شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

سمورا ڏيکَ اُجھاڻا ـــ حبدار سولنگي

سال 2007ع جي ڊسمبر جي هڪ شامَ، زندگيءَ مان ڇڻندڙ اُداسيءَ ۾ منهنجا نيڻَ لَٽجي چڪا هئا، دل ڄڻ ته ڪنهن حسينا جي ڀڳل چُوڙيءَ جيان وجودَ ۾ چُڀڻ لڳي هُئي، سيل فون تي ميسيج لکندي منهنجي آڱرين نه ڄاڻ ته ڪيئن منهنجي من جو سڄو ڏُک طارق عالم جي نمبر تي منتقل ڪري ڇڏيو. ڪا مهل مون پنهنجي گهر ٻاهران بيٺل کجيءَ جي اڪيلي اُداس وڻ کي پئي ڏٺو ۽ اکيون ڪنهن وِڃايل ٻارَ جي دل جيان اُٻاڻڪيون اُٻاڻڪيون پئي لڳيون. گهر ۾ هڪ هُيس آنءُ، ٻيو ڪانءُ !!
تصور جي تندُ ٽُٽي ته ڏٺم منهنجي موبائيل فون تي هڪ ميسيج آيو آهي. پڙهيم ته لکيل هو:
”پيارا! جيتري پيار مان تو ياد ڪيو آهي، پڪ ڄاڻ اوترو پيارُ آءٌ به تنهنجي حوالي ڪيان ٿو.... Thanks “
منهنجي پهرين ميسيج جو طارق عالم ايڏي قربَ مان جواب ڏنو ته اکيون مُرڪي پيون. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته: ”دوستي ۽ محبت پيدا ڪرڻ عقل جو اڌ ڀاڱو آهي.“
تصوير ۾تنهنجو ڳڙي روپ ايئن
لڳي ٿو هوا ۾ ڪنول پيو تري
(طارق)

22 فيبروري 2008ع تي سنجها جو دير سان فون ڪري ٿو:
”يار ڪٿي آهين؟“
”ڳيريلي.....“
”اِهو وري ڪاٿي آهي؟“
”ڇو؟“
”مان لاڙڪاڻي ڀُٽي صاحبَ جي بنگلي جي ڀرسان بيٺو آهيان ۽ تو سان ملڻ چاهيان ٿو؟“
”اوهه .... طارق مان ته پنهنجي ڳوٺ آهيان“
”ڳيريلو، لاڙڪاڻي کان پري آهي ڇا؟“
”ها 23. 24 ڪلو ميٽر پري آهي، ۽ هينئر ته مون کي سواري به نه ملندي لاڙڪاڻي لاءِ، تون قُرب ڪري هيڏي اچ ته وڏي مهرباني ٿيندي.“
” نه يار! مان ڳيريلي نه ٿو اچي سگهان، ڇو ته سُڀاڻي مون کي واپس ٿيڻو آ. مون سمجهيو تنهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻي جي ويجهو هوندو بس ٺيڪ آ، زندگيءَ اُجازت ڏِني ته ڪٿي ضرور ملنداسين، خدا حافظ“
مون کي پاڻ تي ڪاوڙ پئي آئي ته، مان لاڙڪاڻي ڇو نه ٿو وڃي سگهان؟ پريشانيءَ واري ڪيفيت ۾ مون لاڙڪاڻي ۾ موجود پنهنجي شاعر دوست عارف مظهر کي فون ڪيو.
”يار! طارق عالم لاڙڪاڻي آيو اٿئي، مهرباني ڪري ان کي ڳيريلي ته وٺي اچ، مون کي هن وقت لاڙڪاڻي لاءِ سواري نه ٿي ملي، نه ته مان اچان ها“
”ٺيڪ آ، ڪال ڪري پُڇانس ٿو ته ڪٿي آ، اڄ ته خوشخبري ٻُڌائي ڇَڏيَوَ“
”ها، پر هيڏي وٺي اچجانس.“
”ڪوشش ڪندس، پوءِ ٻُڌايانوَ ٿو.“
”ٺيڪ آ مهرباني عارف!“
تقريباً اڌ ڪلاڪَ کان پوءِ عارف ميسيج ڪري ٿو: ”سائين طارق مون سان گڏ آ“
کيس ڪال ڪريان ٿو: ”هيلو، هيڏي اچو نه!“
”نه پيارا! ٽائيم ڪونهي، هِتي رضيه جا مائٽ رهندا آهن، اُنهن ڏي وڃڻو آ، نه ته رضيه ڪاوڙ جي ويندي. مان سڀني دوستن کان چوري چوري لاڙڪاڻي ۾ رهڻ پئي چاهيو، صرف توکي ئي ڪال ڪيم، پر تو ته ڳالهه هُلائي ڇڏي.“
”مون کي مزو نه پئي آيو، ان ڪري عارف کي منٿ ڪيم ته طارق کي هيڏي وٺي آ.“
”ها يار! عارف منهنجي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي، سُٺو ماڻهو ٿئي.“
”مطلب هيڏي نه ٿا اچو؟!“
”نه پيارا! هاڻي تون اچ ڄامشوري. ۽ تولاءِ ”مهراڻ“ جو نئون پرچو کڻڻ وِسِري ويو، اُتي پهچي موڪليندو سانءِ.“
”ٺيڪ آ طارق! مهرباني“
(هن فون ڪال جو احوال بعد ۾ طارق مون کي ڏِنل پنهنجي هڪ آٽوگراف ۾ به لکيو آهي)
اسين نه شاهه، نه زردار، ۽ نه ئي سردار
کِڙو ٿا پوءِ به ڪنول جان اسان جي ئي پڳ ۾
(طارق)

2009ع ۾ مان بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرامَ جي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڇهن مهينن جي مُدت لاءِ ٽريننگ پروگرام ۾ شامل ٿيو هُئس. جِتي تاشفين انصاري (انيس انصاريءَ جو پوٽو)، رضوان منگي، عامر ٻگهيو، اشتياق سانڊاڻو، حفيظ سومرو ۽ ٻيا بهترين دوستَ مليا. مان ٽريننگ دوران لاڙڪاڻي ۾ رهندو هُئس پنهنجي ڀيڻَ وٽ. ۽ اهو سالُ منهنجي وجودي ڀڃ ڊاههَ جو سالُ هو. من ۾ محبت جي مورَ جو رقصُ هو ته اکين ۾ صحرا جي اُداسي..........!
طارق کان فون تي پُڇان ٿو:
”پيارا عورتَ ڇا هي؟“
”عورت اُها برسات آ، جيڪا ڪچا گهر ڊاهيندي آهي“
”يار! مان ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو آهيان“
”محبت کي من جو روڳ نه بڻاءِ، ان کي انجواءِ ڪر!“
”مطلب ؟؟“
”جيڪو پل به زندگيءَ ۾ اچئي، اُنَ کي ماڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عورت لاءِ پريشان نه ٿيءُ سولي سنڌيءَ ۾ ائين سمجهه ته، آئي ته روزي ٽري ته بَلا“.
کيس ڪو به جواب نه ٿو ڏيئي سگهان، لاجواب ٿي وڃان ٿو.
ساڳئي سال منهنجو ايم.اي فائنل (سنڌي ادب) جو رزلٽ به آيو هو. پر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان منهنجو ڪو مهربان ”دوست“ مارڪس سرٽيفڪٽ کڻي هليو ويو منهنجي غير موجودگيءَ ۾. ان وقت مون کي پنهنجو هڪ شعرُ ياد آيو هو:
دل ۾ خنجر ٿي لٿي آ، ”دوستن“ جي هردغا
دوستن جون مهربانيون ڪٿ وِساريون ٿا اسين

ڪاليج جو پرنسپال سليم ڪورائي صاحب هو. سوچيو متان طارق جو دوست هُجي سو طارق کي سڄو احوال ڏنم چيائين:
”مون ڏي سليم ڪورائيءَ جو موبائيل نمبر ايس ايم ايس ڪر.“
مون ڪنهن کان سليم ڪورائيءَ جو نمبر وٺي کيس ايس ايم ايس ڪيو. جهٽ کان پوءِ ڪال ڪري چيائين: ”يار! سليم ڪورائي چئي ٿو ته اِهو هاڻي يونيورسٽيءَ جو مسئلو آ، اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، سو تون يونيورسٽيءَ مان وٺي اچ“.
”مان يونيورسٽيءَ نه ٿو وڃڻ چاهيان، مجبوري آ“
”تون هينئن ڪر، پنهنجو اڪائونٽ نمبر موڪل، مان توڏي پئسا موڪلايان ٿو، تون يونيورسٽيءَ وڃ، اڄ ئي رات ادل وٽ ترس، مان کيس فون ڪيان ٿو.“
”طارق! پئسن جي ڳالهه ناهي. مان ليڪچرر شپ جي ڪميشن لاءِ اپلاءِ ٿو ڪيان ۽ سُڀاڻي آخري تاريخ آهي ان جي. مان، اڄ خيرپور وڃان به ته واپسيءَ ۾ دير ٿي ويندي!“
” چڱو ٿورو انتظار ڪر، مان پياري ادل سان ڳالهايان ٿو“
جهٽ کان پوءِ سائين ادل سومرو ڳالهائي ٿو:
”ادا! طارق فون ڪئي، توهان جي مارڪس سرٽيفڪيٽ لاءِ“
”جي سر!“
”توهان هينئن ڪيو، جو اڄ ئي بلڪ هاڻي ئي پنهنجا ڪاغذ فارم وغيره سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايڊريس تي TCS ڪري ڇڏيو، رهي ڳالهه مارڪس ٽيسٽ جي، ته اُها پوءِ به موڪلي سگهجي ٿي.“
”سر! بعد ۾ ڪو مسئلو ته نه ٿيندو نه؟“
” ڪجهه نه ٿيندو، بعد ۾ توهان مارڪ شيٽ سان گڏ هڪ درخواست به لکجو ڪميشن ڏانهن، جنهن ۾ ڳالهه واضع ڪجو ته مون پهريان فلاڻا فلاڻا ڪاغذ موڪليا ها، هي سرٽيفڪيٽ موجود نه هو، ان ڪري هاڻي موڪليان ٿو“
”مهرباني سائين!“
”ڪا ڳالهه ناهي، توهان پنهنجي بايوڊيٽا ايس ايم ايس ڪيو، ته مان توهان ڏانهن مارڪس سرٽيفڪيٽ TCS ڪري موڪليندس.“
”ٿينڪ يوسر!“
”ٺيڪ ادا!“
28 جون 2009ع تي مان لاڙڪاڻي جي دوستن رضوان منگي ۽ عامر ٻُگهيو سان مڪلي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي گُهمڻ وڃان ٿو. مڪليءَ مان طارق کي ميسيج ڪيان ٿو.
”ملان لٽر جي قبر تي بيٺو آهيان“
”اتي ڇا ٿو ڪرين؟“
”رُلان ٿو، توهان ڪٿي آهيو؟“
”مان رات ڪراچي ويندس، پروگرام آ اُستاد محمد جُمن جي ياد ۾“
”مان رات حيدرآباد هوندس نسيم نگر ۾، سڀاڻي توسان ڪٿي مِلان؟“
”ڪهڙي وقت ايندين؟“
”صبح جو نڪرندس ڄامشورو لاءِ اسحاق سان به مِلڻو آهي.“
”مان آفيس هوندس، اُتي اچجانءِ، پوءِ اسحاق ڏي هلنداسي، هُنَ سان مون کي به ڪچهري ڪرڻي آ“ مڪليءَ ۾ رُلي، ڪينجهر تي ڀٽڪي رات جو حيدرآباد اچون ٿا، نسيم نگر وڃڻ بجاءِ سڀ دوست هڪ هوٽل تي رات گذاريون ٿا، رات جو سڀني دوستن کي ڇڏي هيٺ لهي اچان ٿو. هوٽل ڀرسان هڪ ميوزڪ سينٽر نظر اچي ٿو، اتان جگجيت سنگهه، مهدي حسن ۽ حامد علي خان جا البم وٺان ٿو.
سڄي ڏينهن جو ٿَڪُ هئڻ سبب سڀ دوست سُمهي پون ٿا، پر مون کي ننڊ نه ٿي اچي، روبينه ابڙو جو شعر ياد اچي ٿو:

يادون لِڪيون پيون هِن وانداهه نه ڪر سکي ڙي!
اوندهه جي آرسيءَ ۾ چهرا نه پون جاڳي

هڪ چهرو ساري رات مون سان جاڳندو ٿو رهي، نه ڄاڻ ڪهڙي وقت هو اڏامي وڃي ٿو ۽ خوابن جا پکي منهنجي نيڻن ۾لهي ٿااچن.

اسان جي ڀاڳ ۾ آهين، نه آهين
اسان جي جاڳَ ۾ آهين مگر تون
(طارق)

29 جون جي صبح جو اک کُلي ٿي طارق جي ڪال تي: ”ڇا ٿو ڪرين؟“
”بس تيار ٿي ڪلاڪ کن ۾ نڪران ٿو“
”ٻڌ، مان آفيس ٿو وڃان، جلدي موٽي ايندس، تون گهر اچجانءِ“
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾گهر نمبر C-33 وٽ پهچي بيل وڄايان ٿو،
هڪ ننڍڙو ڪيوٽ ڇوڪرو نڪري ٿو ۽ اچڻ سان سوال ڪري ٿو:
”ڪنهن سان ملندؤ؟“
”سائين طارق عالم سان“
”توهان ڪاٿان آيا آهيو؟“
”لاڙڪاڻي مان“ رضوان چئيس ٿو.
”اڙي! لاڙڪاڻو ته اسان جو شهر آ“
”توهان جو ناهي، اسان جو آ“ عامر چئيس ٿو.
”توهان سائين طارق کي ٻُڌايو ته لاڙڪاڻي مان مهمان آيا آهن، وڃو شاباس.“
کيس گهر موڪليان ٿو، کن کان پوءِ طارق اچي ٿو، سڀني سان محبت سان ملي ٿو. طارق سان هيءَ منهنجي پهرين مُلاقات آهي.
حال احوال وٺڻ کانپوءِ طارق چوي ٿو: ”رات نصير سان گڏ ڪراچيءَ هُيس، اُستاد محمد جمن جي ياد ۾ پروگرام هو. دير تائين سڀ دوست مستيون ڪندا رهياسين، انهن مستين ۾ هوٽل تي منهنجو چشمو به وسري ويو. صبح سويرَ گهر پهتو هُئس، تنهنجو انتظار هو، ان ڪري ننڊ به نه ڪئي اٿم، ڏاڍو اوجاڳو آهي. مان ننڊ ڪندو آهيان ته رضيه منهنجي موبائيل فون مون وٽان کڻي ويندي آهي.“
ساڳيو ڪيوٽ ڇوڪرو ”رهبر“، ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿو. ان کان پوءِ طارق سنڌ الاجيءَ وٺي هلي ٿو. اڳ ۾ سنڌ الاجيءَ اسحاق سميجي سان گڏ آيو هُئس. سنڌ الاجيءَ پهچي اسحاق کي فون ڪيان ٿو، پر هُو ڪراچي ويل آهي. سنڌالاجيءَ ۾ اوچتو بجلي هلي وڃي ٿي ته هال ۾ اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. ڀاڀي رضيه موبائيل فون جي لائيٽ سان حال ۾ اچي ٿي. طارق چوي ٿو: ”پيارا اڳ ۾ ملاقات آهي؟“
”نه، اڳ ۾ هتي آيو هُيس ته اسحاق ميڊم کي سلامُ ڪيو هو، تعارف نه ٿيو هو.“
”منهنجي رضيه .......... رضيه! هي پيارو حبدارُ“
ڀاڀي رضيه سلامُ ڪري ٿي، اسان لاءِ ڪولڊ ڊرنڪس گهرائي ٿي.
منجهند جي ماني طارق جي گهر. آڳر تي وڻن جي ڇانوَ ۾ کائون ٿا. طارق پُڇي ٿو:
”پيارا هاڻي ڪاڏي ويندين؟“
”حيدرآباد“
”پياري نصير ڏي وڃجان، ڪچهري ڪجو. مان هلان ها پر اوجاڳي پيڙهي ڇڏيو آ، ڊرائيو نه ڪري سگهندس.“
طارق، لاهوت کي فون کڻي اچڻ لاءِ سڏي ٿو.
طارق نصير مرزا صاحب سان ڳالهائي ٿو.
پوءِ فون مون کي ڏي ٿو،
”جي سر!“
”ها، ادا توهان اچو، مان شامَ 7 بجي تائين آفيس ۾ هوندس.“
”ٺيڪ آ سائين!“
”توهان کي خبر هوندي ته طارق جي هر دوست ۾ منهنجو اَڌُ آهي. هاڻي توهان طارق جا دوست آهيو، مطلب ته اڌ منهنجا به دوست آهيو“
”مهرباني سائين!“
”توهان اچو، ڪچهري ڪيون ٿا“
طارق، ڄامشورو ڦاٽڪ تائين اسان کي ڇڏي اچي ٿو.
”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، جي آفيس ۾ آءٌ، رضوان ۽ عامر پهچون ٿا.
نصير مرزا صاحب سان مِلي روحُ رابيل ٿي وڃي ٿو. ويتر خوشي ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي ڪتاب ”ٿي نه سگهيس شاعر“ جي ڪاپي اسان کي گفٽ ڪري ٿو.

سفر ۾ ڪالهه هُئا ۽ سفرَ ۾ اڄ آهن
نه جن جا ٿاڪَ، ٺڪاڻا پري پري تائين
(طارق)

”مڃتا“ رسالي ۾ طارق جو انٽرويو ڇپيو. انٽرويوءَ مزو نه ڏِنو. فون تي طارق کي چيم:
”پيارا !”مڃتا“ ۾ تنهنجو انٽرويو پڙهيم، انٽرويوءَ ۾ ڪجهه ڪونهي“
”ڏِسُ، چرچا ٿو ڪرين نه؟!“
”نه سچي ٿو چوان، ان ۾ تنهنجو قصور ڪونهي، انٽرويو وٺندڙ دوستن تنهنجي شخصيتَ جا تَههَ نه کوليا آهن، ان ڪري انٽرويو بلڪل روايتي بڻجي ويو آهي، تنهنجو هڪڙو سيلف انٽرويو ڪافي سال اڳ ”عبرت ميگزين“ ۾ پڙهيو هُئم، اُهو ايڏو خوبصورت هو، جو مون کان اڄ تائين ناهي وسريو“
”دوست نوان هُيا، ان ڪري ائين ٿيو آ“
”تنهنجو انٽرويو اسحاق ڪري يا نصير صاحب“
”حبدار ڇو نه؟“
”ان کي تنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت گهڻي خبر چارَ ڪانهي؟“
”پيارا!، منهنجي ڪا به ذاتي زندگي ناهي“

اسين فقير، مُسافر، محبتن جا سفيرَ
پُڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي
(طارق)

22 آڪٽوبر 2009ع تي آءٌ ڄامشوري وڃان ٿو، اسحاق سميجي وٽ سندس هاسٽل واري روم تي ترسان ٿو. ڄامشوري جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ جن شخصيتن جو عڪسُ سدائين مُرڪندو رهيو آهي، اُهي آهن، طارق عالم ۽ اسحاق سميجو. طارق عالم سان رُوحاني ربطُ رهيو آهي ۽ اسحاق سميجي سان دِلي لڳاءُ. نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ منجهند جو ٻي بجي سنڌيءَ ۾ ليڪچرر جي رٽن ٽيسٽ آهي ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي. اسحاق يونيورسٽيءَ پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ويل آهي، ۽ سندس روم تي اڪيلو ڪتابن ڏسڻ/پڙهڻ ۾ مشغول. طارق کي فون ڪيان ٿو.
”ڪٿي آهيو؟“
”پيارا آفيس، تون ڄامشوري آيو آهين؟“
”ها، اسحاق جي روم تي آهيان“
”بس، اتي ئي هُج، مان اچان ٿو“، ڪُجهه منٽن کانپوءِ طارق اچي ٿو. طارق سان هِيءَ منهنجي ٻي مُلاقات آهي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ چئي ٿو، ”هل ته هلون ٽيڪسٽ بُڪَ بورڊ، اُتي پير معظم آيو آهي، ان ۾ ڪم آ.“
”۽ اسحاق اچي ته ..........؟“
”فون ڪندو اسحاق، پوءِ کيس ٻُڌايون ٿا ته، اسان ڪٿي آهيون“
اسحاق جو روم، لاڪ ڪري، ٻئي ڄڻا نڪرون ٿا، ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ طارق جو ڪو ”ميمڻ“ ذات جو دوست آهي، اُهو طارق ۽ مون سان ڏاڍي پيارَ سان مِلي ٿو. هُو مون کي لائبريريءَ ۾ ويهاري ٿو، جِتي ڪيترائي ”خوبصورت ڪتابَ“ خاموش آهن ۽ ٽي چار”خوبصورت چهرا“ ڳالهائن ٿا. آءٌ ”ڪِتاب“ ڏسڻ لڳان ٿو ۽ ”چهرا“ پڙهڻ لڳان ٿو. طارق پير مُعَظم صاحب سان ملي موٽي اچي ٿو. گاڏيءَ ۾ ويهون ٿا ته اسحاق جي ڪال اچي ٿي.
”ڪٿي آهيو حبدار؟“
”سائين طارق عالمَ سان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ“
”۽ توهان جي ٽيسٽ؟“
”ان ۾ اڃا ٽائيم آهي، طارق صاحب مون سان گڏ حيدرآباد هلي ٿو“
پوءِ طارق به اسحاق سان فون تي ڳالهائي ٿو.
”پيارا! اسحاق ٿو چئي ته حبدار کي ٽائيم تي امتحاني سينٽر تي پهچائجو، 5 يا 10 منٽ به دير ٿي وَيوَ ته امتحاني سينٽر ۾ اندر اچڻ نه ڏيندس، سو، هاڻي بس دير ناهي حيدرآباد هلون ٿا“
ڪار ڊرائيور ڪندو هُو ڳالهائي ٿو: ”تون ڪالهه ڪڏهن آيو هُئين؟“
”شامَ جو پنجين بجي“
”پوءِ رات فون نه ڪيئي؟“
”رات ٿڪل هُئس ۽ ٽيسٽ بابت اسحاق کان رهنمائي به وٺڻي هُئي، ان ڪري توهان کي فون نه ڪيم“
”صبح جو اسحاق يونيورسٽيءَ ويو هو ته، تون مون ڏي آفيس هليو اچين ها“.
”ٽيسٽ جي تياري پئي ڪيم، ڪجهه ڪتابَ آندا ها، اُهي پئي ڏٺم“
”امتحان جي ڏينهن تياري ڪبي آ! ياد ٿيل سوال به وِسري ويندا آهن“
سي اين جي اسٽيشن تان هُو گاڏيءَ ۾ گيس وجھرائي ٿو ۽ مون کي چئي ٿو ”پيارا! مانيءَ جو ٽائيم به ٿي ويو آ ۽ تنهنجي ٽيسٽ ۾ به ڏهه منٽ بچيا آهن، ڪيئن ڪيون؟ انگريزي نمونو ٿا ڪيون“
هُو سي اين جي اسٽيشن ڀرسان بيڪرس شاپ تان ڪيڪ وغيره وٺي اچي ٿو. آءٌ کيس چوان ٿو، ”هي هيترو ڪيرُ کائيندو؟“
”سڀ تو کي کائڻو آ سُهڻا! نه کائيندين ته امتحان ڪيئن ڏيندين؟“
هُو مون کي دوست نه پر اولاد جيان پيار ڏيئي ٿو، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي گيٽ تي ڪار بيهاريندي چئي ٿو: ”پيارا! هاڻي هينئن ڪجانءِ، جو ٽيسٽ ڏئي مون کي ڪال ڪجانءِ، مان توکي کڻڻ ايندس، مان نصير وٽ وڃان ٿو.“
”پيار! فون Not Allowed آ، منهنجي موبائيل فون توهان کڻي وڃو، مان ٽيسٽ ڏئي ريڊيو اسٽيشن تي پهچي ويندس“
”توکي اُتي اچڻ ۾ متان ڪا ڏُکيائي ٿئي؟!“
”نه ٿيندي انشاءَ الله، مان اڳ ۾ به نصير صاحب وٽ ويو آهيان، پُڄي ويندس، توهان فڪر نه ڪيو“
طارق هليو وڃي ٿو، آءٌ ٽيسٽ ڏئي، اسڪول کان ٻاهر نڪران ٿو ته هڪ اڻ سڃاتل ماڻهو نهايت پيارَ سان ملي ٿو، ٽيسٽ جو احوال وٺي ٿو. ۽ ڪٿي چانهه پيئڻ لاءِ آفر ڪري ٿو (پنهنجو نالو ممتاز علي کوکر ٻُڌائي ٿو، بقول سندس هو ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي) پر مان چانهه پيئڻ کان انڪارُ ڪيان ٿو، ڇو ته مون کي طارق وٽ وڃڻو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ نصير مرزا صاحب ۽ طارق عالم ويٺا آهن. فقير محمد ڍول به موجود آهي، پوءِ زيب سنڌي صاحب به اچي ٿو، تمام خوبصورت پَلَ گذرن ٿا. نصير صاحب طارق کي چئي ٿو: ”طارق! اڄ ڏاڍو سُٺو ٿيو، جو توهان آيا آهيو، حبدار ۽ فقير محمد به آهن، اسان هِتي هڪڙو نئون پارڪ پيا ٺاهيون، ان لاءِ ٻوٽا آندا آهن، سو مان چاهيان ٿو ته اُهي توهان جي هٿان لڳرائجن.“
”ڏاڍو سُٺو“ طارق وراڻي ٿو. پوءِ پارڪ ۾ اسان ٽئي ڄڻا نصير صاحب جي محبت ڀرئي ساٿَ ۾ ٻوٽا لڳايون ٿا. طارق چئي ٿو: ”پيارا! اڄوڪو ڏينهن ته يادگار بڻجي ويو“. موٽ ۾ مان کيس مُرڪي ڏسان ٿو ۽ دل ۾ سوچيان ٿو توهان سان گذرندڙ پل اپل يادگار آهي. ريڊيو حيدرآباد کان ٿي طارق ۽ آءٌ جيمخانه اچون ٿا، جيمخانه کانپوءِ المنطر تي. ”المنظر“ تي آءٌ کانئس سوال ڪيان ٿو: ”توهان ٻيو ناول ڇو نه ٿا لکو؟“
”ها، يار! ٻيو ناول مون کي لکڻ کپي، هڪڙو سوانحي ناول لکان پيو، جنهن جا ڪجهه Chapter لکيا اٿم، مڪمل ٿئي ته پوءِ ڇپائبو“.
”توهان کي رائيٽر ڪهڙو وڻندو آهي؟“
”گارشيا مارڪيز“
”اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه؟“
”اشفاق صاحب کي مون گهڻو پڙهيو آ، سکيو آ، بانو آپا جو ناول ”راجه گدهه“ گهڻو وقت اڳ پڙهيو هو، اُهو ٻيهر پڙهندس ڪڏهن“.
”شاعريءَ جو ڪتاب ڇو نه ٿا ڇپرايو“
”ها، شاعري هلي ٿي، جڏهن بند ٿي ته ڪتابُ آڻبو“
”مون اوهان جي هڪڙي ڪهاڻي اردوءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي“.
”ڪهڙي؟“
”ڏور به اوڏا سُپرين“
”اِها تو ڪا ٿي پڙهي“؟
”مهراڻ ۾“
وڏو ظالم آهين، مون کي ته ياد به ناهي، اردوءَ ۾ ڇا نالو رکيو اٿئي؟“
”فاصلون ڪي دستڪ“
”صحيح – رضيه به منهنجون ڪجھه ڪهاڻيون ترجمون ڪيون آهن اردوءَ ۾، تنهنجا موڪليل اردو غزل مون پڙهيا ها، جيڪي مون کي وڻيا ها، تون اُهي ڇپائين ڇو نه ٿو“؟
”مون ”ادبيات“ کي موڪليا ها، پر نه ڇپيا، پنهنجو مجموعو آڻبو اردو شاعريءَ جو“
”اِهو صحيح آ“
تقريباً ستين بجي طارق جي گهر پهچون ٿا. هُو جلديءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا (شلوار قميص) کڻي اچي ٿو ۽ چئي ٿو، ”پيار! هي وٺ چينج ڪري اچ“
”بس ائين ٺيڪ آ“
”نه، ٺيڪ ناهي، سڄو ڏينهن تون پينٽ شرٽ ۾ رهيو آهين، هاڻي Easy ٿيءُ، چينج ڪري آ“
مان ڪپڙا باٿ روم ۾ چينج ڪري موٽي اچان ٿو. سائين انعام شيخ ڪمري ۾ موجود آهي، تعارف وغيره ٿئي ٿو. رات جي مانيءَ تي طارق، انعام صاحب، هالار ۽ لاهوت گڏ آهيون. مانيءَ کانپوءِ ڪچهري ٿئي ٿي. اسحاق فون ڪري حال احوال وٺي ٿو. طارق جي گهر ۾ رات پيار، پنهنجائپ ۽ قرب جي عجيب احساسَ ۾ گُذري ٿي. هُو ٻه ڀيرا منهنجي ڪمري ۾ اچي ٿو.
طارق جي بڪ شيلف مان ”آج“ رسالو ڪڍي پڙهان ٿو ته هُو منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجھي چئي ٿو: ”پيارا! ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پئي ته مون کي فون ڪجان، مان پنهنجي موبائيل فون ”On“ رکان ٿو، گُڊ نائيٽ پيارا!“
صبح جو هُو پاڻ چانهه کڻي اچي ٿو. چئي ٿو: ”پاڻ هالار کي يونيورسٽيءَ ڇڏي، پوءِ پياري انعام وٽ هلون ٿا“
”سائين انعام وٽ نه ٿا هلون، وري ڪنهن ٻئي ڀيرا هلنداسي“.
”نه پيارا! هُنَ سان رات ڪمٽمينٽ ڪئي هُئي سي، ته ناشتو تو وٽ ڪنداسي، ان ڪري لازمي هلڻو پوندو، نه ته پيارو ڪاوڙجي ويندو.“
”ٺيڪ آ، هلون ٿا“
هالار کي مهراڻ يونيورسٽيءَ ڇڏي، اسان سائين انعام شيخ جي گهر اچون ٿا. جتي هو اسان جي انتظار ۾ هُيو. انعام صاحب ڏاڍي قربائتي نموني آڌر ڀاءُ ڪري ٿو. لاڙڪاڻي جي ماڻهوءَ جي محبت ۽ مهمانوازي دل خوش ڪري ڇڏي ٿي. کانئس موڪلائي اسحاق وٽ هاسٽل تي اچون ٿا. هُو مون کان حال احوال وٺي ٿو ۽ علي دوست عاجز جو ڪتاب ”رنگ رتو آڪاس“ گفٽ ڪري ٿو. ڄامشورو ڦاٽڪ تائين طارق ڇڏڻ گڏ هلي ٿو ۽ مان کوڙ ساريون محبتون کڻي لاڙڪاڻي واري ڪوچ ۾ ويهان ٿو. ساري واٽ محبت جي خوشبو مون سان ساڻ رهي ٿي.
روپ ڪنهن جو، نه ڪنهن جو رنگُ آهي
سارَ ڪنهنجي هي منهنجي سنگ آهي
(طارق)

طارق سان منهنجي ٽين مُلاقات شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 25 مارچ 2010ع تي ”شيخ اياز ڪانفرنس“ ۾ ٿئي ٿي. جِتي هو انعام شيخ، اسحاق سميجي ۽ زيب سنڌيءَ سان گڏ آيو هو. مانيءَ جي وقفي دوران ليکڪ ۽ يونيورسٽيءَ جا شاگرد کيس وڪوڙي وڃن ٿا، ڪو کانئس ڪانٽيڪٽ نمبر ٿو گهري ته ڪو آٽو گراف. اڪثر ماڻهن جي واتان هي جملو ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي:
”سر! توهان جو ناول ”رهي ويل منظر“ واڍو وڻيو.
جڏهن هجوم گهٽي ٿو ته طارق چئي ٿو: ”يارَ! منهنجون ٻيون لکڻيون ”رهجي ويل منظر“ جي هيٺان دٻجي ويون آهن.“
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ اياز گل محبت ڏين ٿا. طارق لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ”هُوٽر“ به هيو. روبينه ابڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿي:
”طارق رائيٽر سان گڏ هُوٽر به ڪمال جو هُيو ۽ اها ته حقيقت آهي ته هُوٽنگ هميشه اُهوئي ماڻهو ڪري سگهندو آهي، جيڪو پاڻ تي به تنقيد برداشت ڪري سگهندو هُجي“
”شيخ اياز ڪانفرنس“ ۾ مون طارق کي ان روپ (هُوٽر) ۾ به ڏِٺو، پر واههَ جو ڏِٺو پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ ”چڱن ڀلن“ تي هوٽنگ ڪيائين.

طارق سان منهنجي چوٿين (آخري) ملاقات لاڙڪاڻي ۾ 10 اپريل 2010ع تي ٿئي ٿي. جتي سنڌي ادبي سنگت ڳيريلو ۽ سارنگا ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽي ڄامشورو پاران نظاماڻي ليبر هال ۾ طارق جي 52 هين جنم ڏينهن جي شاندار تقريبَ ٿئي ٿي. جنهن ۾ ڄامشورو کان طارق عالم، نصير مرزا، انعام شيخ ۽ اسحاق سميجو اچن ٿا. سکر کان ڊاڪٽر ادل سومرو اچي ٿو، ان کان علاوه لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا اديب شرڪت ڪن ٿا. طارق عالم جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي نهايت ڀرپور نموني مقالا ۽ مضمونَ پڙهيا وڃن ٿا.
پروگرامَ جي پُڄاڻيءَ تي ڄامشورو کان آيل معزز مهمانن جي مانيءَ جو شاندار بندوبست ڳيريلي جو مورن جهڙو ماڻهو ظهور احمد ڪماريو صاحب شيخ زيد ڪالونيءَ ۾ ڪري ٿو. اُتي طارق چوي ٿو: ”پيارا! تو پروگرام ته شاندارُ ڪري ڏيکاريو“.
”توهان اڃا به وڌيڪَ محبت جا حقدار آهيو، هي ته ننڍڙو پروگرام هو“ موٽ ۾ طارق مون کي Kiss ڪري ٿو. ان پروگرام ارينج ڪرڻ ۾ مون سان اسحاق سميجي، ظهور احمد ڪماريي، احسان دانش، ياسين چانڊئي، ڄام زوهيب احمد ۽ ابرار ابڙي تمام گهڻو سهڪارُ ڪيو. مان سندن هميشه لاءِ ٿورائتو رهندس.

مارچ 2011ع تي منهنجي شادي هئي لاڙڪاڻي ۾. طارق جي ان وقت طبيعت ٺيڪ نه هئي. ڪنهن دوست کيس منهنجي شاديءَ جي خبر ڏِني ته ڪال. ڪري چيائين: ”پيارا! مان تنهنجو ڏوهاري آهيان، جو هن خوبصورت گهڙين ۾ توکان پري آهيان، منهنجي طبيعت صحيح ٿئي ته مان هالار ۽ لاهوت سان گڏ ضرور ايندس.“

10 اپريل 2011ع تي رات جو دير سان طارق کي فون ڪري ”جنم ڏينهن“ جو واڌايون ڏِيان ٿو. چئي ٿو: ”اڄ پنهنجي شاعري ٻُڌاءِ“ آءُ کيس پنهنجو غزل:
بند گهر سانت ۾ ڪو غَمُ هُيو
ڀِتِ مٿان گهڙيال جو ماتُم هُيو

ٻڌايان ٿو ته چئي ٿو:
”تنهنجي شاعري ته ڏاڍي سُٺي ٿي پئي آ پيارا!، تون هاڻي پنهنجو ٻيو مجموعو ڇپراءِ.“
”ڇپائيندس طارق! پر هڪڙو شرط آ ته، ان جو مهاڳُ تون لِکندين“
ڪنهن عورت شاعره کان لکائينداسي، جنهن کان چوندين، اُنَ کان لِکائي ڏيڻ منهنجو ڪم آ.“
”صرف طارق عالم“
”ايڏو ضد!؟“
”بلڪل ضد“
”لکندس پيارا!، تون مجموعو ترتيب ڏي، مسودو تيارُ ڪر، مان فقير محمد ڍول سان ڳالهايان ٿو، اڄڪلهه اُهو ڪِتابَ سُٺا ٿو ڇپرائي، ان کي چوان ٿو، اُهو توسان ڪانٽيڪٽ ڪندو“
بعد ۾ ان معاملي تي فقير محمد ڍول سان منهنجي ڳالهه بولهه به ٿي هُئي، پر اُهو معاملو منهنجي سُستيءَ جي ڪري ”ڳالهه ٻولهه“ کان اڳتي وڌي نه سگهيو.
*
طارق جي وفات کان تقريباً مهينو کن اڳ اسان جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، طارق چئي ٿو:
”پيارا ! تون گهرِ آهين؟“
”ها پر ڇو طارق!؟“
”امڙ سان ڳالهائڻو آ، ممڪن آهي؟“
”ها، ڇو نه“
پوءِ طارق امڙ سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو:
”امڙ! پيرن تي هَٿَ، مان به توهان جو پُٽ آهيان، منهنجي طبيعت تمام خراب آ، دُعا ڪيو ته مان ٺيڪ ٿيان، مان حبدار جي شاديءَ تي به نه آيو هُيس، جو طبيعت خراب هُئي. توهان جو قرضي آهيان، ڳيريلي ضرور ايندس دُعا، ڪيو ته ٺيڪ ٿي وڃان“
امان جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا، کانئس فون وٺي طارق کي روئڻهارڪي آواز ۾ چوان ٿو: ”طارق! اسان جو دُعائون توسان سدائين گڏ آهن، پريشان نه ٿي، انشاءَ الله تون ٺيڪ ٿي ويندين“
اخبارن ۾ طارق جي صحت بابت ڳڻتيءَ جهڙيون خبرون ڇپجن ٿيون. کيس ڪال ڪيان ٿو، پر اٽينڊ نه ٿي ٿئي. هڪ ڀيرو ڀاڀي رضيه ڪال اٽينڊ ڪري ڏکايل لهجي ۾ چئي ٿي:
”ادا ! طارق نه ٿو ڳالهائي سگهي ............!“
اسحاق سميجي کي فون ڪيان ٿو:
”اسحاق! طارق جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”حبدار! SIUT ۾ آ طارق. سندس صحت مسلسل خراب ٿيندي ٿي وڃي.“
”مان ڪراچيءَ وڃان ته مِلندو طارق مون سان؟“
”نه، توهان سان ته ڇا پر ڪنهن سان به نه ملندو، توهان جو ڪراچيءَ وڃڻ اجايو ٿيندو، شيشي جي ديوار مان کيس پري کان ڏِسي سگهندو، پر ڳالهه ٻولهه يا ملڻ وغيره ممڪن ناهي.“
”اڇا؟!“
”ها، ان ڪري اسان ئي ڪو نه ٿا وڃون اسان طارق کي سدائين کِلندي ڏٺو آ، کيس اِنَ حالت ۾ نه ٿا ڏِسي سگهون“.

11 جو 2011ع تي رات جو ڪنهن شاعر دوست وٽان ميسيج اچي ٿو:
”طارق عالم اسان کي ڇڏي هليو ويو .......!“
موبائيل فون جي اسڪرين ڌنڌلي نظر اچي ٿي، اسحاق کي فون ڪيان ٿو:
”اسحاق! طارق جي Death جو ايس ايم ايس آيو آ .......“
”ها، يار! طارق هليو ويو............مون کي به هاڻي ئي خبر پئي آ“
”مان سُڀاڻي ڄامشوري ايندس........“
صبح جو ڄامشوري لاءِ نڪران ٿو، ڄامشوري ۾ منهنجا ڳيريلي جا ٻه دوست ياسين چانڊيو ۽ ناصر ميئو ڪجھه ڏينهن کان ترسيل آهن. اُنهن وٽ وڃان ٿو، اسحاق سان به رابطو ڪريان ٿو. طارق عالم جي گهر ٻاهران ”تڏو“ وِڇايل آهي، جِتي علي بابا، انعام شيخ، حسن درس، هالار، لاهوت ۽ کوڙ اڻ سُڃاتل اديب ويٺا آهن، دُعا گهري طارق جي گهر جي گيٽ ڏِسان ٿو ته اندرُ ڀرجي اچي ٿو.

ناميارو اردو ليکڪ اصغر نديم سيد لکي ٿو:
”ڪي شخصيتون اهڙيون آهن، جن جي تلاش ۾ نڪرون ته اوچتو سامهون ڀت اچي ويندي آهي، جنهن تي لکيل هوندو آهي، ”موٽ پوئتي، ڌيان ڪٿي اٿئي!“ يا لکيل هوندو آهي، ”هتان کان اڳتي ته هُو شخص پاڻ به نه وڃي سگهيو آهي، توهان ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟“ ۽ ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن جي ڳولا ۾ نڪرو ته رستا ئي رستا، چونڪ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا موڙ ايندا آهن، بس اُتي پاڻ کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.“
مٿي ڄاڻايل ٻن قسمن جي شخصيتن مان طارق عالم آخري قسم واري شخصيتن مان هو. جنهن سان ملڻ لاءِ نڪربوهو ته آڏو نه صرف رستا ئي رستا بلڪه موسمون ئي موسمون، هوائون ئي هوائون مِلنديون هيون، ماڻهوءَ جي دل بادل ٿي پوندي هُئي. هن پنهنجي آڏو ڪڏهن به ديوار نه ٺهرائي، هُو ته عشق جي آسمان جو ڪو ڪڪُر هُيو........!
طارق عالم پنهنجي ذات ۾ مڪمل آرٽسٽ هُيو، اجائي ٺاهه ٺوهه يا مَفاد پرستيءَ کان هو هميشه پري رهيو. وڏي واڪي سچ چئي ڏيڻ سندس رت ۾ شامل هو. آفيس هُجي يا ادبي پروگرام، هُو هر جڳهه تي پنهنجو احتجاجي آواز بلند ڪندو هو. هو سنڌي ادب جي چاپلوسيءَ واري ماحول کان سدائين ڪٽيل رهيو، ان ڪري کيس ڪڏهن به منافقيءَ واري بيماري نه لڳي. هُو سنڌي ٻوليءَ جو اهو اڪيلو ليکڪ آهي جيڪو پنهنجي اسٽائيل جي حوالي سان سڀني کان الڳ ٿلڳ رهيو، پوءِ اُهو اسٽائيل شخصيت جو هُجي يا لکڻين جو، سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ سنڌي ادب ۾ هميشه جدت ۽ اظهارَ جي ڀرپوريت جو مضبوط اُهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. سندس ناول منهنجي لاءِ انتهائي مقدس رهيو آهي، ان ناول ئي هڪ دوست جيان مون کي محبت جو معنائون سمجهايون، جنهن مون کي اِهو سمجهايو ته عشق لا حاصل ٿيندو آهي، محبت کي ڇُهي ته سگهجي ٿو پر ان کي پنهنجي دل جي مُٺ ۾ قيد ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، محبت ته خوشبوءَ- جيان آهي، جيڪا حواسن جون حدون اورانگهي نه ڄاڻ ڪهڙين وسعتن ۾ هلي ويندي آهي. جنهن وقت مون سندس اهو ناول پڙهيو هو، ان وقت محبت جي جُنونَ منهنجي جيءَ کي مجذوييت جي صحرا ۾ ڀٽڪايو پئي، مون لاءِ حاصلات ئي محبت هئي، ليڪن ناول جي پُڄاڻيءَ وقت مون محبت جي هڪ نئين معنيٰ کي ماڻيو.
طارق عالم محبت جي مِٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ انيڪ محبتون ڪيون. منهنجي خيالَ ۾ هو شيخ اياز صاحب کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ليکڪ هو، جنهن جي محبتن ۽ محبوبائن جو تعداد ٻين سڀني سنڌي اديبن کان مٿي آهي.
سنڌي ادب ۾ طارق عالم جي دوستن جي هڪ الڳ ئي دنيا آهي، جيڪي طارق جي محبت جا مقروض رهيا آهن. نصير مرزا کان انعام شيخ، ادل سومري کان اسحاق سميجي، مُنور سراج کان قاضي اياز مهيسر ۽ روبينه ابڙو کان حبدار سولنگيءَ تائين اڄ به طارق جي دوستن جي دلين ۾ سندس وڇوڙي جو دردُ دُکي رهيو آهي.

(11 جون 2012ع تي ملهايلَ طارق عالمَ ابڙي جي پهرئين ورسيءَ جي نسبت سان)