زرد ڦول ٻٻرن جا واٽ تي ڇڻي پوندا ـــ منور سراج
(طارق عالم جي مرتئي تي احساسن جي بي ترتيبي)[/b]
مون اڳ ئي ڄاتو هو
لاڙ جي هوائن جيان
ڪڏهن هليو ويندس
زرد ڦول ٻٻرن جا
واٽ تي ڇڻي پوندا
مان جڏهن هليو ويندس
(اياز)
کيس مان فون ڪيان ٿو ۽ اسڪرين ڏانهن ڏسان ٿو اسڪرين تي طارق عالم جو باک جهڙو اجرو نالو املتاس جي گلن جيان جرڪي رهيو آهي. مان حيرت ۽ خوشيءَ مان خوشبوءِ ٿي ٿو وڃان. هونءَ به الاءِ ڇو طارق عالم جو نالو هميشه ڪنهن گهري، پُر اسرار ۽ اُداس اُداس خوشبوءَ جئان مون سان گڏ رهيو آهي.
فون اٽينڊ ڪيان ٿو.
”سائين طارق خوش آهيو؟“
”ها..... منور..... مان خوش آهيان.... پر تون فون اٽينڊ نه پيو ڪرين..... ڇو؟.... ٽيون ڀيرو رنگ ڪئي اٿم“
طارق جي لهجي ۾ ڪاوڙ ڏسي ڊڄي ٿو وڃان.... ۽ وضاحت ٿو ڪيان ”سائين.... آفيس ۾ گهڻو گوڙآهي.... ان ڪري.... سوري.... آواز ٻڌي نه سگهيس....“
طارق عالم جو لهجو ناراضگيءَ جي اُسَ اورانگهي پيارَ جي ڇانوَ ۾ تحليل ٿيندو ٿو وڃي.
”چڱو..... ٺيڪ آهي. هاڻي منور ڇا آهي ته: حيدرآباد ريڊيو وارا مون بابت ڪو پروگرام پيا ڪن.... ان سلسلي ۾ اُهي منهنجي دوستن کان تاثر وٺڻ گهرن ٿا.... مون انهن کي تنهنجو نالو ۽ فون نمبر ڏنو آهي.... هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هو توسان رابطو ڪندا.... منور منهنجي خواهش آهي ته تون منهنجي لاءِ ڳالهائين.“
طارق عالم پنهنجي مخصوص آرٽسٽڪ آواز ۾ چئي ٿو. ۽ مان خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپان.
”ها.... طارق سائين.... بلڪل..... اهو ته منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي..... طارق عالم بابت ڳالهائڻ منهنجي خوشنصيبي آهي.....“ مان ڌڙڪندڙ دل سان چوان ٿو..... ۽ پوءِ فون بند ٿيڻ بعد هڪ ڊنل دل سان سوچيان ٿو مان هڪ ننڍڙو ماڻهو ايڏي وڏي آرٽسٽ بابت ڇا ٿو ڳالهائي سگهان؟ سو به ايتري مختصر وقتَ جي نوٽس تي!! هوڏانهن طارق عالم جهڙو منفرد ۽ محبوب ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نِگار، آرٽسٽ ۽ هيڏانهن مون جهڙو بنهه معمولي ماڻهو.... به چار ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکي ليکڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويل جيتامڙو...!! ۽ سچي ڳالهه هي آهي ته ان مهل مان پاڻَ کي لکڻ توڙي ڳالهائڻ جي هنر کان بي خبر محسوس ڪيان ٿو.... ۽ ان کان اڳ جو مون ڏي ريڊيو وارن جي فون اچي ۽ اچي مونکي صليب تي کڙو ڪري مان پين پنو کڻي لکڻ ٿو لڳان:
”طارق عالم جديد سنڌي ادب جو اُهو راڻو آهي جنهن کانسواءِ سنڌي ادبَ جي ڪاڪ بي معنيٰ ۽ بي رنگ هجي ها. طارق عالم فِڪشن جي دنيا جو اهو شهزادو آهي جنهن کانسواءِ سچ ته سنڌي ادب ايئن ٻُسو هجي ها جهڙو ڪنهن وڌوا جي سينڌ“.
هٿ ۾ ڏڪندڙ پين سان تڙ تڪڙ ۾ ٻه چار جملا لکي پاڻ کي ڪجهه Relax محسوس ڪيان ٿو.
پر ان ڏينهن الاءِ ڪهڙي سبب ريڊيو وارن جو فون نه ٿو اچي ۽ مان شامَ جو پنهنجا لکيل اهي جملا طارق عالم ڏي موبائيل تي لکي اُماڻيان ٿو.
۽ ٻئي پل طارق جو ميسيج اچي ٿو:
”منور! اهو سڄو تنهنجي محبت جو ڪمال آهي جو تون ايئن سمجھين ٿو....“
۽ مان پنهنجي مُنهن ڀُڻڪان ٿو:
”پيارا طارق! تنهنجي تخليق به محبت جو معجزو ئي ته آهي.... محبت ئي ته هن ڪائنات جو بنيادي جوهر آهي.... دانشوري جي ڌوڙ ۾ اسان جا چهرا دزجي ويا آهن.... محبت جي بارش ئي اسان جي اکيون اجاري سگهي ٿي..... اسان جا مُنهن ڌُئاري سگهي ٿي“ ۽ ها سچي ويجھڙ ۾ جڏهن طارق ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿي آيو ته مون ڏي به ”مهراڻ“ جي هڪ اعزازي ڪاپي اچڻ لڳي. جنهن ڏينهن به ڪاپي پهچندي مان ان ڏينهن ان پل طارق کي ”موٽ“ رسيد طور لکندس.
Dear Tariq !
Mehran Received
Thanks a lot.
پر انهيءَ دوران هڪ دفعي مون کان هڪ ڪوتاهي ٿي وئي. ”مهراڻ“ پهتو پر مان موٽ رسيد موڪلي نه سگهيس. ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ طارق جو ميسيج آيو.
”منور! مهراڻ مليو؟“
...... ماءِ گاڊ.......
لاپرواهي ٿي وئي. پڇتاءَ جو احساس..... پريشاني.... طارق جي محبت جو موٽ ۾ اهڙي ڪوتاهي؟ خبر به اٿم ته طارق طبيعت جو ڏاڍو تيز آهي. ۽ هجي به ڀلا ڇو نه. آرٽسٽ هوندا ئي ايئن آهن. اهي پنهنجي اندر ۾ هڪڙو سمنڊ سانڍي هلندا آهن ۽ طارق ته آهي ئي ازل کان هڪڙو مُضطرب روح جنهن جي سرير ۾ سدائين هڪڙو بي قابو سمنڊ ڦٿڪندو رهي ٿو.
هي ”رات، سانت ۽ سوچون.“
هي ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“
هي ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“
هي ”رهجي ويل منظر“
۽ هي ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڇا آهن؟ اهي انهيءَ بي قابو سمنڊ جون سپون ئي ته آهن.
۽ مان ڇرڪ جي ڇوليءَ ۾ ڇلندي ڏانهس ميسيج لکان ٿو.
”ها طارق! ”مهراڻ“ پهتو“
وري لکيائين: ”پوءِ تو اطلاع ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي؟“
دل جھلي دل جي سچائيءَ سان پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي لکيم: ”طارق سائين! غلطي ٿي وئي. پنهنجي قدمن تي منهنجا هٿ قبول ڪجان“ بئي پل سندس جيڪو ميسيج آيو اهو مهرباني ۽ معصوم لڙڪن ۾ آلو هو. ان ۾ شفقت جو هُڳاءُ هو. لکيو هُئائين: ”مُنور يار! سدائين آباد هُجين“
۽ ان پل منهنجي اکين مان ٽهه ٽهه ڳوڙها ٽمي پيا. ۽ مون کي طارق جي ڪاوڙ تي اڳ کان به گهڻو گهڻو پيار اچي ويو. هونءَ به جيڪي ماڻهو اسان سان پيار ڪندا آهن انهن کي اسان تي ڪاوڙ جو به حق هوندو آهي. جيڪي اسان سان پيار ئي نه ڪندا آهن انهن کي اسان تي ڪاوڙ لڳندي به ڇو؟
سچ ته هي آرٽسٽ پنهنجي روح ۾ مائرن وانگر هوندا آهن. مائرن جي ڪاوڙ به ڀلا ڪهڙي ڪاوڙ. سچوآرٽسٽ خدا جو پرتوو هوندو آهي ۽ اسان وٽ ڀلا آرٽسٽ هوندا ئي ڪيترا؟ ڀٽائيءَ کان اياز تائين ۽ اياز کان طارق عالم تائين شايد آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ. طارق عالم انهن آرٽسٽن جي قبيلي مان ناهي جيڪو رڳو عشق جو اٺون آسمان تخليق ئي نه ڪندا آهن پر اُهي عشقَ جو اٺون آسمان چادر جيان پنهنجي مٿان تاڻي به سگهندا آهن. اُهي رڳو لفظن ۾ ئي پيار جي پنجين موسم پينٽ نه ڪندا آهن پر اُهي پيار جي پنجين موسم ۾ هميشه لاءِ ٽڪي به پوندا آهن ۽ ڪڏهن به پيار جي پنجين موسم کان ڌار نه ٿيندا آهن. پيار جي پنجين موسم هر وقت ساڻن گڏ رهندي آهي، سندن اکين مان ليئا پائيندي رهندي آهي ۽ رکي رکي سندن نيڻن مان هارجي پوندي آهي. اُهي سرتاپا سپنو ٿي وينداآهن ۽ پنهنجي هر ڪيفيت سان سچا هوندا آهن. ۽ جيڪي ليکڪ پنهنجي پاڻ سان ته ٺهيو رڳو پنهنجي هڪ پل جي ڪيفيت سان به سچا نه هجن ته اُهي آخر اهڙي سٽ ڪيئن سرجي سگهندا جيڪا سٽ لطيف ۽ اياز جي سٽن جيان صدين جي سيني ۾ دل وانگر ڌڙڪندي رهندي آهي ۽ مگرمان جي ٿاپ وانگر ور ور وڄندي رهندي آهي. سچ ته طارق عالم پنهنجي اندر توڙي ٻاهر ۾ هڪڙو مڪمل آرٽسٽ هو، جنهن سان ۽ جنهن جي تخليق سان ملي ماڻهو هڪ پل ۾ صديءَ جو سواد ماڻي سگهي ٿو. ۽ مون اهو سواد سوين دفعا ماڻيو آهي. مون هڪ شامَ جڏهن سندس ڪهاڻي ”فريم“ پڙهي پوري ڪئي ته منهنجي حواسن تي انهيءَ مَڌُ جا کيپَ خُمارَ ڇانئجي ويا جيڪا مڌ ڪهاڻيءَ جي نائيڪا ۽ نائيڪ ڪينڊل لائيٽ جي ڌيمي روشنيءَ ۾ سرڪ سرڪ پيئن ٿا. مان ڪرسيءَ تان اُٿي فرش تي هلڻ ٿو لڳان ۽ منهنجا پير ايئن ٿڙڻ ٿا لڳن ڄڻ مان طارق جي ڪهاڻي پڙهي ڪرسي تان نه اُٿيو هُجان پر ٻه چار پيالا مڌ جا پي ڪنهن مڌوشالا مان نڪتو هُجان.
ها ۽ آءٌ انهن ٿورڙن خوشنصيب دوستن مان هڪ آهيان جن کي طارق عالم جهڙي بي نياز آرٽسٽ جي دوستيءَ جي دائري ۾ رهڻ جو شرف حاصل آهي..... سچ ته طارق عالم جي دوستي ڪنهن اعزازَ کان گهٽ نه هئي. اهو طارق عالم ئي هو جيڪو منهنجي شروعاتي ادبي دور ۾ مون کي ڪنهن محسن وانگر مليو ۽مونکي پنهنجي مُرڪَ جي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتائين. اهو طارق عالم ئي هو جنهن منهنجي پهرين ڪهاڻي ڪتاب جو مُهاڳ لکي مونکي بي اعتماديءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي اعتماد جي ڌرتيءَ تي وٺي آيو. نه ته اسان وٽ اسان وارا ادبي نقاد هر نئين ليکڪ کي ڪُهڻَ لاءِ ڪاتيون تکيون ڪيو ويٺا آهن ۽ مونکي معلوم آهي ته طارق وٽ ڪنهن جي تخليق جي پرک لاءِ ڪهڙي ڪسوٽي هئي پر مون کي اهو معلوم نه آهي ته هن وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي پرک لاءِ ڪهڙو معيار هو. ها البته مونکي اهو معلوم آهي ته طارق وٽ اهي عقابي اکيون ضرور هيون جيڪي ڏور آڪاش ۾ اڏامندي به ڌرتيءَ جي سيني تي سرندڙ ساهوارن جي ڇاتيءَ ۾ جھاتي پائي سگهنديون آهن. ۽ انهيءَ عقابي نهار سان طارق عالم مون ڏي ٻيو ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن مان ”خوابن جي سرحد“ کڻي سندس آفيس ۾ سندس سامهون ويٺو هئس ۽ هن جون اکيون ڪنهن مهل دريءَ کان ٻاهر قبرستان ڏي ڊوڙي ٿي ويون ته ڪنهن مهل مون ۾ کُپي ٿي ويون. ”منور ڪهاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا پيو لکين“؟
”ناول پيو لکان طارق!“ هٻڪندي وراڻيو هئم.
”اڇا! زبردست يار....! ناول جي ڏاڍي ضرورت آهي.“
طارق عالم جي اکين ۾ خوشي ۽پيار ڀرجي آيو هو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ کانئس دريءَ جي پريان نظر ايندڙ اهو قبرستان وسري ويو هو جنهن لاءِ هو ڪجهه پل اڳ مون کي ٻڌائي چڪو هو ته يار منور اڄڪلهه مون کي هي قبرستان ڏاڍو وڻڻ لڳو آهي.
”اڇا ڪهڙي موضوع تي آهي ناول؟.... نالو ڇا اٿس؟“
۽ مان سندس سوال جي موٽ ۾ کيس ناول جي نالي ۽ ان جي موضوعاتي دنيا بابت ٻُڌائڻ ۾ شروع ٿي ويس ۽ طارق جي اکين ۾ پيار ۽ چپن تي اهڙي مرڪ رقص ڪندي رهي جيڪا مرڪ ننڍڙي ٻار جي ڳالهين تان پيءُ جي چپن تي ڊوڙي ايندي آهي. تڏهن اوچتو مونکي احساسُ ٿيو هو ته مان طارق عالم جي پيار ڀري نِگاهه مان شهه پائي ڪجهه وڌيڪَ ئي ڳالهائڻ لڳو آهيان. ۽ مان هڪ دم پنهنجي پاڻ مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهيان. 2004ع جي ان منجھند کان وٺي 2011ع جي ڪنهن بي نام لمحي تائين آءٌ مسلسل سندس مهربان مرڪ جي حصار ۾ رهيس. ست سال گذري ويا. ڄڻ هڪڙو پل گذري ويو. جِتي به ۽ جڏهن به ساڻس ملاقات ٿي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن دعا سلام کانپوءِ مونکان هي سوال پڇڻ نه وساريو ته: ”منور تنهنجو ناول؟“ ۽ مان چوندو رهيس: ”طارق! اڌ ناول لکي چڪو آهيان. ٽي حصا لکي چڪو آهيان.“ ۽ انهيءَ دوران خبر پئي ته طارق عالم اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي.
”سائين! طبيعت ڪيئن آ؟“
”منور! مان ٺيڪ آهيان.“
”سائين! ڇاٿيو آهي؟“
”يار! گردن وارو مسئلو آهي دعا ڪجانءِ“
”سائين! الله خير ڪندو.“
”منور! تنهنجي ناول جو ڇا ٿيو؟“
”سائين! ناول مڪمل ٿي ويو آهي.“
”ويري گڊ پر يار! خيال ڪجانءِ ناول سٺو ڪري ڇپرائجان. تنهنجون اکيون ڪِتاب ”هُنَ“ پياري وڃائي ڇڏيو آهي.“
”ها سائين بالڪل احتياط ڪندس. رڳو توهان خير سان موٽي اچو. ناول پڙهو. ته پوءِ ڇپرايون.“
”ها پيارا! بلڪل“
انهي دوران هڪ طرف منهنجو ناول نوي سيڪڙو ڪمپوز ٿي چڪو ته ٻئي پاسي طارق عالم جي طبيعت نوي سيڪڙو کان وڌيڪَ خراب ٿي چڪي ۽ کيس هندستان مان علاج جي صلاح ڏني وئي. خرچ جو ڪاٿو لڳائي ڪميٽي جوڙي وئي. ڏينهن راتيون گذرندا رهيا حڪمران ۽ اسين سڀ لاپرواهيءَ جي ننڊ ۾ هلندا رهياسين. ۽ انهن ”پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري“ جهڙين راتين مان هڪ رات مان طارق کي فون ٿو ڪيان ان رات مون طارق عالم سان ۽ طارق عالم مون سان آخري دفعو ڳالهايو. ان رات انهن لفظن سندس ساٿ نه پئي ڏنو جيڪي لفظ هونءَ هميشه ٻانهن وانگر سندس آڱرين جي اشاري جا منتظر هوندا هئا. ان رات هن لاءِ ٻه چار عام رواجي جملا ڳالهائڻ به مشڪل ٿي پيا هئا، نه ته هو هميشه غير رواجي جملا لکڻ ۽ ڳالهائڻ وارو هو. ان رات هر هر سندس لفظ پاڻ ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر اٽڪي الجھي ٿي پيا..... ۽ ڇڏايو نه ٿي ڇڏايا. هو جنهن جو آواز هميشه جابلو جھرڻن جيان تيز ترار ۽ شيشي جيان صاف شفاف هو، ٽٽي ٽڪرا ٿي چڪو هو ڇڄي ڇيتيون ٿي پيو هو. منهنجي فون جي پنجين گهنٽيءَ تي هن فون اٽينڊ ڪئي هئي پر ڪجهه لمحاآئون سندس آواز لاءِ سڪندو رهيس.
شايد هاڻي هُنَ لاءِڳالهائڻ ڏُکيو ٿي پيو هو.
”طارق..... سائين!... هيلو طارق! مان منور ٿو ڳالهايان....“
”ها.... سراج ڪهڙو..... حال.... آهي؟“
”اوهه.... طارق سائين! مان ٺيڪ آهيان.... توهان ڪيئن آهيو؟“
”ها.... سراج.... پيارا.... دعا ڪجانءِ.... انڊيا مان ٿي اچان.... پوءِ.... سراج.... ٺيڪ آهين“.
”طارق..... طارق..... مولا توکي صحت ڏيندو“
”ها..... آ.... سراج.... جدائي ناهي.... مان موٽي اچان.... پاڻ کي ڪچهريون.... ڪ..... ڪ.... ڪرڻيون آ.... آ.... هن....“
”ها طارق سائين.... توهان خير سان ٿي اچو.... جدائي ناهي.... پوءِ پاڻ توهان جي آفيس ۾ ڪچهري ڪنداسين.... هاڻي توهان ڀلي آرام ڪيو.“
مان سندس خوبصورت آواز جا اڊڙيل اڊڙيل ڌاڳا ڏسي روئڻهارڪي دل سان چوان ٿو. ۽ هو ”چڱو سدائين گڏ“ چئي فون بند ٿو ڪري.... ۽ منهنجي دل ٻڏڻ ٿي لڳي. ۽ مون کي اندازو ٿيو ته شايد طارق عالم کي اهو معلوم نه آهي ته هو انڊيا نه پيو وڃي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سندس پرڏيهه وڃي علاج ڪرڻ لاءِ پئسا منظور ڪرڻ واري سٺ لک واري سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ست سج لاهي ڇڏيا آهن!! منهنجي سماعتن ۾ خطري جون گهنٽيون گونجڻ لڳيون. ”ته معنيٰ گهڻي دير ٿي وئي“ مان سوچڻ لڳس ”هاڻي مان شايد طارق سان ملي نه سگهندس. کيس ”کاٻي اک جو خواب“ ٻڌائي نه سگهندس. ۽ جنهن شامَ مون کي هن جي جدائيءَ جا پسڻ پيا ان شامَ ئي آئون شهر کي ڪنهن بور ڪتاب جيان جنهن جو رڳو ٽائيٽل سهڻو هجي. ٺپي وقت جي شيلف ۾ ڦٽي ڪري ڳوٺ هليو آيس. ۽ ڪنن ۾ هينڊ فري وجھي پنهنجي پاڻ کي عابده پروين، نصرت فتح علي خان، لتا ۽ پنڊت جسراج جي ڳلي مان ڦٽل سُرن جي سُرمئي نديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيم.
۽ اُنَ صبح کجيءَ جي ڦڙهن مان سيرون ڪري اڀرندڙ سج جا ڪرڻا ڏسي رهيو هئس ته هن جي جدائيءَ جا پسڻ حقيقت جي هيڊي آڪاس ۾ تبديل ٿي ويا. ڳوٺ ۾ رات جي اک مان ڦٽل صبح جو اوڀر مان سج نمودار ٿيو ته گهر جي جھوني کجيءَ جي پٺيان آسمان چڻنگون چڻنگون ٿي ويو ۽ ايئن لڳو ڄڻ هڪ چڻنگ مان کجيءَ جي ڦڙهن کي باهه لڳي وئي آهي. هُنَ جي جدائيءَ بابت حبدار سولنگيءَ جو ميسيج کنوڻ وانگر کجيءَ تي اچي ڪريو.
”...... ادا! طارق عالم اسان کي ڇڏي ويو“
مان لڙڪن ۾ ڀرجي ويل اکين سان ٻرندڙ کجيءَ ڏي ڏسان ٿو.
جيڪا چڻنگون بڻجي چؤطرف پکڙجي وئي آهي. ۽ ساڳئي وقت اوڀر منجهه ڦٽل اها اک ان ڳالهه جي نويد به آهي ته طارق عالم هينئر هينئر ڪنهن ٻئي هنڌ، ڏور ڪنهن ٻئي ستاري تي ڪنهن ٻئي نالي سان نئون جنم ورتو آهي. پر هو اسان جي ديسَ مان ڪنهن ناراض پرندي جيان اُڏامي ويو.....!