شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

طارق سان گذاريل آخري لمحا ـــ رضيه طارق

طارق SIUT جي ICU وارڊ ۾ صاف سٿري بيڊ تي اکيون بند ڪري ليٽيل هو. مان ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويٺي هن ڏانهن نهاريو پئي. هن اوچتو اکيون کولي مون ڏانهن ڏسندي چيو: ”منهنجي عينڪ ته ڏي“. مان هڪدم اٿي خاني مان عينڪ ڪڍي طارق کي پارائي، ته چيائين: ”تون ڏاڍي سٺين آهين“. جواب ۾ مان چيو: ”ها توهان سٺا آهيو، ان ڪري مان سٺي آهيان“. منهنجي جواب تي چپن تي هلڪي مرڪ اچي ويس. ”هتي .”سارنگا“ رکيل هو نه؟“ طارق پڇيو. مان سائيڊ ٽيبل تي رکيل ”سارنگا“ جو نئون پرچو، جنهن ۾ طارق جي شاعري ڇپيل هئي، کيس کڻي ڏنو. ”سارنگا“ هٿ ۾ جھلي ڪجهه دير ٽائيٽل کي ڏسندو رهيو، پوءِ بنا ڪجهه پڙهڻ جي ڪِتابَ جا ورقَ اٿلائيندو رهيو. آخر ۾ ڪتاب بند ڪري، هڪ پاسي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مون کي لڳو ڄڻ هن سڄو ڪتاب پڙهي ورتو هجي. ان کان اڳ جو مان ڪتاب بابت ڪجهه پڇان، طارق کي اوچتو پنهنجو موبائل ياد اچي ويو: ”منهنجو موبائيل؟“ مون جلديءَ سان هن کي موبائيل هٿ ۾ ڏني ته بنا سوچڻ جي موبائيل جي Keys کي دٻائيندو رهيو. مون پڇيو: ”ڪنهن جو نمبر ٿا ملائڻ چاهيو؟“ منهنجي سوال تي مون ڏانهن خالي نظرن سان نهاري، فون رکي ڇڏيائين۽ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. مان ٿوريءَ دير کانپوءِ وري پڇيو: ”طارق، ڪنهن جو نمبر ملائي ڏيان؟ ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿا چاهيو؟“
”ڪنهن سان به نه“. طارق جواب ڏنو.
ان ڏينهن کانپوءِ طارق نه ڪو ڪتاب گهريو ۽ نه ئي فون.... پر مون چاهيو پئي ته هو ڪنهن نه ڪنهن سان ڳالهائي. مان وقفي وقفي سان چوندي رهيس: ٻارن فون ڪيو آهي، توهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين. اديءَ جو فون آيو آهي ۽ دوستن جا نالا کڻندي رهيس. پر طارق ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ ”ها“ نه ڪئي. ان ڏينهن طارق ڪِتابن سان ۽ اسان سڀني سان ڄڻ ته رابطو ختم ڪري ڇڏيو.
طارق جي ان خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ مان ٻارن کي اسپتال اچڻ لاءِ چيو ۽ طارق کي ٻڌايم: ”سڀاڻي هالار ۽ لاهوت توهان سان ملڻ لاءِ اچن پيا.“ اهو ٻڌي طارق جي چهري تي خوشي ۽ اکين ۾ زندگي جاڳي پئي. هڪدم پڇيائين، ”ڪنهن سان ايندا ۽ ڇا ۾ ايندا؟“
”بس ۾.... ۽ اڪيلا. هاڻي وڏا ٿي ويا آهن نه.“ ٻئي ڏينهن طارق ٿوري ٿوري دير ۾ پڇندو رهيو. ڪٿي پهتا آهن؟ ڪيتري دير ۾ پهچندا؟
ٽين وڳي هالار ۽ لاهوت اسپتال جي وزيٽنگ هال ۾ پهتا. هو ٻئي اڳ ۾ به ٻه ڀيرا اچي چڪا هئا. تڏهن طارق پاڻ پنهنجي وارڊ مان نڪري، وزيٽنگ هال ۾ اچي سڀني سان مليو هو، ڪچهريون ڪيون هئائين. پر هن ڀيري ايئن نه ٿي سگهيو بلڪه مان ٻارن کي اسپتال جي مخصوص ڊريس پارائي طارق وٽ وارڊ ۾ وٺي آيس. ٻارن لاءِ به اها نئين ڳالهه هئي. ٻار، طارق کي بيڊ تي ليٽيل ڏسي خاموشيءَ سان ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان اچي طارق جا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جھلي، منهن ۾ نهارڻ لڳا. هٿن جي ڇُهاءَ کي محسوس ڪري طارق اکيون کولي هنن ڏانهن نهاريو ۽ خاموش رهيو. شايد هن ٻارن کي نه سڃاتو هو. ڇو ته ٻارن جي منهن تي اسپتال وارو نقاب ٻڌل هو، صرف اکيون پئي نظر آيون. مان ان خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”طارق، هي هالار ۽ لاهوت آهن“. منهنجي ان جملي تي طارق هڪدم غور سان ٻارن ڏانهن ڏٺو. مان ٻارن کي نقاب کي لاهڻ جو اشارو ڪيو. جيئن ئي هنن چهري تان نقاب هيٺ ڪيو ته طارق کلندي چيو، ”اڙي.... مان سڃاڻي ئي نه سگهيس ٻنهين کي نقاب ۾“. پوءِ اٿڻ جي ڪوشس ڪندي چيائين: ”يار هالار، ڪمزوري وڌي وئي آهي. علاج ته ٿئي پيو، پر فائدو نٿو ٿئي. لاهوت توکي پنهنجو نئون گٽار مليو؟ پريڪٽس ڪرين پيو؟“ ايئن ٻارن سان ڪچهري ڪندو رهيو..... ان دوران هو بار بار ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي پئي ويو. مون ڏٺو هالار ۽ لاهوت جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. طارق به اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. شايد هو ٻارن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ نه پيو چاهي. مان به هنن جي اکين ۾ آيل لڙڪن کي روڪي نه پئي سگهيس. زندگيءَ جو پهريون ڏک هو جنهن ٻارن کي روئاري ڇڏيو هو. عجيب ماحول هو. اسان چارئي خاموشيءَ ۾ هڪ ٻئي کي دلاسا ڏيندا رهياسين.
مان وارڊ مان نڪري وزيٽنگ هال ۾ اچي ويس. ڪافي دير کانپوءِ هالار ۽ لاهوت به اتي اچي ويا. هالار مون کان پڇيو، ”امي، انڊيا هلڻ ۾ دير ڇو پئي ٿي؟ جلدي هلو نه.... بابا الاهي ڪمزور ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر ڇا ٿا چون؟“ هالار جي اکين مان لڙڪ به وهندا رهيا، سوال به ڪندو رهيو. پوءِ مان ٻارن کي طارق بابت اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو، جيڪو مون کي ڊاڪٽرن ٻڌايو هو. هنن ٻارن کي ڪجهه به سمجھائڻ جي اسان کي ڪڏهن به ضرورت نه پوندي آهي. بس هنن کي ٻڌائبو آهي ۽ هو بنا ڪو سوال ڪرڻ جي سمجھي ويندا آهن. ان وقت به طارق بابت منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪو به سوال نه ڪيائون. بس هنن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهيا ۽ خاموش رهيا.
ٻارن جي تربيت ۾ مون کان وڌيڪَ طارق جو وڏو هٿ هو. هن وڌ ۾ وڌ ٻارن کي وقت ڏنو. ننڍي هوندي ٻارن جي هر خواهش کي پورو ڪرڻ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. هميشه ٻارن لاءِ سٺا ۽ مهانگا ڪپڙا، جوتا ۽ رانديڪا وٺي ايندو هو. ”ايڏا مهانگا ڇو وٺندا آهيو؟“ مان اعتراض ڪندي هُيس ته جواب ۾ چوندو هو: ”ننڍپڻ منهنجا وڏا ايتريون سٺيون ۽ مهانگيون شيون منهنجي لاءِ نه وٺي سگهيا. بس مان پري کان دوڪانن جي شوڪيسن ۾ انهن شين کي پيل ڏسندو هوس. هاڻي مان اهي سڀ شيون وٺي سگهان ٿو. پنهنجي لاءِ نه، ٻارن لاءِ هو سٺا ڪپڙا، جوتا پائيندا، رانديڪن سان کيڏندا ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ منهنجي ننڍپڻ واري خواهش به پوري ٿيندي.“ هن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مون ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. خريداري وقت طارق ۽ ٻارشيون پسند ڪندا، خريد ڪندا ۽ مان بل ادا ڪندي ويندي هُيس، جيئن طارق ٻارن جون خواهشون پوريون ڪرڻ کي اهميت ڏيندو هو. ايئن ئي مان به طارق جي هر ڳالهه کي مڃڻ، هر خواهش کي پورو ڪرڻ کي اوليت ڏيندي هيس. Riskکڻي به هن جي خواهش کي پورو ڪندي هُيس.
جيئن هڪ ڏينهن اسپتال مان طارق مون کي فون ڪيو ته، ”سڀاڻي تون ۽ لاهوت اچي مون کي گهر وٺي هلو. پر ڪنهن کي به نه ٻُڌائجانءِ. مان ڊاڪٽر کان موڪل وٺي ڇڏي آهي.“ مون کي خبر هئي ته هن وقت طارق جو اسپتال مان ٻاهر اچڻ صحيح نه آهي. پر هن جي گهر اچڻ جي خواهش هئي ۽ مون کي پوري ڪرڻي هئي. ڇو ته جيڪڏهن مان نه وٺڻ ويندس ته هو پاڻ اڪيلو اسپتال مان نڪري ايندو. ان صبح جو مان ۽ لاهوت ٽيڪسي ڪري اسپتال پهتاسين. اسپتال جي ڪاريڊور ۾ ئي ڊاڪٽر مجاهد ملي ويو. هن مون کي چيو: ”طارق ني ڇُٽي لي هي. انهين آفيس ڪي ضروري ڪاغذات پي دستخط ڪرني هين شايد. اگر انهين لي جانا ضروري هي تو صرف ايڪ دن ڪي ليئي لي جائين، ورنه نه لي جائين.“ مان طارق جي ان بهاني کي هٿي ڏيندي چيو: ”هان طارق ڪا جانا ضروري هي“ اسان طارق وٽ وارڊ ۾ پهتاسين ته طارق بلڪل تيار ويٺو هو. طارق کي به مون ته سؤ سيڪڙو يقين هو ته مان هن کي وٺڻ ضروري ايندس. اسان کي ڏسندي ئي پنهنجو بيگ کنيائين ۽ چيائين، ”هلو ته هن قيد خاني مان ٻاهر نڪرون. اسپتال ڪيڏي به سٺي ڇو نه هجي، گهر جهڙو سڪون ۽ آرام نه ملندو آهي.“ اسان اسپتال مان ٻاهر نڪري اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسين. طارق سک جو ساههُ کنيو ۽ چوڻ لڳو: ”ڪيڏو سڪون آهي آزاديءَ ۾. اسپتال جي وارڊ ۾ قيد ٿي ويو هيس.“ پوءِ سڄي رستي ۾ طارق دوستن سان ڳالهائيندو رهيو. مستي ۽ مذاق ڪندو آيو، پر ڪنهن کي به گهر اچڻ واري ڳالهه نه ٻڌايائين. مان طارق کي خوش ڏسي خوش به هيس ۽ پريشان به، ته خير سان وقت گذري وڃي ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوي ته طارق گهر آيو آهي. گهر پهچي طارق ڏاڍو خوش ۽ تازو توانو ٿي ويو هو. آرام ڪيائين ٻارن سان ڪچهري ڪيائين، گهر ۾ مزي سان گهميو ڦريو. پنهنجي فيس بڪ کي به چيڪ ڪيائين. رات خير سان گذري. ٻئي ڏينهن صبح جو طارق پاڻ چيو، ”هاڻي واپس وڃڻ گهرجي، نه ته ڊاڪٽر ناراض ٿيندو. اڄ ڊائلاسز به ٿيڻي آهي.“ اهو طارق جو آخري ڀيرو گهر اچڻ ٿيو. ان کان پوءِ هو گهر نه اچي سگهيو. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته مان طارق کي ان جي خواهش مطابق گهر وٺي آيس.
پر 4 جون 2011ع تي مان طارق جي خواهش کي چاهيندي به پورو نه ڪري سگهيس، جڏهن طارق اوچتو ڊاڪٽر کي انجيڪشن هڻڻ کان روڪيو، دوا کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي چيائين: ”گاڏي گهراءِ، مون کي گهر وٺي هل. هاڻي هتي رهڻ اجايو آهي. شاهد (منهنجو ڀاءُ) کي فون ڪر ته گاڏي کڻي اچي.“ مان ان وقت ئي طارق جي خواهش جو احترام ڪندي، پنهنجي ڀاءُ کي فون ڪري ڇڏيو. ۽ طارق ڊاڪٽر کي چئي رهيو هو: ”ڊاڪٽر اب مجھي دوا ڪي ضرورت نهين. آپ سي جو هو سڪا آپ ني ڪيا، اب آپ بهي ڪجهه نهين ڪر سڪتي. مين گهر جانا چاهتا هون. مين ني گاڙي منگوا لي هي. آپ مهرباني ڪر ڪي مجھي چهوڙ دين.“ ڊاڪٽر طارق کي سمجھائڻ لڳو، پر هن ته ڄڻ گهر وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هجي. ٿوري ئي دير ۾ سينيئر ڊاڪٽر وارڊ ۾ اچي ويا. سڀني تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر طارق نه دوا وٺڻ لاءِ تيار هو، نه رهڻ لاءِ. ان ڏينهن مون کي احساس ٿيو ته اسپتال جا سڀ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جو ٻيو سڄو عملو طارق سان نه رڳو پيار ڪن ٿابلڪه هن جو احترام به ڪن ٿا. ڊاڪٽر مجاهد مون کان مشورو ورتو ته ڇا ڪرڻ گهرجي. مون ان کي صلاح ڏني ته طارق کي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحبُ ۽ ميڊم مهتاب راشدي ان ضد تان هٽائي سگهن ٿا. هنن فورن رضوي صاحبَ سان رابطو ڪيو. ٿوري ئي دير ۾ رضوي صاحب وارڊ ۾ آيو ۽ طارق جي ڀرسان اچي ويٺو. طارق هن کي ڏسي هڪدم هٿ ٻڌي چيو: ”سَر اب مجھي گهر جاني دين.....“ رضوي صاحب پيار سان پنهنجو هڪ هٿ طارقَ جي هٿن تي ۽ ٻيو هٿُ طارق جي پيرن تي رکندي چيو: ”هماري دوستي 24 سال پراني هي. مين تمهين اس حالت مين ڪيسي جاني دون. مجهه پي ڀروسه هي تو جاني ڪي ضد ڇوڙدو.“ طارق ڪجهه نه ڳالهايو. بس اکيون بند ڪري ڇڏيائين. پاڻ کي ڄڻ الله جي سپرد ڪري ڇڏيائين. رضوي صاحب ڊاڪٽر کي انجيڪشن هڻڻ جو اشارو ڪيو ته طارق ڪو به احتجاج نه ڪيو. ان ڏينهن کانپوءِ طارق نه ڪجهه گهريو. نه ڪجهه چيو. هن مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. طارق جي اها خاموشي منهنجي لاءِ خطري جو سائرن بڻجي وئي. مان طارق جي گهر وٺي وڃڻ واري خواهش کي پورو نه ڪري سگهيس. مون جڏهن طارق کي ٻڌايو ته شاهد آيو آهي ته هن شاهد کي چيو: ”يار! ڊاڪٽر موڪل نٿا ڏين. توکي به تڪليف ڏنم. پر سٺو ٿيو اچي وئين، پنهنجي ملاقات ٿي وئي.“ ان کانپوءِ طارق جي طبيعت ۾ بهتري نه آئي بلڪه اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيندو ويو، جيئن طارق ڊاڪٽرن کي چيو هو. روزمرهه زندگيءَ ۾ به مون ڏٺو هو ته طارق جيڪو چوندو هيو ۽ جيئن چوندو هو، ايئن ئي ٿيندو هو.
طارق جيڪو وارڊ جو هر دلعزيز مريض هو. وڏي ڊاڪٽر کان وٺي ننڍي ڪارڪن تائين سڀ هن کان متاثر هُئا. صبح جو اچڻ وقت ۽ ڊيوٽي ختم ٿيڻ تائين فارغ وقت ۾ اچي ويهندا هئا. طارق جي مستي مذاق کي به انجواءِ ڪندا هئا. پر ان ڏينهن کانپوءِ طارق ڳالهائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو. اسان جي ڪجهه پڇڻ تي به مختصر جواب ڏيندو هو. ڊيوٽيءَ تي موجود سمورو اسٽاف به بار بار اچي طارق سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، پر طارق انهن کي به اها ڀرپور موٽ نه ڏيندو هو. وارڊ ۾ اداسي ڇانئجي وئي، هر چهرو ڏک بڻجندو پئي ويو ۽ مان.... سڀني جي هوندي به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو، ويران ۽ صحرا ۾ ڀٽڪندي محسوس ڪيان پئي.
هڪ ڏينهن صبح جو طارق اوچتو ايئن ڳالهائڻ لڳو ڄڻ اسٽيج تي تقرير ڪندو هُجي. هو چئي رهيو هو: ”دوستو! مان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان. اوهان جا لک ٿورا، لک احسان..... اوهان مون کي پيار ڏنو ان لاءِ، اوهان منهنجي علاج لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، ان لاءِ مان اوهان جون مهربانيون وساري نٿو سگهان، ٿورا لاهي نٿو سگهان، جيڪي سڄي زندگي اوهان مون تي ڪندا رهيا. مان وڏو خوش نصيب آهيان جو مون کي پيار ڪرڻ وارا ۽ عزت ڏيڻ وارا دوستَ تمام گهڻا مليا. پر دوستو! مان هاڻي وڌيڪَ جيئڻ نٿو چاهيان. ٿڪجي پيو آهيان. مان مايوس نه آهيان. پر هن جمهوري حڪومت مايوس ڪيو آهي. خاص ڪري سنڌي ماڻهوءَ کي. هن حڪومت جي رويي اهو احساس ڏياريو آهي اسان کي هنن، جي دور ۾ پنهنجي سنڌي هجڻ تي فخر نه ڪرڻ گهرجي. پر اسان کي همت ناهي هارڻي. اسان هڪ ٿي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي بچائي سگهون ٿا. اسان جي قومپرستن کي ڌار ڌار ٽوليون ٺاهڻ بجاءِ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي.... مون کي سياست ڪرڻ ناهي ايندي، ڇو ته مان ڪوڙ ناهيان ڳالهائي سگهندو ۽ سچ چوڻ کان رهي ناهيان سگهندو. سچ چوڻ ۾ سڪون ملندو آهي اوهان به.....“ طارق چڱي دير اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو. آخر ۾ هٿ ٻڌي چيائين: ”اوهان سڀني دوستن جي مهرباني، اوهان مون کي ٻڌو چڱو ياعلي مدد“. اهو چئي ويهاڻي کي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مون اهو سڀ خاموشيءَ سان ٻڌو پئي. هاڻي مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان ڇا ڪيان، طارق کي سڏيان يا نه. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون طارق کي سڏيو. اکيون کولي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ چيائين: ”مون جيڪو چيو، تو ٻڌو اهو تون دوستن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ.“
ڏينهون ڏينهن ڪمزوريءَ ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. هاڻي هو جيڪو به ڳالهائيندو هو، ٻارن بابت ڳالهائيندو هو. چوندو هو: ”تون ڏاهي آهين، سياڻي آهين، ٻارن کي سنڀالي ويندينءَ.... هالار کي..... لاهوت کي....“ مطلب ته هر وقت ٻارن جو فڪر هوندو هُيس. هو ٻارن سان بي پناهه پيارُ ڪندو هو. جڏهن ٻار اڃان ڳالهائڻ سکيا هُئا ته طارق هنن سان ٻاتا ٻول ٻولي، ٺينگ ٽپا ڏيئي مختلف آواز ڪڍي انهن کي ريجھائيندو هو ۽ جڏهن ٻار ڳالهائڻ لڳا ته انهن جي مرضيءَ مُطابق راند ڪندو هو. هالار روز طارق سان راند کيڏندو هو، جنهن ۾ هالار دوڪاندار ٿيندو هو ۽ طارق خريدار. هالار ڪڏهن کير وارو ٿي ايندو هو، ڪڏهن ڇولن وارو، ڪڏهن ڀاڄيءَ وارو ته ڪڏهن وري مڇيءَ وارو ٿيندو هو. پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ مزيدار گفتگو ٿيندي هُئي، جنهن جو اختتام گهر جي سڀني ڀاتين جي ٽهڪن سان ٿيندو هو. يا وري گهر جي ٻاهرئين ڏاڪي تي ويهي سپر هاءِ وي تان گذرندڙ هر گاڏيءَ جا نوان نوان نالا طارق کي ٻڌائيندو هو. لاهوت وري شين بابت سوال گهڻا پڇندو هو، منظرن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. طارق هن کي آڱر کان جھلي پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽيءَ جي انهن روڊن رستن تي گهمائيندو هو، جن تان پاڻ گهمندو رهيو هو. ان وقت لاهوت ٽن سالن جو هو، جڏهن طارق هن کي يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار، ماروي هاسٽل، جامع مسجد، وي سي هائوس، سنڌالاجي جهڙيون اهم عمارتون ڏيکاريون هيون ۽ انهن بابت معصوميت سان پڇيل سوالن جا مزيدار جواب به ڏنا هئا، جن تي لاهوت ڏاڍو کلندو هو ۽ ٻئي کلندا کلندا گهر موٽي وٺي ايندا هئا. طارق جيترو وقت گهر ۾ هوندو هو، گهر ۾ ڄڻ چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ مان ٽهڪن جي گونجار ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪنهن پاسي کان گانا ڳائڻ جا آواز، ڪڏهن وڏي آواز ۾ ٽي وي تي ڪو بحث مباحثي وارو گوڙ ۽ ڪڏهن ٻارن سان راند مستي هوندي هئي. سنجيده صرف ان وقت ٿيندو هو، جڏهن ڪو ڪتاب پڙهندو هو يا ڪجهه لکڻ جو ڪم ڪندو هو ان وقت. باقي سڄو وقت موج مستيءَ ۾ گذاريندو هو. ڪنهن کي چپ ويهڻ نه ڏيندو هو. مان گهر جي ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي هيس ته مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ اهو سڄو ڪم بگاڙي ڇڏيندو هو. ڌوتل ڪپڙا ويڙهيندي هُيس ته انهن کي کولي ڪمري ۾ ڦهلائي ڇڏيندو هو. استري ڪيل هينگر ۾ لڳايل ڪپڙن کي هينگرن مان ڪڍي ڇڏيندو هو. مطلب ته طارق گهر ۾ اسان سڀني جي زندگي هو ۽ دوستن جي محفلن جي جان هو. اسپتال ۾ به هن سڀني کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو هو.
۽ ان ڏينهن طارق اکيون بند ڪري خاموش ٿي ويو هو. ٽهڪ سانت ٿي ويا هُئا، سُر گم ٿي ويا هئا، مستي مذاق تي ڄڻ جمود طاري ٿي ويو هو. بس صرف ذهن سجاڳ هو، جيڪو اسان جي سڏ تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي جنبش سان پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري پيو. پوءِ ته اسان سڀني جا سڏ به گونگا بڻجي ويا ۽ مان طارق جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي ان معجزي جي اُميدَ ۾ بيٺي رهيس ته طارق مون کي سڏ ڪندو، اکيون کولي مون کي ڏسندو. ڊاڪٽر مون کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چوندا هُئا، پر مان طارق کان پري ڪيئن پئي ٿي سگهان. زندگيءَ جي هر موڙ تي مان هن سان گڏ هُيس، پوءِ هِتي ڪيئن ڇڏي وڃان طارق کي. ڊاڪٽر به منهنجي دل جي ڳالهه سمجھي ورتي. پوءِ هنن به مونکي طارق کان جدا نه ڪيو. پر قدرت جا فيصلا ته اٽل هوندا آهن. قدرت واري مون کي طارق جي روپ ۾ اهڙو انمول تحفو ڏنو هو، جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جا رنگَ ڀري ڇڏيا هُئا. اهڙي نعمت عطا ڪئي هئي، جيڪا هن جي امانت هئي. ۽ امانت موٽائڻي پوندي آهي. ان وقت طارق منهنجي هٿن مان کسڪندو پئي ويو. مان چاهيندي به هن کي روڪي نه پئي سگهيس. مان پنهنجون اکيون به بند ڪري ڇڏيون هيون. اوچتو ڊاڪٽر جي سڏ تي اکيون کولي نهاريو ۽ پوءِ هڪدم طارق ڏانهن ڏٺو. هن جي چهري تي سڪون ۽ چپن تي هلڪي مرڪَ ڇانيل هُئي.