ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5851
  • 731
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• آذربائيجان جو سفر (آخري قسط)

باڪو جي بينا ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ اتان جو مخصوص قهوو (چانهه) پيتيسين اسان جا پاسپورٽ ۽ بيگيج جا ڪاغذ سفارت خاني جو پروٽڪول وارو آفيسر کڻي ويو. اسان بنا اميگريشن ڪرائڻ جي وي آءِ پي لائونچ مان نڪتاسين ۽ وڃي گاڏين ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح خيرن سان ڊگهو ۽ ڏکيو سکيو سفر طئي ڪري اچي گهر پهتاسين ۽ شڪر ڪيوسين.
جيڪڏهن ڪراچيءَ کان باڪو فلائيٽ سڌي هجي ته شايد چار ساڍا چار ڪلاڪ جو هوائي سفر آهي جنهن کي طئي ڪرڻ ۾ اسان کي تقريبن ويهه ڪلاڪ لڳا. فيض جي گهر پهچي سفر جي ٿڪ جو احساس ئي ويندو رهيو ۽ ڪچهريون شروع ٿي ويون.
باڪو ۾ هن ڀيري گهڻو ئي گهمياسون ڦرياسون. فيض ته سفارتخاني هليو ويندو هو. ڊرائيور ۽ گاڏي اسان جي حوالي هوندا هئا. عورتن کي بازارن گهمڻ ۽ شاپنگ ڪرڻ جي اڻ کٽ شوق هوندو آهي سو مان به هنن سان گڏ، شاپنگ پوري ساري ۽ گِهل گهڻي، مان ته بازار ۾ بيزار ٿي پيس، پوءِ مان ڇا ڪندو هوس ته عورتن کي بازار ۾ ڇڏي، ڊرائيور کي چوندو هوس ته يار عورتن کي شاپنگ ڪرڻ ڏي، هو شاپنگ پوري ڪنديون ته موبائيل تي فون ڪنديون ته اسان کي کڻي وڃو. تيستائين تون هلي مون کي باڪو جا ڪي تاريخي هنڌ يا ماڳ مڪان ڏيکار يا ڪنهن چڱي جڳهه، سمنڊ جي ڪناري وغيره وٺي هل.
شوڪت ڊرائيور اسلام آباد جو پنجابي آهي ۽ بيحد سريلو آهي. هن مون کي چڱو ئي گهمايو ۽ سير ڪرايو. باڪو جو وڏو سير ته سچ پچ اتان جو حسن آهي. اتان جون ڇوڪريون ته ڄڻ ڪوهه قاف جون حورون آهن. سهڻا ۽ سمارٽ لباس پهريل هرڻي جهڙين وڏين اکين واريون خوبصورت ڇوڪريون ڏسي في الحال جنت وارين حورن وارو پروگرام ته مون کي ڏٽو لڳو، منهنجي ذهن تي اردوءَ جو هڪ شعر تري آيو:

هم ڪو معلوم هي حورون ڪي حقيقت ليڪن،
حسن انسان سي نمٽ تو وهان تڪ ديکون!!

عورتون خاص طرح ٻين جي خوبصورتيءَ جو داد نه ڏينديون آهن. ڇو ته انهن ۾ هڪ لڪل حسن هوندو آهي ته مڙسن جي سامهون ڌارين عورتن جي خوبصورتيءَ جو داد ڪيئن ڏجي. پر باڪو جون ڇوڪريون ايتريون ته حسين هيون جو فيض توڙي منهنجي گهرواري کان به لڪل حسن جا بند ٽوڙي داد جا فقرا بلندا ٿي ويندا هئا. تڏهن مان اندر ئي اندر ۾ خلقيندڙ جي تخليق کي داد ڏيندو هوس. مون کي ياد ڪونهي ته اڳين قسطن ۾ مون هي لطيفو لکيو هو الائي نه. جيڪڏهن لکيو هجيم ته ان جو دهرائڻ معاف ڪندا ۽ جيڪڏهن نه لکيو هئم ته پوءِ توهان کي مزو ايندو.
منهنجو هڪ قريبي دوست آهي. امام دين پٺاڻ، دراصل هو مڙني اديبن جو دوست آهي منهنجو، فيض جو، شمشير جو، تاجل جو، تاج بلوچ جو علي بابا جو مطلب ته تقريبن سڀني اديبن جو دوست آهي ۽ سٺو مزيدار شخص آهي سو هڪ ڀيري طارق روڊ تي ڪا سهڻي ڇوڪري ڏسي آيو هو سو مون سان اچي ان جي بيحد تعريف ڪيائين. چوڻ لڳو هدايت ڇوڪري ڏسي آيو آهيان پر سائين واهه جو حسين هئي، اصل حور هئي حور. مون چيو پوءِ ته ڇا ڪيو. وراڻيائين، مان به ٻئي اکيون ٻوڙي ڪڍيون مانس، سو سائين، باڪو ۾ مان به ايترو ئي ڪري سگهيس ته سهڻين ڇوڪرين مان ٻئي اکيون ٻوڙي پئي ڪڍيم.
باڪو ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ٿوري آهي پر سکي ستابي آهي. انهن کي جو خبر پئي ته سفير صاحب جو وڏو ڀاءُ آيل آهي سو هر شام جو ڪنهن نه ڪنهن فيملي جي گهر دعوت هجي. شام جو اهي رسمي دعوتون مون کي زهر لڳنديون آهن. پر آداب جو لحاظ ڪندي هر رات اهي دعوتون کائڻيون پونديون هيون. هڪ ٻه ڀيرا باڪو کان تمام پري ڪوهه مريءَ جهڙي ڪنهن خوبصورت واديءَ ۾ قريبي فيملين سان وڃڻ ٿيو ته اتي پڪنڪ ڪئي ۽ شيخ ڪباب چڪن تڪا وغيره ٽانڊن تي پچائي کارايا ويا، ٻارن ڏاڍو انجواءِ ڪيو.
باڪو ۾ هڪ جڳهه بيحد انوکي ۽ نرالي ڏٺي سون. ان کي چون ٿا مٽيءَ جو وولڪينو. باڪو کان تقريبن سو ڪلوميٽر پري پهاڙن جو هڪ سلسلو آهي جنهن کي مڊواڪ به چون پيا ته وولڪينو به چون پيا. اتي پهاڙن جي چوٽيءَ تي جيئن ڪنڀر مٽيءَ جا ٿانون ٺاهڻ لاءِ چيڪي مٽي ٺاهيندا آهن اهڙي چيڪي مٽي اٻري ۽ کئولي پئي – مٽي ڦٿڪي پئي ۽ ان مان آواز ۽ هوا جا سوساٽ نڪرن پيا.
پوءِ رکي رکي هڪ وڏو اوٻارو اچي ۽ مٽي آتش فشان وانگر مٿي اڏامي وڃي ۽ پوءِ وري اچي ڪري، ان ۾ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ان مٽيءَ ۾ هٿ جو وجهون ته برف وانگر ٿڌي هجي، چون پيا ته اها گيس آهي جيڪا مٽيءَ کي اڇلائي ٿي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته آذربائيجان ۾ بي انتها گهڻو پئٽرول ۽ گيس آهي پر اتي غربت ڏاڍي آهي. هاڻي سوچيو ته پئٽرول واري ملڪ ۾ غربت ڇو هجي. پر انهن وٽ شايد پئٽرول ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ڏانءُ ڪونهي، زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ ان اپائڻ جو به وٽن ڏانءُ ڪونهي. پر روس ٽٽڻ کان پوءِ سي آءِ ايس جون آزاد ٿيل مسلمان رياستون جن ۾ آذربائيجان به شامل آهي آهستي آهستي هاڻي ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهن.
باڪو شهر کي پيرس، سينگاپور، ٽوڪيو يا اهڙن ٻين جديد شهرن سان ته نه ٿو ڀيٽائي سگهجي، پر مون کي يقين آهي ته ڪنهن به ليکڪ يا شاعر لاءِ اهو ڏاڍو دل لڀائيندڙ شهر آهي. ان ۾ روس جي زماني جون پٿر جون ٺهيل پراڻيون مضبوط ۽ رعبدار بلڊنگون به آهن ته هينئر واري دور جون جديد عمارتون به آهن. پراڻا ۽ ڀڳل روڊ رستا به آهن ته نوان ٺهيل ويڪرا ۽ خوبصورت روڊ به آهن. وٽن ڪيسپين سمنڊ به آهي ته ان تي اڏيل خوبصورت پارڪ ۽ باغ باغيچا، باڪو ۾ بي شمار پارڪ آهن. ٻن ويڪرن روڊن جي وچ ۾ ميلن ۾ پارڪ ٺهيل آهن جن ۾ خوبصورت وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا لڳل آهن جن ۾ بينچون ۽ ڪرسيون رکيل آهن جتي ننڍا وڏا ۽ نوجوان جوڙا ويٺا چانهيون يا بيئرپيئن.
باڪو ۾ مسجدون به آهن جتي مون ٻن جمعن تي مشاهداتي نمازون به پڙهيون. مسجدون ڀريل ۽ ٻاهر تائين جماعت جي پکيڙ هجي جن ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي نوجوانن ۽ پوڙهن پئي عبادت ڪئي. پر اتي اسلامي بنياد پرستي بنهه ڪونهي تبليغ تي بندش آهي ۽ مذهبي جلسن جلوسن تي پڻ بندش آهي. خاموشيءَ سان عبادت ڪري نڪري وڃو. اسان جي ملڪ وانگر مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ نمازين تي گوليون نه هلنديون آهن. ڇو ته اسان تي اسلام جو وڏو بار پيل آهي جيڪو جڏهن سهي نه سگهندا آهيون ته روح جي راحت ۽ طبيعت بحاليءَ لاءِ عبادت ۾ مصروف ڪجهه نمازي ماريندا آهيون. آذربائيجان جا اسرائيل سان به سفارتي تعلقات آهن ۽ اهو هڪ سيڪيولر ملڪ آهي. مسجدون به آهن. مئخانا به آهن. ڪلبون به آهن جنهن جي دل جنهن طرف چئي اهو اوڏانهن وڃي.
اڄ ڪلهه مان هڪ ڪتاب پڙهي رهيو آهيان جنهن ڪتاب کي باڪو جو علامتي يا ثقافتي ڪتاب چيو وڃي ٿو. سو هڪ ناول آهي، تنهن جو نالو آهي علي اينڊ نينو.
قربان سعيد جو لکيل آهي يا شايد قربان سعيد فرضي نالو آهي اصل ۾ ڪنهن ٻئي جو لکيل آهي. علي باڪو جو مسلمان آهي ۽ نينو جارجيا جي ڪرسچن ڇوڪري آهي. ٻئي گڏ پڙهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي گهڻو چاهيندا آهن. پوءِ عالمي جنگ شروع ٿي ۽ هي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وڃن ٿا. اڃا پورو ڪتاب نه پڙهيو اٿم. پر جنهن کي آذربائيجان ۽ باڪو جي تاريخ ۽ جاگرافي ۽ ماڳن مڪانن رسمن رواجن ۾ ڪا به دلچسپي آهي ان لاءِ اهو ڪتاب پڙهڻ ڏاڍو ضروري آهي.
اهو ڪتاب 1937ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڇپيو هو. مون ان ڪتاب جي تلاش شروع ڪئي ته مون کي باڪو جي ڪنهن به بڪ اسٽال تي نه ملي سگهيو. آخر فيض جي پٽ طارق جي اسڪول جي هڪ آمريڪين ٽيچر جي ذاتي لائبريري مان هٿ ڪيم. جنهن لاءِ طارق جي خاص مهرباني مڃان ٿو.
باڪو ۽ آذربائيجان بابت دل چيو ته اڃا به ڪجهه لکان پر ڪهڙي خبر، متان دوست چون ته ڪالمن ۾ وري سفرناما ڪيئن لکبا آهن. تنهنڪري کڻي بس ٿو ڪريان.

عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 8 جولاءِ 2003ع