• شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي III
کل ڀوڳ ۽ چرچو يا طنز مزاح به ضروري آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن هي رکا ڪالم به دائمي فائديمند ٿيندا آهن. مان چاهيان ٿو ته چيئر پاران هن وقت تائين ڪيل سموري ڪم جو تفصيل ۽ وچور هر پڙهئي لکئي ماڻهوءَ جي سامهون اچي. ان سان هڪ طرف تحقيقي ڪم ڪندڙن جي مدد ۽ سهولت ٿئي ٿي ته ٻئي طرف ڪم ڪندڙن جي پورهئي کي جس ملي ٿي. اسان گهڻو ڪري بيجا تنقيدن ۽ ٺٺولين ۾ رڌل هوندا آهيون. جت ضروري هجي ته اتي ائين به ڪجي پر جت شاباش ۽ جس ڏيڻي هجي، ته اتي ان کان بخل به نه ڪجي. اڳين ڪالمن ۾ اسان چيئر پاران ڇپايل ڪتابن جو ذڪر ڪيو هو.
اڄوڪي ڪالم ۾ شاهه لطيف چيئر پاران گذريل ٽن سالن دوران ڪرايل پروگرامن جو تفصيل ڏينداسين ۽ ڪلاچي جرنل جي ٻارنهن ئي شمارن ۾ ڇپيل مضمونن جو وچور ڏينداسين، جيئن اڳتي هلي هي ڪالم بيبلوگرافي طور ڪم اچي سگهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران گذريل ٽن سالن ۾ ڪرايل پروگرامن جو مختصر احوال:
فيبروري 1998ع ۾ شاهه لطيف چيئر جون واڳون ڊاڪٽر فهميده حسين سنڀاليون، ان کان اڳ پاڻ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن هيون. سندس دؤر ۾ شاهه لطيف چيئر ۾ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪم شروع ٿيو ۽ هن وقت تائين ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا پروگرام ڪرائڻ کان سواءِ تحقيق ۽ ترجمي تي مشتمل ٻاويهه ڪتاب ڇپايا ويا آهن.
26 ۽ 27 جون 1998ع تي ٻن ڏينهن واري شاهه عبداللطيف قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. جنهن ۾ مقالن جي نشستن کان علاوه اردو – سنڌي مشاعرو ۽ موسيقيءَ جو پروگرام ڪرايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي برک اديبن ۽ محققن شاهه سائينءَ ۽ سنڌي ادب جي مختلف صنفن بابت مقالا پڙهيا. هن جو افتتاح سنڌ جي تڏهوڪي گورنر معين الدين حيدر کان ڪرايو ويو. ۽ خاص مهمان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو.
14 نومبر 1998ع تي هڪ توسيعي ليڪچر منعقد ڪرايو ويو. جنهن جو عنوان هو، “ شاهه جي شاعريءَ ۾ انساني قدر” ۽ ليڪچر ڏيندڙ سنڌ جو ناميارو محقق سائين تاج صحرائي هو.
20 جنوري 1999ع تي سال 1998ع ۾ ڪرايل تحقيق ۽ ترجمي وارن ٽن ڪتابن جي پڌرائي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرايو ويو. ان کان سواءِ تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جو پهريون پرچو پڌرو ڪري ان کي باقائده هر ٽئين مهيني شايع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. (پرچو ان کان پوءِ باقائدگيءَ سان شايع ٿي رهيو آهي).
6 جون1999ع تي شاهه لطيف جي 255 هين ورسيءَ جي نسبت سان هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن جو موضوع هو: “شاهه لطيف ۽ ايڪيهين صدي.” هن سيمينار ۾ خصوصي مقالو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هو، جنهن کان پوءِ حاضرين جي سوالن جوابن سان هن سيمينار ۾ تمام گهڻي جان اچي ويئي ۽ اهو هڪ يادگار موقعو بڻجي ويو.
27 مئي 2000ع تي شاهه لطيف جي 256 هين ورسيءَ جي موقعي تي سيمينار منعقد ڪرايو ويو، جنهن جو موضوع هو، “ شاهه لطيف ۽ انساني حق” هن خصوصي مقالو سائين انور پيرزادي پڙهيو.
ڪتابن جو مهورت: شاهه لطيف چيئر پاران 1998-2000ع ۾ ڇپيل ڪتابن جي پڌرائي ۽ تنقيدي اڀياس باقاعدگيءَ سان ٿيندو رهيو آهي.
انهن ذڪر ڪيل سرگرمين کان علاوه سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سيمينارن/ ورڪشاپن ۾ هٿ ونڊايو ويو، جن ۾ ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ، تحقيق جو فن،لنگئافون پروجيڪٽ جي پڌرائي وغيره شامل آهن.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪتابي ميلن ۾ شرڪت کان سواءِ شاهه لطيف جي ميلي ۽ ادبي ڪانفرسن جي موقعي تي وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي ويئي.
9 جنوري 2001ع تي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ڪرايل شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين حصو ورتو ۽ خصوصي مقالو پڙهيو.
28 اپريل 2001ع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو موضوع هو، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مرد جو روپ” هن موقعي تي ٻن ڪتابن جو مهورت پڻ ٿيو. جن مان هڪ آهي ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب “شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ” جو انگريزي ترجمي وارو ڪتاب “Image of Woman in The Poetry Of Shah Latif” هي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو. ٻيو سائين ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل “شاهه جو رسالو” (جلد ٻيو) آهي.
عوامي آواز - 8 اپريل 2002ع