”کَڏَ.... وڏي وڏي“. مان ننڍڙو پٿر کڻي ان ۾ اڇلايو.
”اهو ڇا ڪيئي؟“
”ٺا.... ٿي ويو... بابا، پٿر ٺا ڪيو“. مان هيٺ جھڪي وري ٻيو پٿر کنيو.
”اهو ڇا کنيئي؟“
”پٿر“
”ڪِنو اٿئي اِهو پٿر، اُڇل...؟“
”هي ڏس سامهون ڇا بيٺي آهي؟“ بابا منهنجي توجهه پٿرن تان هٽائيندي پڇيو.
”گاڏي آ“ مان گاڏيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
”ڪنهن جي آ؟“
”پلائي (پرائي)“
”هي گهر ڪنهنجو آ؟“
”لاليءَ جو آ“
”نه صحيح ٻڌاءِ مستي نه ڪر“
”نانيءَ جو“
ائين ڳالهيون ڪندا پٿريلي رستي تان هلندا ڪالونيءَ جي ٽينس ڪورٽ اچي وياسين.
”لاهوت! هي اٿئي ٽينس ڪورٽ هتي ٽينس راند کيڏبي آهي.“
”ها“
”لاهوت.... زور سان سڏ ڪر هالار کي.... هيئن“ پوءِ بابا وڏي آواز سان سڏيو، ”هالار.... لاهوت....“
بابا جو آواز گونجيو ۽ ”هالار.... لاهوت“ جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پوءِ مان به ٻاراڻي تيز آواز ۾ رڙيون ڪري چيو: ”لاهوت.... هالار....“ ۽ منهنجو آواز ٽينس ڪورٽ جي اوچي ديوارن سان ٽڪرائجي گم ٿي ويو. ڪجهه دير اسان پنهنجي آوازن سان کيڏندا رهياسين ۽ ٽهڪ ڏيندا رهياسين.
”هلو“
”ڪاڏي هلون؟“
”هوڏي“
”هوڏي نه.... پهرين هيڏي جبل تي هلون نه.“
”ها هلون جبل تي، هلون جبل تي، هلون جبل....؟“ مان ڳائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳس.
”لاهوت!.... هلي آ هيڏانهن اچ.“
”ها، هلون جبل تي، هلون جبل تي، جبل...“ مان وري پنهنجي منهن ڳائڻ لڳس ۽ بابا جو هٿ پڪڙي ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو پٿريلي رستي تان هلڻ لڳس.
”لاهوت... مان توکي کڻان ٿڪجي پوندين اڳيان رستي ۾ ڪنڊا ۽ ديويون به آهن؟“
”نه ٿڪندم.... مان ڊڄندم به نه“
”ها تون ته بهادر آهين. بلڪل به نه ڊڄندو آهين.“
پوءِ بابا ۽ مان ديوين ۽ ڪنڊن واري رستي تان هلڻ لڳاسين.
”اهو ٿئي جبل بابا... وڏو جبل آ“ مان خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو.
”توکي کڻان هاڻي ٿڪجي پيو هوندين؟“ بابا مون کان پڇيو.
”مان کڻندم توکي بابا“
”تون ڪيئن کڻندين مون کي؟“
”هُو ڏس... هو ڇا ٿا اڏامن آسمان ۾؟“ بابا مون کي کڻندي پڇيو.
”پکي“ مان آسمان ۾ ڏسندي چيو.
”ها، اهي سرڻيون ٿئي. ٻه سرڻيون“ بابا ٻڌايو.
مٿي چڙهندي بابا ٻڌائڻ لڳو: ”لاهوت!.... مان جڏهن اسد جيترو هوس نه تڏهن کان هن جبل تي ايندو رهندو آهيان. هن سان منهنجي پراڻي دوستي اٿئي. اڄ تون مون سان هن جبل تي چڙهين ٿو. پاڻ ٻئي گڏ گڏ هن جبل تي چڙهون ٿا. هاڻي تنهنجي به هن سان دوستي پڪي ٿي وئي.“ اهي ڳالهيون ٻڌائيندي ٻڌائيندي بابا ۽ مان جبل جي چوٽيءَ تي پهچي وياسين. بابا وڏو ساههُ کڻندي مون کان پڇيو: ”ڪاٿي پهچي وياسي؟“
”مٿي مٿي سڀني کان مٿي.“
”ها، بابا به مٿي، لاهوت به مٿي. سٺي هوا آهي نه جبل جي؟“
”ها سٺي آ“ (هيءَ اها ٽَڪري يا جبل آهي، جنهن جي سامهون هن وقت به علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ۽ ٻئي پاسي کان آرٽس فيڪلٽي نظر ايندي آهي. پوءِ مان به اڪثر ان جبل تي وڃڻ لڳس، ڪڏهن بابا سان ڪڏهن دوستن سان ۽ هاڻي اڪيلو ويندو آهيان.)
اسان ڪجهه دير چئني طرف کان نظر ايندڙ منظر ڏسندا رهياسين، پوءِ پٺئين پاسي کان هيٺ لٿاسين. مان سامهون نظر ايندڙ عمارت ڏانهن اشارو ڪري پڇيو: ”اتي ڇا آهي بابا؟“
”هيءَ آرٽس فيڪلٽي اٿئي ۽ هي ان جي ڀرسان وڏو ميدان آهي، جِتي وڏا وڏا فنڪشن ٿيندا آهن.“
”هاڻي اسان آرٽس فيڪلٽيءَ جي گيٽ وٽ بيٺا آهيون. ڪاٿي بيٺا آهيون؟“
”گيٽ وٽ“ ڏکيا لفظ اچاري نه پيو سگهان.
”لاهوت!.... هي ڏس هن پاسي آرٽس فيڪلٽيءَ جو باغ اٿئي، پر هي هاڻي ختم ٿي ويو آ. هن ۾ ڇٻر ته آهي ئي ڪونه. ڪنڊا ۽ ڊڀ نڪري آيا آهن. ڪيڏي ڪِني ٿي وئي آ ڇٻر. خراب ٿي ويو آ سڄو باغ. ها نه“ بابا اداس ٿي ويو هو.
”ها“ مان به اداسيءَ مان جواب ڏنو. شايد مان بابا جي ڪيفيت کي سمجھيو پئي.
”هلي آ ته توکي سينٽرل لائبريري گهمايان.“ بابا هڪدم موڊ چينج ڪيو.
”هلو گهمون“
اسان آرٽس فيڪلٽيءَ مان نڪري سينٽرل لائبريري ڏانهن وڌياسين.
”اسان ڪاڏي ٿا هلون؟ سينٽرل لائبريري“ بابا ٻڌايو به ۽ پڇيو به.
مان لفظ ”سينٽرل لائبريري“ کي غلط اچاريو.
”ها شاباس“ بابا خوش ٿي چيو.
اسان ڳالهيون ڪندا سينٽرل لائبريري پهچي وياسين. سامهون ڪينٽين ٺهيل هئي. جِتي ڪجهه شاگرد ويٺا هئا. سينٽرل لائبريريءَ جي مئن دروازي وٽ پهچي مان چيو: ”اندر هلون؟“
”لاهوت!.... اڄ جمعو آهي نه ان ڪري لائبريري بند ٿي وئي آهي. پاڻ اندر نٿا هلي سگهون.“
پوءِ ٻاهران ئي چڪر ڏيئي زيرو پوائنٽ کان ٿيندا اڳيان روڊ جي لاهينءَ تان لهڻ لڳاسين.
”هُو ڏس سامهون ڪير ٿا اچن؟“
”ڇوڪرا“
”ڇا ٿا ڪن؟“
”کِلن ٿا“ مان به کِلڻ لڳس.
”ڇوڪرن سان ٻيو ڪير گڏ آهي؟“
”ڇوڪريون“
پوءِ بابا ٻڌائڻ لڳو: ”لاهوت!... يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا آهن، ان ڪري رستن تي به گڏ گهمندا آهن. اسان هلون ٿا علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي طرف ۽ هي وڃن ٿا سينٽرل لائبريريءَ جي طرف.“
اڳيان هلندي بابا چيو: ”هُو ڏس پريان اسٽيڊيم ۾ ڇوڪرا ڪرڪيٽ راند ٿا ڪن.“
”مان کيڏان؟“
”وڏو ته ٿيءُ“
”وڏو ٿي ويو آن“
”وڏو ڪاٿي ٿيو آن، ڏاڙهي ڪاٿي ٿئي، مُڇون ڪاٿي ٿئي؟“
مان ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳس.
”مان تنهنجون مُڇون پٽان؟“
”منهنجيون مُڇون پٽيندين نالائق..... ڏنگا....“
۽ مان وڌيڪَ کلڻ لڳان ٿو.
ائين مستيون ڪندا اڳتي هلندا رهياسين.
”علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڏي هلون؟“
”ها هلون“
جڏهن مزار تي پهتاسين ته بابا چيو: ”اسان هِتي ايندا آهيون نه امي ۽ هالار سان؟“
”ها“
”لاهوت... هيءَ اٿئي ايلسا قاضيءَ جي قبر ۽ هُوءَ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي . هيءَ يونيورسٽي به هنن ٺاهي اسان لاءِ.“
”هنن تي ڇا رکيل آهن؟“ باباپڇيو.
”گُلَ“
”۽ هي اٿئي ڏيئو. ڇا؟“
”ڏيئو“.
”گهڻا ڏيئا آهن؟“
”پنج“ بنا ڳڻن جي چيم ڇو ته ڳڻن ايندو ڪونه هوم.
”پنج نه ٻه آهن. ڏيئي ۾ پيا آهن گُل“
”کڻان؟“
”نه... ڏس سُڪي ويا آهن گُل. گُلن کي نه کڻ غلط ڳالهه آ.“ بابا مون کي سمجهايو.
”هي ڏس گيڙو رنگ جي چادر رکيل اٿئي مزارَ تي.“
”لاهوت!... هاڻي ٿڪجي پيا آهيون. هليا ته ڏاڪڻين تي ويهون.“
اها هئي بابا سان منهنجي پهرين ڪچهري. ان وقت منهنجي عمر 2 سالَ 9 مهينا هئي ۽ اهي ڳالهيون بابا ان ٽيپ ريڪارڊ ڪيون هيون. ان ڏينهن منهنجي بابا سان ۽ ڄامشوري سان پڪي دوستي ٿي وئي. اڄ به جڏهن مان گهمان ٿو ته مون کي اڪيلائي محسوس نٿي ٿئي، ڇو ته بابا هر رستي تي، هر موٽ تي، هوائن ۾، وڻن جي ڇانوَ ۾، مون سان گڏ هوندو آهي. اهو ساٿُ ڪڏهن به نه ٽُٽَڻَ جو آهي.