• اُميد خيرپوري منهنجو يار
بچل شاهه جي پاڙي ۾ گهڻو ڪري سنڌي، اردو گڏيل مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. جن جي اسٽيج اميد خيرپوري پاڻ سنڀاليندو هو. انهن مشاعرن ۾ اڪثر تنوير عباسي، استاد عطا محمد حامي ۽ محمد علي حداد به شريڪ ٿيندا هئا. بابا سائين سان گڏ، اُميد جي، ادا عنايت ۽ مون سان به تمام گهڻي پريت هوندي هئي. اسان ٻئي اڃا پڙهندا هئاسين. پرائمري، مڊل هاءِ، اسڪول، يونيورسٽي. انهيءَ سموري عرصي ۾ اسان جي دوستي قائم رهي. ائين چئجي ته اسان جي گهري دوستي ۾ ٻن ڳالهين جو دخل هو. سندس دوست جا پٽ هئاسون ۽ شاعر هئاسون. بابا سائين جي لاڏاڻي کانپوءِ اميد خيرپوري جو وڌ ۾ وڌ مان ئي دوست هوس. مون پنهنجي زندگي جي سموري تجربي ۾ ٻه اديب ۽ شاعر اهڙا ڏٺا آهن جيڪي تنگ دست ۽ مفلس هجڻ جي باوجود هميشه کلمک ۽ خود دار رهيا آهن. ۽ ڪڏهن يارن دوستن سان پنهنجي تنگدستي ۽ مفلسي جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ گهر ۾ چلهه ۾ ٽمڪو هجي نه هجي. کيسي ۾ ٻه روپيا آهن يا ناهن پر محفل ۾ ويهبو ته کل ڀوڳ، مشڪري، زنده دلي، لکا ئي نه پوندي ته ڪو مفلسي سندن اندر ۾ کاٽ هڻي چڪي آهي. اهي آهن اميد خيرپوريءَ ۽ شمشير حيدري، ٻئي نهايت خود دار ۽ کلمک، انهن ٻنهي کي منجهائيندڙ مفلسي جي باوجود مون ڪڏهن ڪنهن وٽ هٿ ٽنگيندي نه ڏٺو.
اميد خيرپوري جو مون پنهنجي هر هڪ انٽرويو ۾ ذڪر ڪيو آهي اردو اخبارن، رسالن کان وٺي سنڌي ۽ انگريزي انٽرويوز ۾ مون جيڪا ڳالهه ورجائي ورجائي چئي آهي اها هيءَ آهي. اميد خيرپوري سنڌي ۾ شاعري ڪندو هو. فارسي ۽ عربي لفظن ٽنبڻ جي سخت خلاف هو. مثال طور ڪنهن رسالي ۾ فوت ٿي ويل اديبن جي تذڪري لاءِ هن عنوان سان هڪ جاءِ مخصوص هوندي هئي. “ياد رفتگان” اهڙن لفظن کان اميد کي سخت چڙ هوندي هئي چوندو هو هدايت ڀلا ان جاءِ تي “هوندا سي حيات” يا “مري ٿيا نه مات” ڪهڙا نه سهڻا عنوان آهن. پوءِ ياد رفتگان ڇو؟
ٻيو ته اميد زير اضافت کان به سخت چڙندو هو ۽ چوندو هو سنڌي شاعري ۾ زير اضافت جي اجازت ناهي. هو غزل ۽ قطعي جو بادشاهه هو سندس خوبي ۽ خوب صورتي اها هئي ته هو تز ۽ نج سنڌي ٻولي استعمال ڪندو هو جنهن ۾ عربي، فارسي توڙي هندي ۽ زير اضافت جو استعمال نه هوندو هو. اهي ڳالهيون مان اميد جي صحبت ۾ سکيس جن جو اعتراف مان اڳي ئي ڪيترن هنڌن تي ڪري چڪو آهان. ٻي ڳالهه آهي. علم عروض جو وزن، بحر جي، جنهن ۾ اميد ڪڏهن ڪا به غلطي نه ڪندو هو. سچ پچ ته هن وقت سنڌي شاعري ۾ مان انتهائي وڏا ۽ اهم نالا ڳڻائي سگهان ٿو جنهن کي علم عروض ۽ بحر وزن جي گهڻي خبر نه ٿي پوي پر هي دور ئي انٽرنيٽ جو آهي جتي گرامر کان سواءِ غلط انگريزي کي غلط نه ٿو سمجهيو وڃي. نثري نظمن جو دور آهي. هن وقت عروض ۽ بحر وزن جي ڳالهه ڪرڻ ئي ڄڻ پاڻ کلائڻ برابر آهي.
اميد ڏاڍو مفلس هو. سچ پچ ڏاڍو تنگدست هو. اڃان جڏهن سندس شادي به نه ٿي هئي ته مان کيس چوندو هوس. اميد تنهنجي ڪافي عمر ٿي وئي آهي هاڻي شادي ڪري ڇڏ. ته چوندو هو “يار هدايت ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. تيز هو جو ڪو جهوٽو ٿو هلي ته پنهنجو گهر جا پڃر طاهر شاهه جي گهران ٿا کڻي اچون، زال وٺي اچان ته پهرين ڏينهن ڪجهه اهڙي قسم جو حال ٿيندو. پاڙي واري ڪائي مائي ايندي ۽ گهر جي در تي اچي جهيڙو ڪندي ۽ چوندي، ادي توهان اڌارو اٽو وٺي ويا هئو ايترا ڏينهن گذري ويا آهن اڃا اٽو نه موٽايو اٿو هاڻي جلدي ڪريو اٽو موٽائي ڏيو.” هدايت ٻڌاءِ ته انهن افعالن تي شادي ڪريان. خير پوءِ شادي به ٿي ٻار به ڄاوا ۽ طلاق به ٿي وئي. مون کي خبر ناهي ته طلاق جا ڪهڙا ڪارڻ هوندا پر مفلسي جو ظاهر آهي ته دخل ضرور هوندو.
ڪڏهن سندس اوطاڦڙي ۾ ويندو هوس ته گهران چانور کڻي ايندو هو. چوندو هو هدايت کاءُ. چانور ڪي اچي قسم جا نه هوندا هئا ٻاڪڙ هوندا هئا پوءِ پڇندو هو. ڏي خبر هدايت چانور ڪيئن آهن. مان مروت ۾ چوندو هوس سٺا آهن. ته کلي پوندو هو. چوندو هو ٽيٽڪ (گلول) ۾ وجهي هڻ ته ڳيرو مري پوي. مون کي خيرپور ڇڏئي به ٽيهارو سال ٿي چڪا آهن. پر اميد سان رابطو ڪڏهن به نه ٽٽو هڪ ته سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي مشاعرن ۾ هميشه گڏ هوندا هئاسون يعني سال ۾ اها هڪ گڏجاڻي ته اڻ ٽٽ هوندي هئي. باقي، عيدن براتن، مرڻي پرڻي ڪڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته اميد سان ضرور ملاقات ٿيندي هئي.
سندس شاعري مجموعو به ڇپجڻ وارو هو. مون کي خط لکيو هئائين ته مان مٿس ڪجهه لکان گهڻو اڳ مونکي پنهنجي شاعري جي ڪتاب جو نالو به ٻڌايو هئائين “منهنجي مٿي ماري” بهرحال مون کان لکيو نه ٿيو. مان جيڪو پنهنجو مجموعو اڄ ڏينهن تائين ڇپرائي نه سگهيو آهيان سو سُسُتي باعث اميد تي به نه لکي سگهيس. خبر ناهي ته هيئنر سندس مجموعو ڪٿي ۽ ڪنهن حالت ۾ هوندو سندس پٽ يا پونئير جيڪڏهن منهنجو هي ڪالم پڙهن ته کين گذارش آهي ته سندس ڪلام منهنجو حوالي ڪن جنهن جي ڇپائڻ ۽ مهورت جو بندوبست مان ڪندس. استاد حامي، تنوير عباسي، محمد علي حداد ۽ هاڻي اميد خيرپوري کانپوءِ ائين لکي رهيو آهي ڄڻ خيرپور اسان لاءِ پنهنجي نه رهي آهي. رب پاڪ مختيار ملڪ، ادل سومري ۽ اياز گل ۽ ٻين دوستن کي سلامت رکي جيڪي ادبي دونهين دکايون ويٺا آهن. آخر ۾ مان منجهي پيو آهيان ته “اميد” جي تعزيت مان ڪنهن سان ڪريان. مان پاڻ تڏو وڇائي ويٺو آهيان ۽ تعزيت وٺڻ لاءِ تيار آهيان. اميد مونکان وڌ ڪنهن جو به نه هو.
عوامي آواز ڪراچي- جمعو 13 جولاءِ 2001ع