شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

رهجي ويل منظر! (جائزو) ـــ ڪيهر شوڪت

يورپ، آمريڪا، دنيا ۾ اڄ ڪٿائي ساهت (Fiction) جي صنفن ۾ ناول جي وڏي اهميت آهي، اهوئي ڪارڻ آهي، جو اتي ناول ٻين ڪٿائي ساهت جي صنفن جي ڀيٽ ۾ گهڻو لکيو. ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. پر سنڌيءَ ۾ ان جي ڀيٽ ۾ مخالف رجحان آهي. ان جا ڪيئي جائز ۽ ناجائز ڪارڻ آهن، جن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي. اپاءُ وٺڻ گهرجن. ان لاءِ اڄ جو وقت ئي اهم وقت آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان تي اڃا ٻين ڳنڀير مسئلن تي سوچڻ جيان نه سوچيو ويو آهي. ان جا به ڪارڻ هوندا آهن. انهن تي به اسان کي ئي سوچڻو پوندو. اسان لاءِ ڪو آسمان تان لهي ڪونه ايندو. پر انهن مسئلن تي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جي گنجائش ڪانهي. ان ڪري انهن ڳالهين کي ڇڏي، سنڌي ناول ڏي موٽڻو پوندو. سو به ڇڙو طارق عالم جي آيل ناول ”رهجي ويل منظر“ جي حوالي سان. سنڌيءَ ۾ گهڻي وقفي کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ناول اچي ٿو. ان ڪري ڪٿ ڪرڻ ۾ ٻن انتهائن کان ڪم ورتو وڃي ٿو ـــ يا ته رديءَ ۾ اڇلائڻ جهڙي ناول کي، ته شاهڪاريت جي صف ۾ ليکيو وڃي ٿو. (”کاهوڙي کجن“ ناول لاءِ تاج بلوچ جي راءِ) يا ”شاهڪار ناول“ کي لويو وڃي ٿو. (”لڙهندڙ نسل“ تي رسول بخش پليجي جو تبصرو) مختلف خيالن، تعصبن کان متاثر ٿي ڪيل ڪَٿ، جا ڪَٿ اسان کي گهري نگاهه وجھڻ کان سواءِ ئي نظر اچي سگهي . انهن انتهائن، انهن وڌائن ۽ گهٽائن کان پاسو ڪرڻ کانسواءِ، اسان نه ته پنهنجي تقنيدي ادب سان انصاف ڪري سگهنداسين، ۽ نه وري شاهڪار تخليق سرجڻ ۾ ڪا مدد ڏئي سگهنداسين. ۽ انهن کي نه ڇڏڻ سان اسان به طارق سان، نه ٻين، نه وري سنڌي ادب کي ئي ڪو اڳتي وڌائي سگهنداسين.
طارق جي ”رهجي ويل منظر“ کي ڪوشس ڪري، مان ٽنهي بدعتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندس، پوءِ به سنڌي اديب هئڻ جي ناتي انهن بيمارين جو شڪار ٿي سگهان ٿو.
”رهجي ويل منظر“ يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري، سنجھا ۽ پنهونءَ جي ڪرداري رويي جي موضوع تي لکيل هڪ ناول آهي. سنجھا هڪ زماني شناس ڇوڪري آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ان کان اڳ به هوءَ ڪيترن ڇوڪرن سان، ۽ پنهون سان ملڻ کان اڳ ۽ پوءِ به، ڪار واري توڙي ٽيلي اسٽار ۾ دلچسپي وٺندي، ۽ انهن مان ڪا هڙ حاصل نه ٿيڻ ڪري، آخر پنهون کي ئي پنهنجو ڀاڳ سمجھي، پنهونءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. پر پوءِ هڪ ٻيءَ خوبصورت ڇوڪريءَ صبا جي پنهونءَ ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ پنهونءَ جي دوست ناردمنيءَ جي سازش ۽ ساڙ ۽ ظهير جهڙي آئيڊيل ڇوڪري جي ملڻ ڪري، پنهون کي درد جي بگھڙن جي حوالي ڪري، ظهير ڏي هلي وڃي ٿي. پنهونءَ جي زندگيءَ ۾ به سنجھا کان اڳ ڪافي ڇوڪريون آيون آهن ۽ پوءِ به صبا ڪافي ڪوشش ڪري ٿي، پر پنهون سنجھا جي خوبصورت، اٽريڪٽو، سيڪچوئل نه هئڻ باوجود به، صبا جهڙي سندر ڇوڪريءَ کي ڇڏي، سنجھا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجھي ٿو. ائين سنجها جي سيڊازم ۽ بيوفائي جو شڪار ٿي، اڻ سهه دک ڀوڳي، سک جي تلاش ۾ پهاڙن تي هليو وڃي ٿو. هونئن ناول ۾ ٻيا به اهم ۽ غير اهم ڪردار آهن، پر ناول انهن مٿي ٻڌايل ڪردارن تي ئي جڙيل آهي. ۽ انهن مان به خاص ڪري پنهون ۽ سنجھا ئي ڇانيل آهن. ان خيال کان جيڪڏهن هن ناول کي پنهون ۽ سنجھا جي ڪردارن جي اسٽئڊي چئجي ته غلط نه ٿيندو.
هاڻي اسٽئڊيءَ جي نگاهه کان جڏهن سنجھا جو ڪردار کڻجي ٿو، ته حيرت ۽ خوشي ٿئي ٿي. واقعي طارق سنجھا جي حوالي سان اڄ جي نمائنده ڇوڪريءَ کي پيش ڪندي ڪمال ڪيو آهي. هوءَ خوبصورت/اٽريڪٽو ناهي ته هن اها خامي پنهنجي بولڊنيس ۽ انٽليڪچوئلزم ۾ لڪائي آهي. هن جو زندگيءَ ۽ محبت کان مار کاڌي آهي ته سيڊسٽ ٿي پئي آهي ۽ هر پل اِنسيڪيورٽيءَ جي شديد احساس هيٺ رهي ٿي. هن کان جو سندس منزل کسي وئي آهي ته هن ان کي وساريو ناهي. هر وقت سندس سوچ، خيال ۽ خواب ۾ شهزادو، بنگلو، ڪار آهي ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ ننڍيون وڏيون شڪستون، فتحون ڏسندي، آخر وڏي لڙائيءَ کان پوءِ فتح حاصل ڪري، پوءِ ساهه پٽي ٿي. ان حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪير مري ٿو، ڪير جيئي ٿو، ان جي هن کي پرواهه نٿي رهي. سنجھا جي ڪردار کي خوبصورتيءَ ۽ ڪلاڪاريءَ سان چٽڻ جي اصل خبر ناول کي پڙهڻ سان ئي پوندي ـــ ته ڪيئن پل پل موقعي ۽ مهل سان ڪردار جو قول ۽ فعل ۽ نفاست ڦرندي گهرندي رهي ٿي ۽ ڪيئن سندس ڪردار جي هر جھلڪ جسٽيفائيڊ لڳي ٿي. ڪجهه به جُڙتو، ليکڪ طرفان مڙهيل نٿو لڳي. سنجھا کي پڙهندي ۽ سمجھندي. احساس ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اڀرندڙ اڄ جي ڇوڪريءَ جو حقيقي چتر چٽيو ويو آهي. پر اهڙو گهرو احساس پنهونءَ کي پڙهندي نٿو ٿئي. لڳي ٿو. پنهونءَ جي ڪردار سان صحيح معنيٰ ۾ انصاف نه ٿيو آهي. ڇو ته پنهون ڪو مسيت جو ڪک ڪونهي. هن جي زندگيءَ ۾ سنجھا کان اڳ به ڪافي ڇوڪريون آيون آهن ۽ انهن دوران سندس چواڻي سندس ڪردار سرحدون پار ڪرائڻ وارن جهڙو رهيو آهي. ۽ جنهن کي اهو به احساس آهي ته ”هڪ نه هڪ ڏينهن تون به اڪيلو ڇڏي هلي ويندينءَ“. يا ”جيڪا منهنجي شرٽ جا اهي بٽڻ جيڪي ننڍپڻ کان بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو هئس، پنهنجي هٿن سان بند ڪرڻ لڳي آهي، هلندي هلندي ڪنهن به ايندڙ پل ۾ منهنجي هٿ مان هٿ ڇڏائي، مرجھايل گل ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏئي هلي ويندي!“ ايڏي تجربيڪار ۽ وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ مشاهدن ماڻيل ڪردار جو سنجھا جي ڇڏي وڃڻ تي اهڙو جذباتي ٿيڻ، ايڏي ڏک ۾ گھيرجي وڃڻ عجيب ٿو لڳي. اهڙو جذباتي ۽ دکي هڪ سيکڙاٽ ۽ نويل ته ٿي سگهي ٿو، پر پنهون نه ـــ جنهن کي ان پيار دوران بيزاري، يڪسانيت ۽ ڏک جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿو، ۽ ان سان گڏ علي ۽ سندس گهر واريءَ جي وهنوار ذريعي، پيار جي وهانءَ جي پڇاڙيءَ واري رنگ جو به مشاهدو ماڻي ۽ ان سان هو بيوفائي جي سُڌ نه هئڻ تائين نارمل به رهي ٿو. پر ان کان پوءِ هن جو جذباتي ٿي وڃڻ، سنجھا کي گهرائڻ ۽ پاڻ سان محبت جي اظهار لاءِ ايلاز ڪرڻ ۽ آخر ۾ پاڻ کي سٺن عاشقن ۾ شمار ڪرائڻ لاءِ سنجھا کي آخري ملاقات جي صدقي اسڪوٽر تي گهر ڇڏي اچڻ. اهو سڀ پنهون جهڙي ڪردار جي حوالي سان ٺيڪ نٿو لڳي. جي طارق کي پنهون جو ڪردار ائين ئي کڻڻو هو ته هن کي پنهون کان سندس سموري ڄاڻ، مشاهدا ۽ تجربا کسڻ گهرجن ها. پوءِ ئي پنهون منڍ کان پڇاڙيءَ تائين جسٽيفائيڊ ٿئي ها. باقي پنهونءَ جو آخر ۾ ايترو دکي ۽ جذباتي ٿيڻ کي هڪ ناڪام عاشق بجاءِ اڄ جي ماڻهوءَ جي وجود کي بي وجود بنائڻ، ان جي بي عزتي جي احساس ۽ ان کي پاتالن ۾ ڪيرائڻ جي ڪري مڇرجي، جذباتي ٿيڻ جي حوالن کان کڻجي ها ته، نه رڳو پنهونءَ جو ڪردار جسٽيفائيڊ ٿئي ها، پر ناول جي اهميت کي اڃان به وڌائي ها. منهنجي خيال ۾ طارق وٽ ناڪام عاشق ۽ اڄ جو ماڻهو مِڪس ٿي ويا آهن، ان ڪري ئي هو پنهونءَ سان ڪجهه نا انصافي ڪري ويو آهي، باقي پنهونءَ جو آخر ۾ پهاڙ تي وڃڻ ۽ سک ماڻڻ فطري آهي. اهڙو ڪردار پهاڙن تي ويندو يا ڪنهن به ٻئي هنڌ پري وڃڻ ئي پسند ڪندو. ان جو هن کي اڃا به چاهڻ، انتطار ڪرڻا هو سڀ هٿرادو پيدا ڪيل ۽ اسڀاويڪ آهي. هونئن صبا وٽ پنهونءَ جو دک ۾ وڃڻ اسڀاويڪ نه آهي. پر صبا جو هن کي بيڊ روم ۾ وٺي وڃڻ، پيارڻ، پنهنجي مڙس کي بي انتها سٺو ۽ مهان مڃڻ باجود سِليپنگ گائون لاهي، هن کي پيار جي آڇ ڪرڻ غير حقيقي ۽ ناٽڪي ٿو لڳي. پاڻ ضروري هو ته صبا جي حوالي سان پنهون اڃا به زندگيءَ جي ٻين حقيقتن جو ادارڪ حاصل ڪري ها. صبا جي حوالي سان هو جذباتيت جو موت به ڏَسي پئي سگهيو، جيڪو ئي شايد سڀاويڪ لڳي ها.
ناول جي ڪردارن جي اڀياس کان پوءِ جڏهن ٻين ڳالهين ڏانهن اچجي ٿو، ته ڪل پئي ٿي ته طارق هن ناول کي ايڊريسنگ/مخاطب ڪرڻ واري انداز ۾ لکي، پنهنجي سجاڳ رچناڪار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن پلاٽ، هن موضوع ۽ هنن ڪردارن لاءِ شايد ئي ڪو ٻيو فارم يا ٽيڪنڪ صحيح ٿي سگهي ها. هن انداز به ناول کي اثرائتو بنائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ـــ ۽ جڏهن پنهون ۽ سنجھا هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن ٿا، تڏهن ڊائري ۽ عيد ڪارڊ جي ذريعي پنهنجي نقطي نگاهه کي پيش ڪرڻ، خود ليکڪ جي باشعور هئڻ جو ثبوت آهي. انهن کي هو پهريائين به پيش ڪري پئي سگهيو، پر هن ائين نه ڪيو آهي، سواءِ ڪنهن هنڌ ضمني طور پيش ڪرڻ جي. مواد جي خيال کان ناول تمام اهم آهي. عام طور اسان جڏهن به ڪنهن ڪٿائي ساهت ۾ ڪو مواد پيش ڪندا آهيون، ته اهو روايتي، ورجايل پاروٿو ۽ ٻين تمام گهڻن جو ڪُٽيل ليڪو هوندو آهي. پنهنجو شخصي ڀوڳيل، سمجھيل يا حاصل ڪيل نه هوندو آهي. ۽ ان ڪري نه ادب مان مسرت، حِظ ملندو آهي ۽ نه وري ڪنهن ائين اڻ ٻڌل، اڻ محسوس ڪيل ڳالهه جي ڪا سُڌ پوندي آهي، پر ”رهجي ويل منظر“ سنڌي ادب جي ان بِدعت کان تمام پري آهي. پڙهڻ سان نه رڳو محظوظ ٿجي ٿو، مسرت ملي ٿي، پر گهڻو ڪجهه نئون ۽ گهڻن جو اڻٻڌل ۽ اڻ سمجھيل ملي ٿو ـــ ۽ ان ڪري گهڻن جي ڀرمن کي ڌوڏيندڙ پڻ ثابت ٿئي ٿو. ۽ اها منهنجي خيال ۾، ناول جي خوبي ڪا گهٽ ڪانهي. تشبيهن کي جيتوڻيڪ اڄ جي ڪهاڻي ساهت ۾ اهميت نٿي ملي، جيڪا اڳ هئي. پوءِ به تشبيهن جي پنهنجي خوبصورتي آهي. شرط اهو آهي ته ليکڪ ان ۾ تخليق کان ڪم وٺي، هزارين ڀيرا ورجايل، اوبر تشبيهون ڪتب نه آڻي ۽ ان خيال کان اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا ليکڪ به ڪونهن. رڳو آغا سليم ۽ موهن ڪلپنا ئي آهن ۽ جديد حوالن جي خيالن کان ته ڇڙو موهن ڪلپنا ئي آهي ـــ ۽ ”رهجي ويل منظر“ سان ان ۾ طارق جو به اضافو ٿيو آهي. ڪلپنا کان پوءِ طارق ئي هڪ اهو ليکڪ آهي، جنهن جديد، نيون، خوبصورت تشبيهون ڏنيون آهن. سنجھا جا ٽهڪ ڪارا گلاب جا گل ٿا محسوس ٿين. جي خوش ٿي لڳي، ڳاڙها گلاب آهن. هو دوست گلوڪوز جو ڀريل گلاس ٿو لڳي، اداس فرسٽيڊ ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ ڪتابن جهڙيون ٿيون لڳن. رقيب وڏن بنگلن ۾ پلجندڙ فيشني ڪتا ٿي ويا آهن ـــ اهڙيون ۽ٻيون کوڙ نيون تشبيهون، اهو طارق ئي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. آخر ۾ ڇڙو اهو چوندس، ته طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ ڪجهه خامين هوندي، گهڻين خوبين سان ڀريل ناول آهي. جي ههڙا گهڻي ڀاڱي ڪامياب ڪجهه ٻيا به ناول لکيا ويا، ته انهن جي اڀياس، اتهاس ۽ روايت سان سنڌيءَ ۾ وڏا ۽ شاهڪار ناول جنم وٺي سگهن ٿا.