ٺڪاءُ ته ٺو ـــ عبدالقادر جوڻيجو
ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته ڀرپور هوندا آهن، جن سان ٿيل نه، ته پهرين ملاقات ياد رهندي آهي ۽ نه وري ڪا پوئين ملاقات ياد ايندي آهي. سڀ ملاقاتون سُريليون. طارق ابڙو به اهڙو ماڻهو هو. مون کي ياد ناهي ته ساڻس پهرئين ملاقات ڪڏهين ٿي. آرٽسٽ سان پهرئين ملاقات آرٽسٽ جي بدران سندس آرٽ سان ٿيندي آهي.
ڪنهن زماني ۾ منهنجو وٽس وڃڻ ٿيندو رهندو هو. شامَ جو سندس، سِي ٽائيپ ڪوارٽر جي اڳيان وِهندا هئاسين ۽ بقول طارق ابڙي جي، ڀاڙي ڀُتي تي نظر رکندا هئاسين. سندس نِگاهون باهه جا اُلا ۽ ڳالهيون آرٽسٽڪ، مُڇن تي هٿ رکي اُڀيون ڪري ته ساهه وڃي. جي جملو ڇڪي هڻي ته به ساهه وڃي. جي ڀلا ڪلهي تي هٿ رکي ته سڀ درد دور. وٽس مهمانن جا راڄ لٿل هوندا هئا، پوءِ به سَرهو. غريب مڙس، پر دل درياهه شروع کان ئي. هڪ گڙدو گم ٿيل هوس. نه کيس خبر هئي، نه سنگت کي خبر پيئي. جسم ۾ موجودResistance Power جي حد هئي. ٻيو ڪجهه ڪو نه Genes جو ڪمال هو.
سنڌ جي ڪس سان لڳندڙ راجسٿان جي سوڍن جي خاص ۾ خاص ڊائيٽ آفيم آهي. جيڪو سوڍو آفيم نه وٺي ته ڄائو ئي نه آهي. هڪڙي ڏينهن مٿن اسٽوري ڪرڻ لاءِ بي ــ بي ــ سي ريڊيو جي هندي سروس جو نمائندو پهتو. سڀني سوڍن کي آفيم وٺندو ڏسي، نمائندي کانئن پڇيو: ”آفيم ڇو ٿا وٺو؟“
”هي امن جو نشو آهي. امن کي برقرار رکڻ لاءِ آفيم ٿا وٺون.“ سوڍن جي اها ڳالهه ٻڌي نمائندو وائڙو ٿي ويو.
”ڇا مطلب؟“
”مطلب اهو ته اسان جا وڏا صدين کان وٺي جنگيون وڙهندا آيا آهن. انهيءَڪري اڃا تائين اسان جي رت ۾ گھوڙن جون هڻڪارون ۽ تلوارون کڄنديون آهن. انهيءَ ڪري انهن گهوڙن کي بس ڪرائڻ ۽ تلوارون کي مياڻن ۾ وجهڻ لاءِ آفيم وٺندا آهيون. پوءِ امن ٿي ويندو آهي. امن جو نشو ٿا وٺون.“
وولپرٽ جو ذوالفقار علي ڀُٽو شهيد تي لکيل ڪِتاب. ٻاهڙ مير. راجسٿان جو جنرل سينڌو سنگهه ڀُٽو. اورنگزيب جي زماني ۾ مسلمان ٿيو ته جنرل سهتو خان ڀٽو. اورنگزيب بادشاهه جو جنرل سهتو خان ڀُٽو کي حڪم: ”سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي ابڙن باهه ٻاري ڏني آهي. آڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهن. کين وڃي سڌو ڪر.“
گهڻا ماڻهو لاڙڪاڻي کي صحرا سمجهي چون ٿا ته ڀُٽا صحرا جا رهاڪو آهن. غلط ڳالهه آهي. اهي ڀُٽا اصل راجسٿان جي صحرا جا رهاڪو هئا. فاطمه ڀُٽو جو ٺپو. ”اسان جا وڏا راجسٿان جا ويٺل هئا.“ ابڙن کي سڌو ڪرڻو آهي.
نثار کوکر جو قهري مضمون. بقا پور جي ابڙن تي. نثار کوکر وڻ وڄائي ڇڏيا ۽ مضمون ۾ ابڙن واري بقاپور کي ڪائو بواءِ فلمن جو سيٽ بڻائي ڇڏيائين. High Noon ۽ The Quick and the dead. اهي فلمون ڏسو يا نثار کوکر جو مضمون پڙهو. ڳالهه مڙيئي ساڳئي. لفظن کي Guns بڻائي ڇڏيائين.
راجسٿان جي سوڍن آفيم جو سهارو ورتو، طارق ابڙي قلم، ڪئميرا ۽ برش جو سهارو ورتو، ۽ پنهنجي Genes کي ٿڌو ڪيائين. هو سندس ئي لفظن ۾ ”چمن ٿي ويو.“ اهو به طارق ابڙو جو تڪيه ڪلام هو.
مون کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، ته گهر جي ڀاتين جي گهڻ ۽ مهمانن جي وٺ وٺان ۾ هن ايڏو وڏو مسودو ڪيئن لکيو. ماڻهو سدائين حيرت جو هنڌ رهيو آهي. انهيءَ ساڳي ڳالهه کي اسان جي مهراڻي جي ڪس ۾ چوندا آهن، ”ابا، ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻيءَ جو ڌڻي آهي.“ مطلب ته ماڻهو ڪڏهين به ڪجهه ڪري سگهي ٿو. پر طارق گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ اهو مسودو منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. حقيقت اها آهي ته مون لاءِ جيڪي هن آسمان هيٺان ڏکئي ۾ ڏکيون ڳالهيون آهن، انهن مان هڪ اها به آهي، هٿ اکرن ۾ لکيل مسودو پڙهڻ. دل ۾ چيم، ”مري ويس.“
پر جڏهين ”رهجي ويل منظر“ جو مسودو پڙهڻ ويٺس، ته ويس پڙهندو. جيڪي ڪُنيون اڳين سنڌي ناولسٽن چاڙهيون هيون، اُهي سڀ جو سڀ هڪڙي ڌڪ ۾ ڀڃي ڇڏيائين. منهنجي ٿوري گهڻي نظر بين الاقوامي ادب تي رهندي هئي/آهي. ڏٺم ته نيٺ ڪو نه ڪو بين الاقوامي سطح جو ناول سنڌي ٻوليءَ تي مهربان ٿيو آهي. اهو ئي حيرت جو هنڌ هو. جِتي ڪاري مٿي جي ڌڻيءَ پير رکيو. طارق ابڙو انهيءَ وقت ادب جو Dark House هو، جيڪو روشنين ۾ لهي پيو هو. هن ته اهو مسودو مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، پر مون ناول جو مُهاڳ به لکي ڇڏيو ۽ چمن ٿي بيهي رهيس. ناول ڇپيو، چوڌاري رڙيون پئجي ويون. هڪڙي پاسي ساڙ ۽ حسد ڪن ڪڍيا ته ٻئي پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ هڪٻئي پويان ”رهجي ويل منظر“ جا ست ڇاپا ڇپجي ويا ۽ اڃا الائي ڪيترا ڀيرا اهو ناول ڇپبو رهندو. سنڌي ادب جي ڪِني ۽ گندي پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل ٽڙي پيا. طارق ابڙو چمن ٿي پيو.
سَرن کي ته باهه وٺندي آهي، پر چمن ۾ گل و گلزار رهندو آهي. پر هڪڙي ڏينهن چمن کي باهه لڳي ته طارق ابڙو جو هڪڙو گڙدو آهي ئي ڪو نه. گڙدي جو ڊونر به کپي ۽ علاج به انگلينڊ ۾ ٿيڻو هجي. سنگت وٺ وٺان ڪئي ۽ سنگت جو قافلو سنڌڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو، جِتي انهيءَ وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو پهچڻو هو. نصير مرزا، نثار حسيني مرحوم، نور الهديٰ شاهه ۽ آئون. هزارين گاڏيون ڏسي پريشان ٿي وياسين. شايد وزير اعظم نه ملي. ڪنڊ ۾ ويهاريو ويو. پر محمد خان جوڻيجو سڀني ڀوتارن ۽ ڪامورن کي ڇڏي، پهرين پهرين اسان ڏي هليو آيو ۽ هفتي اندر ڪم ٿي ويو. طارق ابڙو، رضيه کي ساڻ وٺي لنڊن به پهچي ويو. جن کي ڪم ڪرڻو هوندو آهي، سي ائين ڪندا آهن. محمد خان جوڻيجو جنتي ماڻهو هو، سو ٺڪاءُ ته ٺو ڪري ڇڏيائين ۽ طارق ابڙو چمن ٿي ويو. جن کي ڪم نه ڪرڻو هوندو آهي، اهي آسري ۾ رکي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيندا آهن. جي ونگي جو ڄام ارباب غلام رحيم هجي ها ته طارق ابڙو کي ائين هٿان نه وڃايون ها.
لنڊن. ڄام صادق علي. طارق ابڙي تي هٿن جي ڇانئون ڪري ڇڏيائين ”امان رضيه، اسان مرد آهيون نڀاڳا تون آهين نياڻي. هل اندر، اسان کي بڪواس ڪرڻ ڏي، ڄام ڪانڀو خان جو اولاد آهيان، بک مرندس، پرطارق ابڙي کي هٿان وڃڻ نه ڏينداسين.“ جي نصيبن ۾ ڄام صادق علي ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي؟!
طارق ابڙي آخر تائين همٿ ڪانه هاري. سندس رت ۾ وڏن جا گھوڙا پئي ڊوڙيا ۽ تلوارون پئي کجيون. ڪراچي وڃڻ جهڙو نه هجان. سو فون ڪئي مانس. موت جي بستري تي هوندي به منهنجي همدردي وٺڻ بدران مون کي همٿ ڏياريائين، ”بابا، چمن ٿي وڃبو. پوءِ ملنداسين.“
اهو پوءِ جو ملڻ هميشه لاءِ دم ڇڏي ويو.
ناول ياد نٿو اچيم، پر ڪنهن لکيو هو ته: ”زندگي، ٻن اٿاهه روشنين جي وچ ۾ هڪ اڻ لکي ڪاري ليڪَ آهي.“
طارق ابڙو اڻ لکي ڪاري ليڪ ڇڏي، اٿاهه روشنيءَ ۾ هليو ويو. پر، ڪُلهي ڪانڌي ٿي نه سگهيس، جو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوس. اهو ڏک پاڻ کي يا عمر رهندو. باقي طارق ابڙو اڃا تائين اکين اڳيان پيو تري. ماڻهو مري ويندا آهن، پر پنهنجو تصور ڇڏي ويندا آهن.