• مارئيءَ جو ميلو – ماڪڙ ۽ مشاعرو
ڪارڊ جي مٿان انگريزيءَ ۾ لکيل هو “مارئي ميلا 2003ع” مون محسوس ڪيو ته اها اردو دان وزير جي ٻولي آهي. نه ته اسان سنڌيءَ ۾ “مارئي ميلو” لکندا آهيون. اسان “ڀٽائي ميلا” يا “سچل ميلا” نه لکندا آهيون. اسان ميلو لکندا آهيون. مون ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير جناب شبير احمد قائم خانيءَ کي پهريون ڀيرو مشاعري ۾ تقرير ڪندي ٻڌو ۽ ڏٺو. هو اڌ اردو ۽ اڌ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. ۽ صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو. مون کي ماڻهو سٺو ۽ پرخلوص لڳو. ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن عمراڻي صاحب يا اڪبر لعاري صاحب “مارئي ميلا” بجاءِ “مارئي ميلو” لکرائڻ چاهين ها ۽ اهڙي صلاح وزير صاحب کي ڏين ها ته هو شايد مڃي وڃي ها.
عجب لڳو پر ڪڇي نه سگهيس. سوچيم ضرور ان ۾ به ڪا حڪمت رکيل هوندي. تاج بلوچ جو پڇيم ته خبر پئي ته هو اڳواٽ مٺيءَ روانو ٿي چڪو آهي. مان خوش ٿيس ته تاج بلوچ سان اتي رهاڻيون ٿينديون. ڇو ته تاج بلوچ اتي رهي چڪو آهي. بهرحال ايراني هوٽل جي ماني به ڏاڍي سٺي هئي. ماني کائي روانا ٿياسين ۽ شايد شام جو ستين وڳي جو وقت هو ته اچي مٺيءَ پهتاسين.
مٺيءَ ۾ جيئن ئي اسان جو ڪوچ رڪيو ته ثقافت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري سائين اڪبر لغاري ڪوچ ۾ گهڙي آيو ۽ سڀني جي آجيان ڪيائين. ڪوچ مان لاهي ٻن مختلف هوٽلن ۾ رهايو ويو. مٺيءَ جي لحاظ کان هوٽل مناسب ۽ آرامده هُئا. پر تِڏن ۽ ٽنڊڙن جي گهڻي ڀرمار هئي. جنهن تي بهرحال انتظاميا جو ڪو وس نه هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته نائين وڳي اسان کي بس کڻڻ ايندي. هوٽل انتظاميا کي چيل هو ته شاعر چانهه – ٿڌو جيڪو گهرن سو انهن کي ڏنو وڃي. اهڙيءَ طرح چانهيون – ٿڌا پيتا ويا. هٿ منهن ڌوتاسين، ڪجهه آهلياسين. تازا توانا ٿياسين ۽ ٺيڪ رات جو نائين وڳي ڪوچ اسان کي کڻڻ لاءِ پهچي ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اديب جتي رهيل هئا، سڀني کي هڪ هنڌ پهچايو ويو.
حيدرآباد جا اديب به جھجھي انداز ۾ پهتل هئا. اسان کي رات جي ماني کائيندي اندازو ٿي ويو هو ته اڄوڪي رات واري مشاعري ۾ ضرور ڪِنُ ٿيندو. جو خبر پئي ته اتي ماڪڙ ۽ تِڏن جو حملو آهي. پر سائين ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. مشاعري واري اسٽيج تي ڇا پهتاسون، لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ، تڏا ۽ تڏڙن جهڙا جهڙا ٻيا به جيت موجود هئا. ماڪڙ پوري اسپيڊ ۾ اچي منهن ۾ يا سيني ۾ زرڙاٽ ڪري، ايلي ڄڻ ڪنهن بانٺو هڻي ڪڍيو. وري ماڪڙ ۽ تڏا قميص اندران اندر جسم ۾ گهڙي وڃن. شاعر اڳيان ۽ ماڪڙ پٺيان. قميص جي ڇنڊ ڇندان.
سو سائين شاعري ته ويئي وسري. رڳو جان بچائڻ ۾ پورا هئاسون. خير، سائين ڀلا ويچاري انتظاميه به ان صورتحال ۾ ڇا پئي ڪري سگهي. فيصلو ڪيو ويو ته هينئر مشاعرو سرڪٽ هائوس ۾ ٿيندو. ۽ پوءِ ائين ٿيو. افسوس آهي ته اتي جمع ٿيل هزارين ماڻهو مشاعرو ٻڌڻ کان رهجي ويا ۽ ننڍڙي سرڪٽ هائوس ۾ پنجاهه کن شاعر ۽ ايترا ئي ٻيا ماڻهو ماپي ٿي سگهيا. اهڙيءَ طرح مشاعرو رات جو تقريبن ٻارهين وڳي سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي صدارت ۾ شروع ٿيو. بهرحال مشاعرو ڀرپور ٿيو. جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو شاعرن پنهنجا بهترين شعر پڙهيا ۽ داد وصول ڪيو. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي صوبائي وزير رئوف صديقيءَ، جيڪو پاڻ به شاعر آهي، تنهن هڪ مزيدار چوسٽو ٻڌايو. جنهن جو مطلب هيو ته متحده مجلس عمل وارا ان مطالبي تي زور ڇو ٿا ڏين ته صدر وردي لاهي. ڀلا صدر ڇو وردي لاهي؟ صدر وردي لاهي ته متحده مجلس عمل وارا ڏسڻ ڇا ٿا چاهين؟ ان تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. امداد حسيني ۽ عنايت بلوچ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ شعر ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. پر هن ڀيري ٽکڙ کان آيل مون لاءِ هڪ نئون شاعر انعام ٽکڙائي شعر پڙهي مشاعرو ماري ويو.
ميزبان ۽ ثقافت کاتي جي وزير جناب شبير قائم خانيءَ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان گهڻيون ئي غلطيون ڪيون آهن. هينئر وقت آهي گڏجي هلڻ جو. سنڌي – مهاجر اتحاد جو، ڀائيچاري جو ! هن چيو ته سندن قائد جناب الطاف حسين جو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته سنڌي – مهاجر اتحاد ٿيڻ گهرجي.
اهڙيءَ طرح مشاعري جي محفل رات جو دير تائين ختم ٿي. هوٽل تي موٽي اچون ته ڏاڪڻ تي لکين ماڪڙ ۽ تڏا قبضو ڪيو ويٺا آهن. اسان ته مڙئي چڙهي وياسين پر اردوءَ جا شاعر چون ته اسان سڄي رات بيٺا هونداسين پر اتان نه چڙهنداسين. مڙئي انهن کي منٿون ميڙون ڪري مٿي چاڙهيوسين. ٻئي ڏينهن مقالن جي نشست هئي. اتي ٿري مصنوعات لوين، کيسن، کٿن ۽ سوسين وغيره جي نمائش به هئي. سنڌي ٻولي اختياريءَ واران ڪتابن جا اسٽال به هنيا هئا. ڪجهه ڪتاب ڪجهه پاکڙيون ورتيوسين. مارڪيٽ مان گدريون ۽ متيرا (چڀڙ) به خريد ڪياسين. اهڙيءَ طرح وري خيرن سان ڪوچ تي واپس واپس ٿياسون. اهو سفر به زندگيءَ جو يادگار سفر رهندو.!
عوامي آواز ڪراچي-