اوهان جا ٽهڪَ اُڏاڻا، پري پري تائين ! ـــ ادل سومرو
هي اهو بي معنيٰ جملو آهي، جيڪو، فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي حوالي سان نهايت ويچارگيءَ واري انداز ۾ اخبارن سان چنبڙيل هوندو آهي.
طارق بابت توهان اِهو مطالبو پڙهيو.
اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. هو سدائين بيمار هوندو آهي. بس مڙئي پئسن ڪمائڻ جو طريقو آهي.
ڀلا هي فنڪار ۽ شاعر ايترا وڌي ڇو ويا آهن!؟ (ادبي آلودگي وڌندي پئي وڃي).
نڀاڳا بيمار به جلدي جلدي ٿا ٿين.
خوراڪ جي گهٽتائي، وري پيئن به ٿا. ٿورو کنگهه کڙڪو ٿيو، همراهه اسپتال داخل. ٽي وي چينلن جا واندا نمائندا ولر ڪيو پهچيو وڃن (ڪيمرا مين ڪريم بخش سان گڏ، مان آهيان رحيم بخش). فنڪار هونئن نه مري ته هينئن ضرور مري.
ڪريڊٽ کڻڻ جو چڪر: ”ناظرين! اچو ته عظيم فنڪار جو اوهان کي اهو آخري انٽرويو ڏيکاريون. جيڪو اسان هن جو اسپتال جي بستري تي رڪارڊ ڪيو هو.“
هوڏانهن وري پنجاهه شاعرن ۽ اديبن جو بيان تيار رکيو هوندو ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ثقافت کاتي سارَ نه لڌي
ثقافت کاتو ڪيڏانهن وڃي ـــ پنهنجي سارَ لهي يا فنڪارن شاعرن ۽ اديبن جي؟
پر يار! هي ڪهڙو مطالبو آهي ته طارق عالم لاءِ 60 لک روپيا جاري ڪيا وڃن.
ٻين ويچارن اديبن ۽ شاعرن کي 60 هزار به نه ملن ۽ هن کي وري هيڏي ساري رقم؟!!
بس هنن جي هڪ لابي آهي، سا ڪم ڪري ٿي نه ته طارق آهي ڇا؟ ڪا هن تحقيق ڪئي آهي يا ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري اٿس. ڪو عالم ۽ اديب به نه آهي. بس هڪڙي، ناول جو کٽيو ٿو کائي. باقي شاعري ۽ ڪهاڻيون مڙيئي گريبيءَ ۾.
ناول به ڪهڙو يارَ، مڙئي نوجوانن کي جذباتي ڪرڻ لاءِ، پڙهن به ته اِهي ڇوڪرا پارٽي ٿا نه.
هاڻي ته خبر پئي آهي ۽ هڪ همراهه ڪالم لکي ثابت ڪيو ته طارق جو اِهو ناول، هڪ اردو ناول تان نقل ٿيل آهي.
بس ته، باقي ٻيو ڇا بچيو!
عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ ته پوءِ مليا ميٽ ٿي وئي:
”گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
يار انهن جي راءِ جي ڪهڙي اهميت آهي، چُڪڙو پيئاري ڇا به لکرائي وٺين.
ڀلا فيس بڪ ڏٺو اٿي. وڏي واويلا ٿي وئي آهي، طارق عالم لاءِ، پرڏيهه علاج ڪرايو وڃي، ڀلي ڪيترو به خرچ ٿئي، سرڪار ڀري.
سندس چندائي دوستن، چندو ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو آهي.
بس ادا، اها چندي جي پِٽَ، ادبي لڏي ۾ به پئجي وئي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجو نالو به ته ڳڻائڻو آهي نه.
طارق کي ته جاءِ ۽ پلاٽ به آهي. اُهي وڪڻي سندس علاج ڇو نه ٿا ڪرائين؟!
”ڇا بڪواس آهي....
مون کي هن وقت تائين مري وڃڻ کپندو هو.
آخر اهو سڀ واهيات پڻو، مون هن وقت تائين سوچيو ئي ڇا لاءِ.... لعنت آهي، مون تي، مون کي بنا ڪنهن سوچڻ جي مري وڃڻ کپندو هو. منهنجو ڇا ٻين جي معاملن ۾.... اهي سڀ نه مرڻ جا بهانا آهن. جڏهن مان مري ويندس، ڪنهن تي به ته احسان نه ڪندس، ۽ اڄ جڏهن مان مري ويندس ته ڪجهه ساعتن بعد منهنجي وجود کي به ڪڍيو ويندو، هن ئي ڪمري مان بابا جيان ۽.“
(سڃاڻپ جي ڳولا ۾، صفحو: 63)
*
11 جون 2011ع رات نائين وڳي ڌاري
سيل فون تي ميجر جو سُڏڪيل آواز
”طارق هليو ويو، هميشه لاءِ اسان کي ڇڏي.“
زندگي ڄڻ بڪواس، سڀ بڪواس.
ڊاڪٽرن ته سندس گهڻي پرگھور لڌي.
خاص طور تي اديب رضويءَ.
مسيحا جو تصور، جيڪڏهن ڪنهن سان جُڙي ٿو ته اهو ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي آهي.
ٻيا به اهڙا ڪافي ڊاڪٽر هوندا، پر گهڻا پئسي جي ڪڍ آهن. دوائن جي ڪمپنين جي ڪميشن ۽ فيمليءَ سميت غير ملڪي مفت دورا، مريضن جي تباهي ڀلي ٿئي، پر ڊاڪٽرن جي وفاداري دوائن جي ڪمپنين سان آهي. جيئن جيئن هنن جا غير ملڪي دورا وڌن ٿا، تيئن تيئن مريضن جي دورن ۾ اضافو ٿئي ٿو.
* ارپيم
سائين نثار احمد نورانيءَ ۽
سائين سرجن اديب الحسن رضويءَ کي.
(جن جي شفقتن ۽ محبتن سبب اڄ نه فقط جيئرو آهيان، بلڪه هڪ پٽ جو پيءُ به آهيان ۽ هن ڪتاب جو سرجيندڙ به).
”مورن اوچا ڳاٽ“ جي ارپنا.
انهن ٻنهي عظيم انسانن، طارق کي نئين زندگي بخشي ۽ هن خوبصورت رنگ ۽ منظر ڏٺا، پر آخرڪار سڀ منظر الوپ ٿي وڃن ٿا، رهجي ويل منظر.
*
6 جون 2011ع
”يار هاڻي ته مون ۾ سگهه ئي ناهي رهي، جسم مان ڄڻ ته رت ختم ٿي چڪو آهي ۽ مان ڪنهن گهري کاهيءَ ڏانهن ڪرندو پيو وڃان. اوندهه وڌي رهي آهي.“ (فون تي طارق جو جھيڻو آواز)
Dr. Adeeb Rizvi Said, Tarique is going – Naseer Mirza
”ماڻهو سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن ۽ اسان، هميشه وڇڙڻ لاءِ ملي رهيا هئاسون.... لڙڪ نيڻن جي پليٽ فارم تي وڇوڙو بڻجي رڙهي آيا هئا ۽ ڏک، گلي ۾ ريل جي سيٽي بڻجي ڦاسي پيو هو.“
(رهجي ويل منظر، صفحو : 163)
جيڪي به ميت هيا، پن ڇڻ ۾ وڇڙي ويا
ڪجهه پاڇا گم ٿي ويا، ڪجهه پتا وکري ويا
*
Parting is painful, its true
No parting is painful too but oh, that gives greatest pain to part, and not meet again.
*
ان ڏينهن سج کي به وڏي توانائي هئي.
سنڌالاجيءَ جي سامهون طارق عالم جي ڏولي رکي هئي.
سڀ ڪالونيءَ واي مسجد ڏانهن هلو، اتي جنازي نماز ٿيندي.
اديب، شاعر، يونيورسٽيءَ جا استاد، ادبي بورڊ جا ملازم، پاڙيسري، عزيز، اشڪبار اکين سان هلندا پئي ويا.
سڀني صفون سڌيون ڪيون.
جنازي نماز شيعن واري ٿيندي يا سنين واري؟
خبر ناهي يار، اسان کي مڙئي پڙهڻي آهي.
مُلان ته ڏاڍي ڊيگهه ڪئي، جنازي نماز ايتري ڊگهي ته نه ٿيندي آهي. اسان جا ته پگهر ڪڍي ڇڏيائين. لڳي ٿو ته اها شيعن واري نماز هئي.
طارق عالم شيعو هو ڇا؟ خبر ناهي.
ڀلا هي رکي رکي دانهون ڪير ٿو ڪري؟
او هُو، پريان نصير مرزا پيو روئي.
(پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن ـــ شاهه)
لڳي ٿو ته غمِ حسين کانپوءِ، جنهن ڏک نصير کي جھوري رکيو آهي، اهو طارق جو وڇوڙو آهي. بس اهي دوستن ۽ دلبرين جا قصاآهن. اوهان کان اندر مان ائين دانهن نٿي ڪري.
هر ڪنهن جي ڏک جي اظهار جو انداز پنهنجو آهي. دل تي ڪرندڙ ڳوڙها ڪير ٿو ڏسي؟
سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون، ڄامشورو اسٽيشن جي ڀرسان پٿريلو قبرستان جتي طارق جو بابا به دفن ٿيل آهي.
طارق جڏهن پنهنجي آفيس ۾ ويهندو هو ته سندس آفيس جي دريءَ مان کيس بابا جي قبر نظر ايندي هئي. هو ڏاڍو سرهو ٿيندو هو، دريءَ مان بابا جي قبر ڏسي. ويجھن دوستن کي هو اڪثر بابا جي تربت ڏيکاريندو هو. ادبي بورڊ جي آفيس، کيس بابا جي تربت جي درشن سبب به ڇڪيندي هئي، ورنه.....
”مان جيڪو گذريل ستن سالن کان هر صبح کي نوڪريءَ جو آخري صبح تصور ڪري، آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهندو رهيو آهيان (اسان جي ديسَ ۾ ماڻهن کي اڌ بيمار ته آفيس جون ڏاڪڻيون ڪنديون رهيون آهن).“
مهاڳ: ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“.
*
دفنائڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي آهي؟
پٿريلي زمين آهي، کوٽائيءَ ۾ ڪجهه دير ته ٿيندي ـــ ۽ آخرڪار دعا گهرجي وئي.
ڪالهه آفيس جي دريءَ مان، هيڏانهن ڏٺائين پئي ۽ اڄ هو هُتي آهي ۽ آفيس جي دريءَ مان ڪو به هيڏانهن ڏسڻ وارو ناهي.
”ادا دعا گهرجو.“ تڏي تي قبرستان مان موٽيل ماڻهو. ”جيڪا رب جي رضا حڪم ڌڻي جو“.
تعزيتي ڪتاب/رجسٽر تي ڪجهه اداس لفظن جو اظهار. هرڪو پنهنجي گهر روانو. دارا ابڙو، اياز عالم، قيس عالم، ساقي عالم ، لاهوت، هالار ۽ ڀاڀي رضيه ۽ عذرا. انسان جي وڃڻ کانپوءِ سندس يادگيريون رهجي وڃن ٿيون.
ماڻهو، ته مرڻ کانپوءِ به معاف نٿا ڪن، حساب ڪتاب رکن ٿا.
تعزيت ڪجي نه ڪجي؟
اسان جو ڇا وڃي؟
هن کان ڪافي ماڻهو لَنوائيندا هئا.
اها هنن جي اندر جي کوٽ هوندي هئي.
پنهنجي محبوبا کي هن سان نه ملائجانءِ، الائي ڪهڙو جادو آهي، هن جي لفظن ۾، جو جنهن سان به سامهون يا فون تي ڳالهائي ٿو ته پوءِ اها سندس دوست بڻجي ٿي وڃي.
* منهنجي پٽ پڇيو
ڪير هئي سا عورت جنهن
سان ڳالهايو پي تو
(مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 90)
* اڃا به جاڳين پيو
ننڊاکي لهجي ۾ مون کان
منهنجيءَ زال پُڇيو.
(مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 80)
۽ هو جاڳندو رهندو.
هن جون ڪچهريون طويل هونديون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن ته صبح ٿيو وڃي.
”جڏهن محبتون وڃائجي وينديون آهن، تڏهن ڇهاءُ پنهنجي سموري معنيٰ ۽ ڇڪ وڃائي ويهندو آهي. ۽ مان جسمن سان نه، جذبن سان پيار ڪندو آهيان. جسم سان پيار ڪرڻو هجيم ها ته صبا سان وڃي چڪو هجان ها، اڄ ايڏو نه ڀوڳيان ها.“
(رهجي ويل منظر،صفحو: 166)
For lust and love are different things the one has claws, but love has wings (Charles lamb)
ڇوڪرين جي حوالي سان، طارق کي جيئن سمجھيو ويندو هو، هو ته ايئن نه هو.
هو جسم پرست نه، پيار ڪندڙ انسانُ هو.
لهجي ۾ کُهرو هو. رک رکاءُ نه ڪندو هو، چئي ڏيندو هئو.
(هو توهان وانگر ڪا به ڳالهه لڪائيندو نه هو. نَڪو)
طارق جي ڀرسان پروگرام ۾ نه ويهجانءِ، هُو معتبر ۽ مانائتا اديب ڪاوڙجي ويندءِ ۽ توکي به برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا.
اديبن جي ڪا برادري به آهي ڇا؟
اهي ننڍا ننڍا گروپ ۽ ٽولا، هڪ ٻئي کي مهان ۽ عظيم بڻائڻ وارا، هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ وارا.
”پاڻ کي ادب جا ابا، علم جا اڪابر سڏائيندڙ سمورا اديب کيس چڙ ۽ توائيءَ مان وات ڳاڙهو، لوفر ۽ واهيات جا لقب ڏئي، پنهنجن تتل سينن تي سانوڻيءَ جي مينهن جا ڇنڊا هڻندا هئا.“
(سڃاڻپ جي ڳولا ۾ صفحو: 103)
هن جي سامهون، جيڪڏهن ڪو ناپسند گفتگو ڪندو هو، يا هن تي طنز ڪندو هو ته هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. ائين هو پنهنجي ڪاوڙ ٽاري ڇڏيندو هو.
”منهنجا دوست مون کي مسخرو سمجھندا آهن. هو سمجھندا آهن، مون کي ڪو به غم، ڪو به ڏک ڪونهي..... هنن ڪڏهن به منهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ناهي ڏٺو مان ايڏو خوش.....“
(رهجي ويل منظر، صفحو: 152)
هن کانپوءِ هر منظر اڻپورو رهجي ويو آهي. ٽهڪ مستيون، سئر سفر، ڪچهريون، اٻاڻڪيون، گڏجاڻيون، بس هاڻي ڇاهي. چاليهو، ورسي، تقريرون، تصويرون، بينر.
ڪهاڻين جو مجموعو ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ منهنجن هٿن ۾ آهي.
”پياري ادل لاءِ.
جنهن سان منهنجي دوستي
ننڍڙن ٻارڙن جهڙي آهي.“
ـــ طارق عالم
ايترا سالَ ڄڻ ته ننڍڙن ٻارن وانگر راند روند کان چرچن ۾ گذري ويا.
*
49 انٽرنيشنل، انصاري براداران.
اخلاق، اسحاق ۽ آفاق.
آفاق ڪٿي آهي؟ حيدرآباد جا چڪر، فلم، پياري ببن جي گهر. ڊاڪٽر شفقت (ببن) جهڙا ماڻهو ڌرتيءَ تي گهٽ آهن.
حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ ڊوڙون.
اندر جو ٻار مريو وڃي ته معصوميت به ختم، چالاڪي ۽ سياڻپ حاوي ٿيو وڃي. پوءِ حسابن ڪتابن جو وهنوار.
پٽ هجي يا ڀاءُ، ساڳيو ئي قصو
هر ڪو هت حصو، پنهنجو پنهنجو ٿو گھري
طارق وٽ ته ڪو حساب ڪتاب هيو ئي ڪونه.
هن سدائين ارپيو هو، ڏنو هو
”اهو منهنجو آئيڊيل ازم ئي هو، جو محبتن ۾ توکي سدائين ڏيڻ چاهيو هئم. هونءَ به مون توکان ڪڏهن وٺڻ نه چاهيو هو. (سواءِ پيار ۽ ڏکن جي)“
(رهجي ويل منظر، صفحو: 91)
ڄامشوري ۾ شام ٿي وئي آهي نصير!
شامِ غريبان هاڻي غريبن جو ڇا ٿيندو؟
اسان جا چهرا ته کُهرا ٿيندا پيا وڃن.
سڀئي دوست پنهنجا سنجيده ويا ٿي
نه مرڪي ٿو ڪوئي، نٿو ڪو کلائي
ڏيئو پئي ٽمڪيو
ساري قبرستان ۾ هيڪل
ڪتبو پي، چمڪيو
(مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 40)
(مان طارق جي تربت وٽ، ساون ۽ فيروزي داڻن واري مالها کي رکي آئي هيس، اُها اُتي هئي الائي يا نه؟ نَڪو)
ڇڏڻ جي لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين،
اوهان جا سڏَ ٻراڻا پري پري تائين
(طارق عالم ابڙو)