• ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان!
نثار مين تيري گليون پي اي وطن ڪي جهان
چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اُٺاڪي چلي
سو سچ پچ ته اڄ ڪالم لکڻ جو موڊ ناهي. اکر نٿا اُڪرن – لفظ ٿا لڇن . ڇا تي لکان ؟
متحده مجلس عمل جي تازي رويي تي لکان، جنهن کي هاڻي مُلان – ملٽري – اتحاد (ايم ايم اي) ٿا چون .
شرعي ڏارهين ۽ وڏن پيٽن ۽ ٿلهن ڪنڌن وارن “خدا ترس “ اسلام جي شيداين، جن آمريڪي نفرت جي آڌار تي چونڊون کٽيون. خيبرپختونخواهه صوبي ۾ حڪومت ٺاهي ، بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي ۽ جن جي مولوين کي مدرسن مان حاصل ڪيل ڊگرين کي بي اي جي برابر تسليم ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ جن گڏيل ڪورس جي انداز ۾ قوالي ٿي ڳائي ته وردي نه لٿي ۽ ايل ايف او واپس نه ورتو ويو ته چوڏهينءَ آگسٽ 2003ع کان حڪومت خلاف عوامي مارچ جي هڪ زبردست مهم هلائيندا تن کي اوچتي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو هاڻي هُنن “وردي” جي به اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ۽ چون ٿا ته موجوده صدر جي حمايت جاري رهندي ۽ سندس موجوده مُدي پوري ٿيڻ پوءِ اڳتي به پنجن سالن جي مُدي لاءِ مولوي سندس حمايت ڪندا. بلي – بلي، اسان جون اکيون ٿڌيون – ڪالهه جي هڪ انگريزي اخبار ۾ مون پڙهيو، ڪنهن پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر حڪومت تي “اجايو” الزام لڳايو هو ته ايم ايم اي جي باشرع مولوين کي سنئين رستي تي آڻڻ لاءِ حڪومت هڪ اداري جي ڳجھي فنڊ ۾ ٻارهن سؤ چوٽيهه ملين روپيا جمع ڪرايا آهن . ڪيڏو ڪوڙو الزام آهي . پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ کي ايڏو ڪوڙو الزام هڻندي ۽ اسلام جي شيداين تي بهتان مڙهيندي ذرو به شرم نه آيو. شيم – شيم. پر مولوي ۽ ملٽري اتحاد جي هڪ ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي، يعني کوڙو نه لڳو، اهو هي ته مولوين چونڊون کٽيون، آمريڪي نفرت جي بنيادن تي ۽ اسان جو ملٽريءَ جو موجوده سربراهه، برطانيه جي ٽوني بليئر کان پوءِ آمريڪي صدر بش کي وڌ ۾ وڌ پيارو آهي. ڇو ته بش جو چوڻ مڃيندو آهي ۽ سندس فرمانبردار آهي. آمريڪا جو هڪ سونهري قول آهي .اُهو اِهو آهي ته ، “ آمريڪا جا ڪي به دائمي دوست يا دائمي دشمن نه هوندا آهن. آمريڪا جا دائمي مفاد هوندا آهن.” سو پاڪستان جي موجوده حڪومت آمريڪا جي دائمي مفادن جي امين آهي. پوءِ آمريڪا مخالف مُلن ۽ آمريڪي مفادن جي امين حڪومت جي وچ ۾ دوستيءَ جو ڪهڙو نقطو ٿي سگهي ٿو. دڙڪو : ته جيڪڏهن مفاهمت ۾ نه ايندؤ ته خيبرپختونخواهه حڪومت ختم. بلوچستان جي اڌ حڪومت ختم ۽ مدرسن جون ڊگريون ختم. جنهن جي نتيجي ۾ “ملا ڪريسي” ڌڙام يا وري ڏوڪڙ : ڪنهن چيو هو ته، “ناڻو نَرَ نوائي ٿو.” بهرحال سائين “زندگي تنهنجي ڪري ڇاڇا نه ٿو ڪرڻو پوي .”
پر سائين ڇا ڪجي سچ پچ ته اڄ لکڻ جو موڊ ئي نٿو ٺهي .
اڄ اداس ۽ اٻاڻڪو آهيان، اکر نه ٿا اُڪرن ۽ لفظ ساٿ نٿا ڏين. ڇا تي لکان!
شهري حڪومت جي پاڻيءَ ۽ صفائيءَ واري بورڊ جي خميس واري ڏينهن جي ميٽنگ کان پوءِ واريءَ واردات تي لکان، جنهن ۾ اي ڊي او ورڪس برگيڊيئر ظهير قادريءَ واٽر ۽ سينيٽيشن جي سربراهه سليمان چانڊيي کي مڪن ۽ ٺونشن سان هڻي هن جي نڪ ۽ سندس ڄاڙي ڀڃي وڌي، ڇو ته سليمان چانڊئي کان اها گستاخي ٿي هئي جو هن برگيڊيئر صاحب کي ميٽنگ ۾ چيو هو ته سائين هي نقطو انجنيئرنگ جو آهي. جنهن کي توهان نه سمجهي سگهندؤ. جنهن تي برگيڊيئر صاحب جي انا ايتري زخمي ٿي پئي جو هن سرڪاري ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي سليمان چانڊيي جو نڪ ۽ ڄاڙي ڀڃي وڌي ۽ اتان رت جا ڦونهارا اٿي نڪتا ۽ ان جي ڪلائيميڪس اها آهي ته برگيڊيئر صاحب نه معافي ورتي نه ساري چيو. پر سليمان چانڊئي پاڻ هر تو چئي ڇڏيو ته مون برگيڊيئر کي معاف ڪري ڇڏيو.
“تون اڃا پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا”
ڳالهه اها ناهي ته سليمان چانڊئي پنهنجو نڪ ۽ ڄاڙي ڀڃرائي برگيڊيئر کي معاف ڪري ڇڏيو. ڳالهه اها آهي ته برگيڊيئر به ته توکي معاف ڪري نه سائين. تون سمجهين ٿو ته ڄاڙي ۽ نڪ ڀڃرائي تو جيڪا برگيڊيئر جي انا زخمي ڪئي آهي تنهن جو حساب برابر ٿي ويو؟؟ نه ڪو سائين، اڃا “اٽل” تو ڏانهن آهي اڃا حساب ڪتاب برابر نه ٿيو آهي تنهن لاءِ تيار رهجان، پر مان سوچيان ٿو ته ڇا ڪا عدالت ڪو گورنر، ڪو وزير اعليٰ، ڪو چيف آف آرمي اسٽاف ان خوني واقعي جو “پاڻ هرتو” نوٽيس وٺندو يا هن صاحب کي اها حرڪت ڦٻي ويندي؟؟ رب پاڪ ٿو ڄاڻي!
پر دوستو يقين ڪريو. اڄ ڪالم لکڻ تي بالڪل موڊ نه ٿو ٺهي، اکر نه ٿا اڪرن ۽ لفظ ساٿ نه ٿا ڏين. اڄ مان ڏاڍو اٻاڻڪو آهيان ڇا تي لکان.
سنڌ جي مزاحمتي پر مفلس عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ تي لکان، جيڪو پنهنجي موت جو سبب پاڻ آهي، مفلس جو هو منهنجون پنهنجون سٽون آهن:
“مفلس جي حياتي ڇا غربت جي سزا آهي،
نرڌن جو جيئڻ سائين، خود هڪڙي خطا آهي،
جن کي آ ڌڪيو، تن کي نه ڌڪيندو ڪر.”
محمد خان مجيديءَ ۽ ابراهيم منشيءَ سان منهنجي ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هئي. انهن ٻنهي وٽ نه فقط ڏات هئي. ڏانءُ هو، لفظ هئا ۽ کيس لفظن جي حرمت جو اونو هئو. هو جڏهن منهنجي گهر تي سندس پنهنجو ڪلام “ڪتيون ڪيئي قيد گذريون” ڳائي ٻڌائيندو هو ته منهنجي گهر وارن ۽ ٻارن جي اکين ۾ ڳوڙها هوندا هئا. جيترو سوز سندس شاعريءَ ۾ هو اوڏو سوز سندس آواز ۾ هو مان اخبارن ۾ ابراهيم منشيءَ جي وفات تي لکيل ڪجهه ڪالم ۽ ڪجهه رايا پڙهيا آهن، جن ۾ گهڻي کان گهڻو سندس اهي ٻه سٽون ورجايون ويون آهن:
ڪتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،
سرنهن پيلا جهليندي گل، انهن کيتن ۾ ملنداسين.
مان ڪوشش ڪريان ٿو ته ان شعر جا ڪجهه ٻيا بند به مون کي ياد اچن ته انهن جو حز حاصل ڪريون.
ڇڏي درياهه ويندو دهشت بڻائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
چڙهي هڪ ناءُ ننڍڙي تي انهن ٻيٽن ۾ ملنداسين،
آزاديءَ جا جڏهن جهنڊا پيا جهر جهنگ جهوليندا،
ڌڻي ڀونءِ ڀيٽ پيا چڙهندا، انهن ڀيٽن تي ملنداسين،
پرين جي پيار پنهنجي تي لڳا پهرن مٿي پهرا،
ته لنگهه لانگها ڇڏي منشي پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.
اڄ ابراهيم منشي نه رهيو آهي پر حياتيءَ جا باقي پهر سندس قربتون اسان سان گڏ رهنديون ۽ هي سٽون لکندي منهنجيون اکيون تروار ڏئي رهيون آهن، شايد اڳتي لکي نه سگهان تنهنڪري دوستو معاف ڪجو، اڄ مان ڪالم نه ٿو لکي سگهان!!!
عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 5 آگسٽ 2003ع