شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

ادب جي غربت گھٽ، ذهن جي غربت وڌيڪ....! ـــ نور الهديٰ شاهه

منهنجي به خواهش هئي طارق جي ناول تي تفصيل سان لکڻ جي، پر ايترو ٽائيم نه ملي سگهيو. مون کي هِتي ويٺي ويٺي لڳو ته اسين ”سنجھا“ ۽ ”پنهونءَ“ ۾ ڪجهه وڌيڪَ وچڙي ويا آهيون. جيترو اسان کي ناول تي يا ناول جي صنف تي ڳالهائڻ کپندو هو. ان بدران اڄوڪي شامَ جو وڏي ۾ وڏو پرابلم ”سنجھا“ ۽ ”پنهون“ ٿي پيا آهن. طارق جي ناول تي ڳالهائڻ کان پهرين آنءُ ناول جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندس.
اسان وٽ جڏهن سنڌي ادب جي ڪجهه صنفن شاعري، ڪهاڻي ۽ خصوصي طور جڏهن ناول جو ذڪر اچي ٿو. اتي اڪثر منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه اچي ٿي، ته اسان زمين جي ورهاڱي سان گڏوگڏ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ جو به ورهاڱو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ادب اسان جو اهو آهي. جيڪو ”هند“ ۾ لکيو وڃي ٿو. ٻيو ادب اسان جو اهو آهي جيڪو ”هِتي“ لکيو وڃي ٿو. اسان جڏهن ڪهاڻي، شاعريءَ ۽ ناول تي ڳالهايون ٿا. خاص طور تي جڏهن ڪهاڻي، جديد شاعري، جديد ناول تي. ته اسان ”هند“ ۾ لکجندڙ سنڌي ادب کي وساري ڇڏيون ٿا.
جيتوڻيڪ مون ڏٺو آهي، ته جڏهن اردو ليکڪ ڳالهائين ٿا اردو ادب تي، ته هو ان ۾ سرحدن کي ختم ڪن ٿا، ورهاڱي کي ختم ڪن ٿا ۽ مجموعي طرح سان ”اردو ادب“ تي ڳالهائين ٿا. ”عصمت چغتائي“ هجي يا ”شوڪت صديقي“ هجي. هنن جو هڪڙو ئي معيار آهي، هڪڙي لائين تي هلن ٿا. تنقيد جا ماپا هنن جا پنهنجا آهن. ان حوالي سان، اسان کي ڪم از ڪم مون کي جديد سنڌي ناول ايترو غريب نظر نٿو اچي. جيڪڏهن آنءُ ”هند“ ۽ ”سنڌ“ جي ناول کي گڏي ڳالهائيندس ته ــ ۽ اسان کي گڏي ڳالهائڻ ئي گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن ”لعل پشپ“، ”محمد بن قاسم“ جي نالي سان ”حيدرآباد“ تي ناول لکي ها، ته ڇا هو اسان جو ناولسٽ هجي ها....؟ جيئن ته”لعل پشپ“ هندستان ۾ ويهي لکي ٿو ان ڪري اسان پنهنجي ناول تي ڳالهائيندي. پاڻ کي انهن کان الڳ ڄاڻايون ٿا ۽ انهن ناولسٽن کي نظر انداز ڪريون ٿا. اها هڪڙي اسان سنڌين پنهنجي پاڻ سان ڪئي آهي.
رهيو سوال طارق جي ناول تي ڳالهائڻ جو، ته اسان جڏهن ڪنهن اديب کي ”شاهڪار“ ۽ ”عظمت“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيون ٿا (اسان پاڻ به شروع ۾ اهي سرٽيفڪيٽ ورتا آهن) اهي شيون اهي ڳالهيون جيڪي آهن، ماڻهو جڏهن نئون نئون اچي ٿو ته ان قسم جا سرٽيفڪيٽ ڏاڍا اٽريڪٽو لڳن ٿا...
سو بهر طور جڏهن اسان جا ميچوئر رائيٽر ”شاهڪار“ ۽ عظمت جون ڳالهيون ڪن ته شايد اسان ان شخص جو رستو روڪي ٿا ڇڏيون. يا مان طارق جي ناول کي سنڌيءَ ٻوليءَ جو شاهڪار ناول سڏيان ته آءٌ سمجهان ٿي ته ايندڙ ناول جيڪي يقيناً شاهڪار لکيا ويندا، ته انهن جو رستو روڪي ٿي ڇڏيان. ته ڪهڙن لفظن ۾ اسان انهن ايندڙ ناولن تي ڳالهائينداسين؟....
اسان کي طارق جي ناول ۾ اها عجيب ڳالهه يا شاهڪار پڻو پنهنجي طرفان ان ڪري نظر ٿو اچي، جو ڪافي عرصي کانپوءِ اسان وٽ هڪ اهڙو ناول لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اجائي نعري بازي يا جذباتيت ناهي (هن ۾ به آهي جذباتيت پر يونيورسٽيءَ جي حوالي سان) پر ڪافي ريئلسٽڪ ٿي ”طارق“ هن ناول کي لکيو آهي. اها پهرين لکڻي آهي جيڪا يونيورسٽي جي حوالي سان مون پڙهي آهي. ۽ جنهن ۾ نعري بازي ڪانهي ڪنهن به قسم جي. اسان جو ليکڪ جڏهن ــ هِتي آءٌ پنهنجي ڳالهه ڪنديس ته يونيورسٽي پوائنٽ آف ويو کان اسان جي لاءِ ”جيئي سنڌ“ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ضروري ٿي پوي ٿو. ۽ اسان اڃا تائين پاڻ کي يونيورسٽي جي حوالي سان نعريبازي مان آجو ڪري نه سگهيا آهيون. ۽ يقيناً آءٌ طارق کي اهو ڪريڊٽ ڏينديس ته هن، عام ڪردار کنيا آهن جيڪي سياسي وهڪري کان هٽي ڪري هلن ٿا.
”سنجھا“ جو جيستائين ڪردار آهي. ته جڏهن مون ناول پڙهيو، ته منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته: ”ڇا، اها ڇوڪري فقط هڪ سنڌي ڇوڪري آهي!؟“ ڇو ته ان جو نالو ”سنجھا“ آهي. ۽ ”سنجھا“ نالي جي حوالي سان، يا ”طارق“ ان کي سنڌي ڇوڪري ڄاڻايو آهي. مون کي نه لڳي. بهرحال جيڪڏهن سنڌي ڇوڪري ڏيکاري ٿي وڃي ته ان جي سماجي پسمنظر کي ضرور کنيو وڃي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. ڇو ته هي ناول جڏهن به پڙهيو ويندو، تڏهن اهو سوال ٿيندو ته، ”ڇا 1984ع جي حوالي سان جڏهن اهو ناول سامهون آيو، ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڇوڪري ائين هئي....!؟ يا ائين ٿي سگهيو ٿي!؟“
پر جيڪڏهن مجموعي طرح سان ان ناول کي سنڌي سماج جي پسمنظر مان ڪڍي، اسان جو جيڪو به سماج آهي، اهو اردو دان طبقي جو سماج هجي يا پنجابي سماج هجي. انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن هن ناول جي پلاٽ کي کنيو ويو آهي. ته آءٌ يقيناً ان کي ايترو گهرو نه کڻنديس جيترو آءٌ ”سنجھا“ جي حوالي سان سنڌي ڇوڪري جي معاملي ۾ ”ڪانشس“ ٿي ان ناول کي پڙهان ٿي ـــ ٻي راءِ اها به آهي ته ”سنجھا“ کي يا ”پنهونءَ“ کي يا ٻيا ڪردار جيڪي به آهن، انهن کي فرشتو ڪري نه کنيو ويو آهي.
هن دؤر ۾ اسان وٽ اسان جي ٽهي يا اسان سان گڏ اچڻ وارا ۽ اسان کانپوءِ اچڻ وارا ليکڪ جيڪي رومينٽڪ ڪهاڻيون لکن پيا. انهن وٽ ڪردار جذبات جي انتها تي پهچي فرشتا ٿي پون ٿا. وڇوڙو يا ملڻ، يا جيڪي به انهن جون فيلنگس ٿين ٿيون سي هن سان انهن کي فرشتو ثابت ڪن ٿيون. پر طارق جي هن ناول ۾ ڪم از ڪم مون کي اها ڳالهه تمام گهڻي وڻي ته نيگٽو ڪردار ايترو ته سهڻي نموني سان هلن ٿا ۽ ناول ۾ طارق جي لکڻ جو جيڪو وهڪرو رهيو آهي. جنهن مان اهو مون سمجھيو ته، طارق، ناول ۾ ڪردارن جي نفسيات کي هٿ مان ناهي ڇڏيو. سماجي پسمنظر ۾ ناول جي حوالي سان ــ يا ــ يونيورسٽي جي ماحول جي پسمنظر ۾ طارق، شايد ڪجهه وڌاءُ به ڪيو هجي. پر ڪردارن جي ”ايج“ کي ذهن ۾ رکندي هو هر ڪردار جي نفسيات جي معاملي ۾ ڏاڍو ڪانس رهيو آهي شروع کان وٺي آخر تائين.
ضروري ناهي ته رومانس ۾ ماڻهو قربانيون ڏي. يا هن زماني ۾ ”مومل راڻي“ جهڙا ڪردار تخليق ڪيا وڃن. ان حوالي سان به هن ناول جا ڪردار تمام گهڻي حقيقت پسندي سان پاڻ ۾ مڪس ٿين ٿا. آءٌ ان حوالي سان ڪڏهن به شاهڪار ناول ڪونه چونديس. ٿي سگهي ٿو اهو شاهڪار ناول اڳتي هلي طارق عالم ئي لکي ۽ اسين ان ناول کي شاهڪار ناول چئون.
بهرحال مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان.... مون سنڌيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ناول به پڙهيا آهن. جن ۾ اڄ به عجيب قسم جو رومانس جيڪو اردو ڊائجسٽن يا عورتن جي ڊائجسٽن ۾ اڪثر اردو افسانه نِگار لکندا آهن. جيڪي عجيب مضحڪه خيز افسانا هوندا آهن. رومانٽڪ مون سنڌيءَ ۾ به اهڙي قسم جون لکڻيون پڙهيون. پر طارق جو ناول پڙهڻ کانپوءِ اها ضرور اميد ٿي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته طارق هٿان. يا منهنجي هٿان. يا اسان جي ٽهيءَ جي هٿان، يا مون کان پهرين اچڻ واري ٽهي هٿان، يا اسان کانپوءِ اچڻ وارن مان ڪو به، ان کان وڌيڪَ سٺو ڪو شاهڪار ناول لکي.
۽ حقيقت ۾ اسان جي لاءِ ناول لکڻ جو صحيح معنيٰ ۾ ”نئين ٽهيءَ“ لاءِ، هاڻي رستو کليو آهي. جو نه صرف طارق جي لکيل ناول جي ڪري اسان کي چئلنج لڳي ٿو. ته طارق ناول لکيو آهي، ته اسان ڇو نه لکون!؟ ــ پر هِتي اها ڳالهه به چوندي هلان ته طارق غير ضروري جذباتي ۽ عورتاڻي رومانٽڪ اسٽائل مان اسان جي ناول کي ڪم از ڪم ڪڍيو آهي. اهو ڪريڊٽ آءٌ طارق کي ضرور ڏيندس. نه ته اسان جي حالت اها آهي ته اسان جيڪڏهن ”آگ ڪا دريا“ ناول جي اسٽائل تي ناول لکون ٿا، ته اسان ان کي به سنڌيءَ جو عظيم ناول ٿا چئون. حالانڪه ائين هئڻ نه گهرجي. انهيءَ ۾ اسانجي ادب جي غربت گهٽ، اسان جي ذهن جي غربت وڌيڪَ واضح ٿئي ٿي....