خودڪشي ڪندڙ نسل جو ڪهاڻيڪار ـــ شوڪت حسين شورو
1970ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٽُٽو ته سنڌي ماڻهن خاص طور ان دؤر جي نئين نسل ۾ اهي اميدون جاڳي اٿيون ته سنڌ جي مالڪي هاڻي سندن هٿن ۾ هوندي، سندن کسيل حقن جو ازالو ٿيندو. پر اهي سموريون اميدون شيشي جيان ٽڙڪي ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويون. سنڌ کي رڳو سندس سکڻو نالو مليو. باقي سنڌ اها ئي ساڳيءَ ريت مالِ غنيمت هئي. سنڌ جا نوجوان هاڻي به پنهنجن سنڌي وزيرن ۽ ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندا، رستن تي رولاڪ بنجي رلندا رهيا. منجھن مايوسي ۽ فرسٽريسن هيڪاري وڌي وئي هئي. انهن حالتن سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ کي جنم ڏنو. طارق عالم جيتوڻيڪ ڪجهه دير کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو هو، پر سندس تعلق نئين ٽهيءَ جي انهن جديد ڪهايڻيڪارن سان هو، جيڪي پاڻ محرومين ۽ فرسٽريشن جو شِڪارُ هُئا.
طارق عالم جي اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار هيڪل ۽ وياڪل، ڊپريشن ۽ فرسٽريشن ۾ ورتل، معاشري ۾ محرومين جا لاش ڪلهن تي کڻي هلندڙ ۽ اڻپورا، اڻ تعبير خواب اکين ۾ ٽنگي هلڻ وارا حساس نوجوان آهن. انهن پڙهيل لکيل ۽ ذهين سنڌي نوجوانن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا اڳ ۾ به بند هُئا ۽ هاڻي به بند آهن. طارق عالم جي ڪهاڻي ”پيلو ڌنڌ“ نه رڳو هڪ خاص طور جي نمائنده ڪهاڻي آهي، پر پيڙا جي شدت واري بيان جي لحاظ کان به هڪ سگھاري ڪهاڻي ليکي سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار سنڌي نوجوانن جي مايوسين جي جيئري جاڳندي شڪل آهي. هن جون محروميون ان انتها تي پهتل آهن جو، دڪانن جي ٻاهران فِٽ ڪيل نفيس بيلجيم جي شيشن وارن شوڪيسن ۽ انهن جي پٺ ۾ سجائي رکيل شوپيسن ڏانهن ڏسندي، دل ٿي چاهيس ته جيڪر شيشن کي هڪ زور دار مُڪ هڻي ٽوڙي ڇڏي ٽِڙاس، مُڪ هڻڻ سان شيشا ٽٽندا وڃن، ڇن ڇنن ڇنن.“ پنهنجين اڻ سونهندڙ حالتن ۽ معاشري جي خلاف اهو هڪ غير معمولي ذهني رد عمل آهي. ان حد تائين جو ڪردار جي من ۾ موت جي دهشت به ختم ٿي چڪي آهي.
”موت کان ته ڊپ ئي نه ٿيندو اٿس. هڪ ڀيرو جڏهن زڪام ٿي پيو هوس ۽ ٿُڪ ۾ رت جا ڳاڙها ذرا ياقوت جيان چمڪندي ڏٺا هئائين، ته دهشت ۾ اچڻ بجاءِ ڏاڍو آٿت آيو هئس. ٺيڪ آهي، پاڻ جلدي جان آجي ٿيندي! هونءَ به مون جهڙي جي جڳ کي ضرورت به ڪهڙي آهي؟“
ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان سنڌي نوجوان پنهنجين اکين ۾ سهڻا خوابَ سجائي، جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا، تڏهن اتي فرسٽيشن جي پيلي ڌنڌ سندن آجيان ڪري ٿي. طارق عالم پاڻ به اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال مان گذريو آهي، بلڪه ان دور جي ٽهيءَ جا سمورا جديد ڪهاڻيڪار ان موتمار صورتحال مان لنگهيا آهن. ڪڏهن هنن ڪراچيءَ جي روڊن تي رولاڪ بڻجي پيلي ڌنڌ جي ڪردار وانگر پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو هوندو: ”سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي، جيون جي هر پل جو پل. ها.... ايندڙ، گذرندڙ ۽ گذري ويندڙ هر ساعت سٿيل آهي اذيت سان. جيون مُئل آهي، ان ڪتي جهڙو، جيڪو پيل آهي فوٽ پاٿ مٿان ٽنگون ٽيڙيون ٽن ڏينهن کان، پر ڪو به نڪ تي ڪپڙو ڏئي، ان کي ٽنگ کان جھلي گھِلي اڇلائي نٿو ڍير مٿان، ڪو به نه. ميونسپل ڪارپوريشن وارا به نه. جيون... گندو گٽر، جنهن ۾ انساني ڪونپل ڪلين جهڙيون خواهشون، آشائون، نراشائون گند بڻجي لڙهي رهيون آهن“. هو چئن ڪلاڪن کان هلندو رهيو آهي. مختلف رستن تان، گهٽين مان، ٻه گهر هوندي به هڪ اصلوڪو پراڻو گهر جنهن ۾ ماڻس، ٻه ڀينر ۽ کانئس وڏو ٻيو نمبر ڀاءُ رهندا آهن. ڊفينس سوسائِٽي واري نئين گهر ۾ وڏو ڀاءُ، ڀاڄائي، ۽ ڀائٽيو رهندو اٿس، انهن ٻنهي گهرن هوندي به هن جو ڪو گهر ناهي. ان ڪري جو هو بيروزگار آهي، بار آهي هڪ قسم جو. هاسٽل ۾ رهندو آهي ۽ ٻه ٻه ويلا بک ڪاٽيندو آهي. هن جي لاءِ ”سڀ رشتا ڪچن ڌاڳن جهڙا، ٿوري به ڇڪ آئي ۽ ٽڙاڪ، پوءِ سڀ ڪجهه اوپرو.....“ (پيلو ڌنڌ)
”آدم، سمنڊ، خوشبو“ جو ڪردار هميشه ايندڙ ڏک لاءِ ئي سوچي ٿو، نه ايندڙ سک لاءِ! هن جي من کي هميشه اُهو اُلڪو هوندو آهي ته ”هر ايندر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڏک کي ڏنڊا ٻيڙيون هنيون، پاڻ سان گڏ وٺيون پيو اچي.“ طارق عالم جا نوجوان ڪردار سوچين ٿا ۽ ڀوڳين ٿا (رات، سانت ۽ سوچون).
”ٽرئجڊي“ ڪهاڻيءَ جو ڪردار اليڪٽرانڪس ۾ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيل آهي، پر هن وٽ ڪا سفارش ڪانهي نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ. هن کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته سندس پيءُ مرڻ ۾ بيحد تڪڙ کان ڪم ورتو هو. ”بابا کي گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا اڃا جيئڻ کپندو هو. هاڻ ڪو به ته پنهنجو نه رهيو آهي بابا جي مري وڃڻ کانپوءِ ڄڻ سڀ سڃاڻپون مري ٺري آٺرجي ويون آهن.....“ هو انٽرويو ڏئي ڏئي ٿڪجي پئي ٿو. خودڪشي ڪرڻ مهل سرڪڻ ڦاهي پنهنجي گلي ۾ وجھي هن کي پنهنجي سنڌي هجڻ جو بيحد شدت سان احساس ٿيڻ لڳي ٿو. ”کيس اهڙي قسم جو احساس هر انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ آفيس کان ٿڙندڙ وکن سان نڪري فٽ پاٿ تي اچي اڪثر ٿيو هو.... آفيس کان ٻاهر نڪرندي، هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ هو ڪو شودر..... ۽ شهر جي آفيس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڄڻ آرين لاءِ ٺاهيا ويا هئا!“ هر انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ هو سوچي ٿو ته ”جيڪر هو ڪو ٻيو هجي ها....“ ڄڻ سنڌي هجڻ ڪو وڏو ڏوهه هجي هن ملڪ ۾! خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هو ”بند ڪمري جي کوهه ۾ زندگيءَ کان ٽمٽار هڪ مضبوط ٽهڪ ڏيڻ چاهي ٿو، پنهنجين سمورين ناڪامين ۽ مايوسين کي وساري.“
”هن وات کولي ٽهڪ ڏنو زور سان/ڪجهه وڌيڪ زور آور/۽ ڪجهه وڌيڪَ ڀرپور. پر هن کي حيرت ٿي، هر طرف ڪمري جي اونهين اڌ اونداهين کوهه ۾ ڳرا ڳرا سڏڪا هٿوراڙيون ڏئي ٻڏي ويا!“
”ڪٽيل سلسلو“ ڪهاڻيءَ جو اڪيهين سالن جو ڳڀرو قد آور جواڻ، مضبوط هاٺي، ڪنهن ڪاؤ بواءِ فلم جو ارڏو ڪردار ”سين“ پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاهه جو شِڪارُ آهي. هن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو ته ”اسان کي اهڙيءَ زندگيءَ مان ڇا حاصل جنهن ۾ اسان ڪنهن کي پنهنجو به چئي نٿا سگهون. ايستائين جو پنهنجو پاڻ کي به هن دنيا ۾ پنهنجو چوڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.“ پوءِ هن خالي ڪيپسول ۾ زهر جو سفوف ڀري، کائي ڇڏيو.
طارق عالم هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نهايت اهم ۽ چڀندڙ سوال پڇيو آهي: ”ڇا اسان جونسل خودڪشي ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي؟“ هن اهو سوال گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پڇيو هو. ۽ هاڻي 21 صديءَ جي 11 سالن گذرڻ کانپوءِ به اهو ساڳيو سوال ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوانن جي خودڪشي ڪرڻ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. جڏهن راجا رند روزگار جي لاءِ جاکوڙ ڪندي، ڪنڊياري کان اسلام آباد پهچي ٿو ۽ نيٺ مايوس ٿي پارليامينٽ جي اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏي ٿو. جڏهن نصير آباد، لاڙڪاڻي جو نوجوان نبي بخش سوهو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان اسسٽنٽ رجسٽرار ڪو آپريٽو سوسائٽي جي پوسٽ جو امتحان پاس ڪري، 11 مهينا آرڊر لاءِ ڌڪا کائڻ بعد بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري، خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو. تڏهن طارق عالم جو اهو سوال تپندڙ سج جيان سوا نيزي پاند تي اچي بيهي ٿو:
”ڇا اسان جو نسل خودڪشي ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي“.