• ادا عنايت بلوچ: منهنجو مربي ڀاءُ
محمد بخش مجنون، مسڪين جهان خان کوسي بابت ڪتاب جي مهاڳ جي شروعات ئي هنن لفظن سان ڪئي آهي: “کوسو ۽ مسڪين، کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي.” سو سائين، اسان به کوسا آهيون. کوسا هڪ ويڙهاڪ قوم آهي پر اتفاق سان اسان جنهن گهر ۾ اک کولي اُتي علم ادب جو اڳ ۾ ئي ماحول جُڙيل هو. منهنجو بابا غلام نبي اُداسي پنهنجي وقت جو وڏو شاعر سمجهيو ويندو هو. منهنجو چاچا غلام مصطفيٰ مهجور به تمام سٺو شاعر هو. اسان جي گهر ۾ ڪتابن جي چڱي وڏي لئبرري هئي جتي سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي جا ڪافي ڪتاب رکيل هوندا هئا. تنهن زماني ۾ طرحي مشاعرن جو وڏو رواج هوندو هو. رفيق مهيسرن، ڳاڙهي موري ۽ خيرپور ۽ مشاعرا ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ بابا غلام نبي اداسي جي شرڪت ضروري هئي. بابا سائين ادا عنايت بلو چ کي سڀني مشاعرن ۾ وٺي ويندو هو، جتي بابا سان گڏ ادا کي به شعر پڙهايو ويندو هو. ادا کي داد به ڏاڍو ملندو هو جو ننڍو به هو ۽ ڏاڍو سهڻو به مان گهڻو ننڍو هوندو هوس تنهنڪري بابا سائين مون کي اُنهن مشاعرن ۾ ڪونه وٺي ويندا هئا. اُنهن مشاعرن جو اهتمام حافظ اسلم مهيسر، خادم رفيقي، اميد خيرپوري ۽ نديم ڳاڙهوي ڪندا هئا، جتي استاد حاميءَ سليم ڳاڙهوي به شعر پڙهندا هئا. نموني طور مان بابا سائينءَ جي غزل جا ڪجهه بند ٻڌايان ٿو:
کڻي بادِ صبا وڃ هي عريضو انتظاري جو،
پرينءَ جي پيش ڪج سارو بيان هن بيقراري جو
ڳُجهو ڪو درد دل ۾ جي هجي ڪنهن بادشاهه کي ڀي،
ته ڏيندو ڇا مزو تنهن کي تجمل تاجداري جو
ستائي سوز فرقت جي اُداسي آ ڪيو آخر،
سراسر سوز سارو حال آ دل درد ماري جو .
۽ هاڻي نموني طور چاچا مصطفيٰ جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
ور وڪڙ ۾ ڦاسجي دل هاءِ قابو ٿي وئي،
وار تنهنجي جو مٺا اڄ وار ڏاڍو ٿي ويو،
هڪ اڳيئي اک نشيلي ٻيو کنيئي جو ناز سان،
هن دماغ ۽ دل تي ٻيهر بار ڏاڍو ٿي ويو.
قسم خدا جي ذات جو مان بي قصور هوس،
پر جي خطا به ٿي پئي انسان ضرور هوس.
ادا عنايت شڪل صورت ۾ به ڏاڍو سهڻو هو ۽ اڃان به آهي. ادا ۽ مان جڏهن گڏجي گھمندا هئاسون يا آهيون ته ڪڏهن ڪٿي ڪو ادا کان پڇي وٺندو هو ته سائين هدايت توهان جو وڏو ڀاءُ آهي. پوءِ ادا کلندو به هو، خوش به ٿيندو هو ۽ سڀني گهر ڀاتين ۽ اوڙي پاڙي ۾ اها ڳالهه ڪري ٻڌائيندو هو. سولي سنڌيءَ ۾ مون تي پوءِ به هُوڪرا ٿيندا هئا. ادا پرائمري کان وٺي سيڪنڊري تائين اسڪولي تعليم ۾ ڏاڍو هوشيار هوندو هو ۽ سدائين اسڪول ۾ پهريون نمبر ايندو هو ۽ ڇوڪريون مٿس اَڪن ڇڪن هونديون هيون. مٿس مرنديون هيون پر ادا ۾ افعال گھٽ هو ۽ ڇوڪرين جي ڇِڪ کيس گھٽ ٿيندي هئي، پر ريڊيو پاڪستان ۾ رهندي کيس بي بي سي لنڊن ۾ ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو، اُتي هڪ وڏ گھراڻي جي ڇوڪري ۽ ادا هڪ ٻئي تي موهت ٿي پيا هئا. پهريون ڀيرو مون ادا کي عشق ۾ پريشان ۽ روئندي به ڏٺو. سندس بهترين غزل ان عشق جي پيداوار آهن. لنڊن کان موٽڻ بعد سندس مشاهداتي ۽ شاهڪار طويل غزلن مان ڪجهه بند هتي پيش ڪجن ٿا:
مون ريءَ ڪيئن گذاريو هوندئي،
آب اکين مان هاريو هوندئي
سانجھيءَ سان ئي کڙڪي کولي،
منهنجي لاءِ نهاريو هوندئي
منهنجي دل ٿي ساري توکي
مون کي ڀي ته سنڀاريو هوندئي
ڪافي ٽيبل تي پئي هوندي،
سوچ ۾ تنهن کي ٺاريو هوندئي،
سُڏڪا روڪي، پنهنجي دل کي،
دَلبن ساڻ ڌُتاريو هوندئي.
هاڻي هاڻي سنبري هوندينءَ،
پنهنجو پاڻ سينگاريو هوندئي،
سهڻا سهڻا ڪپڙا پائي،
آئيني ۾ نهاريو هوندئي.
جي اک ڦرڪئي، پڪ تون ڀانئج،
منهنجي ساهه سنڀاريو هوندئي
تنهنجو روح رڙي جي راڻي،
منهنجي پيار پُڪاريو هوندئي،
“تنهنجي آهيان، تنهنجي رهنديس،”
وعدو ڪين وساريو هوندئي.
لنڊن جي هڪ رات :
ويندي ويندي ڪيئن نه عنايت،
رات جو تو وٽ ترسي پيو هو
تنهنجو مُکڙو منهنجون نظرون،
ڇا ته نظارو نيڻن جو هو
هڪ ٻئي کي هئي ٻانهن سيراندي،
ٿڌڙن ساهن لُوساٽيو هو
دل جي ڌڙڪن ارمانن جو،
واءُ نه پر ڪو واچوڙو هو،
تنهنجي ڪاوڙ چوٽ چڙهيل هئي،
منٿ کي ڀي تو نه مڃيو هو
منهنجن نيڻن ليڪن توکي،
روئي روئي ريجھايو هو.
ياد اٿئي ڪيئن نه عنايت،
سُڏڪي سُڏڪي ساڻو ٿيو هو.
توسان جيڪي رات گذاريم،
هئي حقيقت يا سپنو هو؟
ادا عنايت ۽ منهنجي رهڻي ڪهڻي توڙي شاعري ۾ دوست فرق محسوس ڪندا آهن. ادا کي زندگيءَ ۾ اڻ ميو پيار مليو، وڏو ٿيو ته عشق جي اَرن ۾ اڙجي ويو، تنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ رومانس گهڻو نظر ايندو. مون کي ڪراچيءَ ۾ تاجل بيوس ۽ شمشيرالحيدريءَ جي قربت نصيب ٿي، ڇو ته مان انهن ٻنهي کان ننڍو هوس تنهنڪري مون به انهن جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ ٻين ڪامريڊن ۽ ڪميونسٽن سان به پالو پيو. مون کي ڪميونسٽن جي ڳالهه ٻولهه ۾ مُلن کان وڌيڪ حظ حاصل ٿيو. هاڻ ته منهنجا ٻيئي دوست به نه رهيا آهن، مان اڪيلو ٿي پيو آهيان. ها ايڏي وڏي سنسار ۾ اڪيلو، خير ته منهنجي شاعريءَ ۾ وري معاشي ۽ معاشرتي رنگ چڙهي ويو.
ها سو ڳالهه پئي ٿي ادا عنايت جي شاعريءَ جي. مٿي مون ادا عنايت جا ٻه رومانوي غزل پيش ڪيا آهن، پر ادا جي شاعريءَ ۾ پنهنجي مِٽي، ديس ۽ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ کي به دل ۽ دماغ ۾ چِٽي طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو.
مثال طور بيجا لٻاڙون هڻندڙن تي طنز ڪندي چوي ٿو:
ڇا جا هوشو، ڇا جا دودا؟
آهيون ڪاهل ڪلر ڪيري
جلدي ڪر نه ته پڇتائيندين
آهي وقت جي وير تکيري.
غربت ۽ مسڪين ماروئڙن تي ظالمن ۽ جابرن طرفان ڏاڍ ۽ ڏمر جو احوال ادا جن جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه جيءُ جھوريندڙ آهي:
ڦاٽل ڪپڙا، انگ اُگھاڙا، ويتر تن لئي ڪات ڪهاڙا،
سختيون سور انهن لئي، جن جا بُک تي گذرن ڏينهن ڏهاڙا،
ڪن لئي دم دم عيش ۽ عشرت، ڪي سورن ۾ اوڙا پاڙا
هر جا ظلم ۽ نا انصافي، ڄاوا ٻچڙا ڀائر جاڙا.
ادا عنايت سخت منتظم به رهيو آهي. آفيس ۾ به ته گھر ۾ به. ننڍو هوس ته مارون به ڏنائون. باقي دڙڪا داٻ ته اڃان به ملندا آهن. رعب تاب جي هاڻي به گھٽتائي ڪانهي. ادا جڏهن به ڪراچيءَ ۾ ايندا آهن ته منهنجي گھر ۾ ڪرفيو لڳي ويندو آهي. منهنجو حُقو پاڻي بند ٿي ويندو آهي.
آخر ۾ فقط ايترو چوندس ته جيڪڏهن ادا عنايت جهڙي مهربان شخصيت جو سعيو منهنجي سِر تي نه هجي ها ته مان، مان نه هجان ها. سندس پيار سان گڏ سختيءَ وارو رويو نه هجي ها ته واقعي مان جتي اڄ آهيان، اُتي نه هجان ها. نه فقط مان پر لاتعداد انسان ادا جي عنايتن سان اڄ چڱن ڀلن عهدن تي رسيل آهن ۽ سوين ڪٽنب ادا جي شفقت ۽ مهربانين سبب سَنورجي ويا آهن.
الله پاڪ ادا عنايت جي صورت ۽ سيرت بهتر بڻائي آهي.