• ارونڌتي راءِ جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي!
1997ع ۾ سندس ڪتاب تي ملندڙ بوڪر پرائيز جي رقم به هن “نرمدا وادي” کي بچائڻ واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏي هئي.
۽ هاڻي ساڳي ارونڌتي راءِ لاهور ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ به بنا ڌڙڪ ۽ بنا خوف ڳالهيون ڪيون آهن. هن پاڪستان ۽ هندستان تي زور ڀريو ته ڪشمير سميت سمورن تڪراري معاملن تي هڪدم ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ گهرجي. هن زوردار نموني سان چيو ته توهان ايڏا اڻڄاڻ آهيو جو اهو به نه ٿا سوچيو ته جنگ ۽ ايٽمي هٿيارن جو ذڪر ڪندي توهان ڪهڙيون ڳالهيون وساري ٿا ويهو؟! هن چيو ته اچو ته محدوديت کان نڪري عالمي شهري بڻجون ۽ ننڍڙا ننڍڙا تعصب ۽ جهڳڙا ڇڏي عالمي شعور کي پنهنجو ڪريون. هن ٻنهي حڪومتن تي طنز ڪندي چيو ته هندستان ۽ پاڪستان لاءِ ڪشمير مسئلو نه آهي، پر هنن ٻنهي جي مخصوص سياسي مفادن ۾ اهو سندن سمورن مسئلن جو ڪامياب حل آهي. ڇو ته سندس چوڻ موجب جڏهن به ٻنهي حڪومتن کي پنهنجي عوام جو ڌيان گهريلو مسئلن کان هٽائڻو هوندو آهي ته اهي ڪشمير جو مسئلو کڻي بيهي رهندا آهن. پوءِ جنگ جون ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ بمن جا دڙڪا دهمان ڏنا ويندا آهن. ان ڪري هن چيو ته ڪشمير “مسئلو” نه پر سندن ڪوتاهه نظر سياسي حڪمت عملين مطابق “مسئلي جو حل” آهي. هنن چيو ته دشمنين کي طول ڏيڻ بجاءِ اهي ڏکندڙ مسئلا حل ڪرڻ تي ڇو نه ٿو سوچيو وڃي. جن سبب ٻنهي ملڪن جو غريب عوام ڏتڙجي چڪو آهي.
هن پنهنجي هڪ لکيل مضمون مان حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان خلاف جنگ جي هر دڙڪي سان ڄڻ اسان کي پاڻ زخمي ڪري ٿا وجهون. پنهنجي زندگي جي تعين ٿيل رستن کي زخمي ڪري ٿا وجهون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي زخمي ڪري ٿا وجهون. ڀارت ۽ پاڪستان پاران ائٽمي ڌماڪن جي نتيجي ۾ لکيل پنهنجي مقالي “End of Imagination” مان حوالا ڏيندي هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ڪڏهن به ائين نه چيو آهي ته اسان هڪ ٻئي کان نفرت ڪريون ٿا. اهي ٻنهي پاسي جون حڪومتون ئي آهن، جيڪي اهو ڪڌو ڪم ڪري رهيون آهن. هن اها پڻ وضاحت ڪئي ته سياستدان هروڀرو ڪي ڄائي ڄم جا بي ايمان ۽ فسادي ڪو نه هوندا آهن. اها ڪرسي جي هٻڇ ۽ اقتدار جي لالچ ئي آهي جيڪا کين انڌو بڻائي ٿي وجهي.
ارونڌتي راءِ چيو ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگي جنون “گهَڙيو” ويو آهي. هڪ اهڙي ڏند ڪٿا جنهن لاءِ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان به ان تي ايمان آڻيو. هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ ٻن غريب ۽ ڏتڙيل طبقن جي جنگ آهي، جڏهن ته ٻنهي طرفن جا زميندار پنهنجي عيش عشرت ۾ مصروف ۽ مشغول آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي غريب عوام کي ويڙهائن ويٺا ۽ چون ويٺا “چڙهه جا بيٺا سولي پر”.
۽ اسان غريب ۽ نادار عوام به حڪومتن ۽ زميندارن جي سازشن ۾ وڏي خوشي سان شريڪ ٿي وڃون ٿا ۽ اهڙي سازشي ٽولن جون سازشون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون.
ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ جتي هزارين ماڻهن جو هجوم سندس هڪ هڪ لفظ لاءِ ڄڻ ته ترسي رهيو هئو. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ وڌيل ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال سبب جڏهن پرڏيهي ماڻهو اسان جا ڏيهه ڇڏي واپس وڃي رهيا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي اخباري نمائندا اچي رهيا هئا ته ڪيترا ئي ماڻهو مون کان اچي پڇي رهيا هئا ته ڇا مان به ملڪ ڇڏي ٻاهر وينديس تڏهن مان سوچيندي هيس ته آخر هي ڏيهه ڇڏي مان ڪيڏانهن وڃان؟ مان نئين زندگي ڪٿان خريد ڪريان؟ مون کي يقين آهي ته اهو سڄو لڙ ان ڪري ٿيو هو ته هندستان جي حڪومت گجرات ۾ ٿيندڙ خوني ڪارواين کان ماڻهن جو توجهه هٽائڻ ٿي گهريو. هن زور سان چيو ته هندستان جي حڪومت نڪ جي پڪائي ۽ بي حيائي سان نريندار مودي جي حمايت ٿي ڪئي جيڪو انهي خونريزي جو ذميوار هئو.
هن چيو ته هندستان جا مذهبي بنياد پرست مون کان سخت نفرت ڪندا آهن ۽ چڙ کائيندا آهن. اهي بنياد پرست به پاڪستاني بنياد پرستن کان مختلف ناهن. ارونڌاتي راءِ چيو ته مذهبي تنگ نظر ۽ بنياد پرست جڏهن عورت خلاف تنگ نظري جو مظاهرو ڪندا آهن. تڏهن مان کين چوڻ چاهيندي آهيان ته ڇورا توهان ڪي شيءِ وڃائي رهيا آهيو. ماڻهن جي ٽهڪڙن ۾ هن ٻڌايو ته هن کي ڪاش خبر هجي ته هڪ جهڙائي جي اصول تي ساٿي ٿي رهڻ ۾ ڪيترو مزو آهي. جذباتي ٿيندي هن چيو ته جيڪڏهن مون کي اڳواٽ خبر پئجي وڃي ته هندستان پاڪستان تي ائٽمي ميزائل داعڻ وارو آهي ته مان پاڪستان پهچي اهو ميزائل پنهنجي سيني تي سهڻ لاءِ تيار آهيان.!!
ارونڌتي راءِ سان گڏ آيل ٻين صحافين پڻ کلي دل سان هندستان ۽ پاڪستان جي تنازعي جي حل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. انڊين ايڪسپريس جي ايڊيٽر شيڪر گپتا سيمينار ۾ جنهن جو عنوان هو “Peace and freedom in south Asia” پنهنجو مقالو پڙهندي چيو ته تازو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن پنهنجي شهرين کي سفر ڪرڻ بابت احتياطي تدبيرن اختيار ڪرڻ جو مثال ئي هندستان کي ڇرڪائڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ هندستان جي اک کلڻ کپي ڇو ته ڪشمير کان اڳتي به هندستان آهي. هن چيو ته هندستان کي سمجهڻ گهرجي ته هندستان ۽ پاڪستان جي درميان ٻه طرفن لاڳاپن جو حل جنگ نه پر امن آهي. تازو هندستان ۽ پاڪستان ۾ وڌيل جنگي صورتحال بابت هن چيو ته سچ پچ ته اسان عالمي ملڪن ۾ بيوقوف ۽ چريا ٿا لڳون جنهن جو ذميوار هندستان آهي. هن چيو ته سڄو جهان هندستان ۽ پاڪستان کي سمجهائڻ ۾ پورو هو ته جنگ جا نتيجا ڏاڍا اُگرا ٿيندا آهن جو ڄڻ اسان ٻنهي ملڪن جون حڪومتون اهڙيون ڪي اڻڄاڻ آهن جو اسان کي پاڻ کي جنگي تباهين جو ڪو به ادارڪ ناهي. هن چيو ته ڇا عالمي نقشي تي ٻه ئي چريا ملڪ وڃي بچيا آهن؟! ڇو ٿا راڄ کلايو؟! انڊين ايڪسپريس جي ايڊيٽر شيڪر گپتا هڪ علمي تجزيو ڪندي ٻڌايو ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ پوين ڏهن سالن کان جيڪي رٽائر فوجي صلاحڪار ۽ وزارت خارجه جا رٽائرڊ کک سيڪريٽري جنگي صلاحڪار بڻيا ويٺا. ٻنهي ملڪن کي ويڙهائن يا جنگي جنون کي هوا ڏين ويٺا انهن مان جان ڇڏائڻ گهرجي ۽ انهن جي جڳهه تي نوجوانن کي آڻڻ گهرجي ڇو ته انهن کک رٽائر ٿيل پوڙهن جو روزگار جو باعث ئي جنگي جنون آهي.
شري گپتا هڪ ٻي به مزيدار ڳالهه ڪئي. اها هيءَ ته ڀارتيه جنتا پارٽي BJP کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي ۽ اهو نه سمجهڻ گهرجي ته بي جي پي ڪا اهڙي ڇڙواڳ بلا آهي جو ملڪ ڀيلي ڇڏيندي. هن ٻڌايو ته هن سال جنوري ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ جنگي جنون پنهنجي اوج تي هو ته حڪمران پارٽي بي جي پي کي پنجاب ۽ اتر پرديش ۾ شڪست نصيب ٿي هئي جنهن منجهان سمجهڻ گهرجي ته هندستان جا ماڻهو بي جي پي کي لغام ڏئي سگهن ٿا.
فرنٽ لائين ميگزين جي ايڊيٽر نرشم رام چيو ته ٻنهي ملڪن جي صحافين کي سکيا ڏني وڃي ته جنگي جنون کي جهڪو ڪرڻ ۾ ڪا مدد ملي سگهي.
اسان جي صحافين، اديبن، ليکڪن، شاعرن کي به نفرتن کي اجاگر ڪرڻ بجاءِ جنگي جنون کي جهڪو ڪرڻ گهرجي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ جنگ نه ٿيڻ جو عهدنامون ٿيڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌڻ گهرجي ۽ سياست کي فروغ کپي ته جيئن ٻنهي ملڪن جو ڏتڙيل عوام سک جو ساهه کني سگهي. اچو ته جنگ نه ڪريون پيار ڪريون اچو ته اسان جي ڏيهه تي آيل نياڻي ارونڌتي راءِ کي مهت ڏيون ۽ کيس رئو مٿي تي پارائي چئونس ته “نياڻي تون چوين ٿي ته هاڻي اسان ڪو نه وڙهنداسون. اسان ڀٽائي کان پرايون ها ته به هي جنگي جنون جيڪر ختم ٿي چڪو هجي ها”.
هو چوني، تون م چئه واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي
عوامي آواز ڪراچي، 20 آگسٽ 2002ع