ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5851
  • 731
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• امن جنگ کان بهتر آهي!

فجر جي آذان ۾ باقي چئن وقتن جي آذانن کان هڪ جملو واڌارو آهي ۽ اهو آهي “نماز، ننڊ کان بهتر آهي.” مون کي ان جملي ۾ ڏاڍي اپيل ۽ ڏاهپ نظر ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جي تارن کي اهو جملو ڇهي ويندو آهي. نماز پڙهڻ ته هڪ مذهبي فرض آهي ۽ اهو معاملو الله ۽ انسان جي درميان آهي پر صبح جو سوير اٿڻ مان جيڪي ٻيا فائدا آهن اهي تمام گهڻا آهن. اسڪول جا ٻار اسڪول وقت تي پهچي سگهن ٿا. آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسن ۾ وقت تي پهچي سگهن ٿا ۽ صبح جو جڏهن هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گدلاڻ شامل نه هوندي آهي تڏهن پنهنجي صحت ۽ جان لاءِ ڪثرت به ڪري سگهجي ٿي ۽ هوا جا تازا ۽ خالص ساهه کڻي سگهجن ٿا جنهن ۾ ڦڦڙن کي تازگي ۽ توانائي ملي ٿي. ننڊ کي ڪڏهن ڪڏهن نڀاڳو به چيو ويو آهي ڇو ته جاڳيل قومون اڳتي نڪري وينديون آهن ۽ ستل قومون تواريخ جي ڪچري دان ۾ هليون وينديون آهن. ڀٽائي ائين ئي ته نه چيو آهي، “سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي!” سسئي سڄي عمر پڇتائيندي رهي ته جنهن محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ کيس ننڊ ئي ڪا نه ٿي آئي. بدقسمتي جي انتها اها آهي ته جڏهن ميلاپ جي اها گهڙي آئي، تڏهن کيس ننڊ اچي وئي ۽ اهڙيءَ طرح سندس محبوب کانئنس اوجهل ٿي ويو:
سڪي جان – ستياس ته سڪ سمهڻ نه ڏئي،
جاڳي، “سُتيس” جن لئي، سي آيا تان نه اٿياس،
ڀينر آنءُ ڀلياس – نا ته سڪ، سمهڻ ڇا لڳي!

فلسطين ۾ ۽ عراق مٿان جيڪو انياءُ، جيڪا بي داد، جيڪو ناحق ڏاڍ، جيڪو قيس ۽ جيڪا قيامت گذري چڪي آهي. اهو باقي دنيا لاءِ: “جاڳو جاڙيجا، سما سک ۾ سمهو” جو سڏ آهي.
مان سمجهان ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت توهان کي سڄو ٻڌائجي:
جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،
ڏسو ان پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري !
“لاکي” جو اهڃاڻ اڄ جو جارج ڊبليو بش آهي. لاکي سان سندس گهوڙي “لکي” به هوندي هئي، جنهن تي چڙهي لاکو لوڙيون ڪندو هو ۽ اڄڪلهه لاکي “بش” جي اها گهوڙي لکي به آهي جنهن تي چڙهي لاکو لوڙيون ٿو ڪري ۽ اها گهوڙي آهي، “بليئر” ! ڀٽائيءَ چيو هو: “لکي ۽ لاکو ٻئي مئا، ٻاجهه ٿي”!
بش ۽ بليئر جي ايڪيهين صديءَ جي جيڪا ايجنڊا آهي اها ڪا مبهم نه آهي. اها پٽ پڌري آهي. جديد جنگي هٿيارن ۽ فضائي، سامونڊي،توڙي زميني جنگ ۾ سائنسي ترقي سبب مٿڀرائي انهن ٻنهي ملڪن جي اکين ۾ غرور جو انڌ آڻي ڇڏيو آهي. اهي اخلاق ۽ منطق کي پٺي ڏئي بيٺا آهن. هٽلر، چنگيز ۽ هلاڪو جي نقش قدم تي هلي سموري دنيا تي پنهنجو تسلط ڄمائڻ گهرن ٿا. اها جنگ اول فلسطين ۽ عراق جهڙن ڪمزور ملڪن کان ٿيندي شام – ايران کان پکڙبي الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي .
بندر جان ڀئي، ته سکاڻا م سمهو،
ڪَپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا !

پوڻا ٽي سؤ سال اڳ اسان جو سجاڳ ۽ انقلابي شاعر اسان کي ٻڌائي ويو آهي ته “ ماٽي جي مهي” وانگر ڪپر ٿو ڪُن ڪري، اهو ڪمزور قومن، ماڻهن ۽ ملڪن کي ڳهي ويندو . پر اسان اسان سجاڳ نه ٿياسون ۽ “ڏي لوڏو” واري عياشيءَ واري زندگي گذارڻ جا عادي رهياسين. هن وقت حالت اها آهي ته “سڀڪو پنهنجو پٽڪو بچائي” عربن وٽ پئسو ۽ پيٽرول آهي، پر هن وقت جمهوريت جو فقدان آهي. سائنس ۽ منطق جو فقدان. حڪمت عمليءَ جو فقدان آهي.
يورپ وارا “ڏندين ڏاند” آهن. اهي بش ۽ بليئر سان پاڻهي پڄي پوندا. باقي رهيا هندستان ۽ پاڪستان. پاڪستان ۽ هندستان ٻه طاقتور ملڪ آهن. جتي هروڀرو عربن جي زندگي گذارڻ وارو طور طريقو به ناهي. ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا. ٻنهي ملڪن ۾ سائنسي ترقيءَ جا دروازا کليل آهن. يورپ ۽ آمريڪا جو سائنسي ترقيءَ ۾ مقابلو نه به سهي تڏهن به اهڙا ويل ته ناهن. هندستان ۾ جمهوريت جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن . جڏهن ته اسان وٽ اڃان جمهوريت ڪونڊين ۾ پوکيل آهي. جنهن جون پاڙون اڃان ڄمي نه سگهيون آهن.
هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه خوفناڪ جنگيون ٿي گذريون آهن ۽ ٽين ٿيندي ٿيندي رڪجي ويئي ، پر تلوار اڃان لڙڪيل آهي .تازو هندستان جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جو هڪ بيان آيو آهي ، ڪنهن جي پاڪستان حڪومت به آجيان ڪئي آهي. واجپائي صاحب چيو آهي ته : مان پاڪستان ڏانهن دوستيءَ جو هٿ ونڊايان ٿو، پر پاڪستان به ساڳي موٽ ڏي . هن وڌيڪ چيو آهي ته امن خاطر مان لاهور آيو هوس ۽ امن خاطر مون جنرل پرويز مشرف کي به آگري اچڻ جي دعوت ڏني هئي .
مان سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ننڍڙي نمائندي طور واجپائيءَ جي ان بيان جي آجيان ڪريان ٿو ۽ پاڪستان سرڪار کي عرض ڪريان ٿو ته سندس ان بيان جي موٽ ٻيڻي ڪري ڏني وڃي ۽ عدم اعتماد ۽ ڊبل ڪراس واري پاليسي کي ترڪ ڪري کليل ذهن ۽ مٺي زبان سان معاملا طئي ڪيا وڃن. ڇو ته علامه اقبال به ڪيترو وقت اڳ چيو هيو ته:
نه سمجھوگي تو مٽ جائوگي اي هندوستان والو
تمهاري داستان تڪ ڀي نه هوگي داستانون مين
موجوده ۽ معروضي حالتن ۾ هندوستان ۽ پاڪستان کي نه فقط دشمني ترڪ ڪرڻي آهي ، دشمني واري فضا کي سازگار ڪرڻو آهي. بلڪه هنن ٻن ملڪن کي ڳوڙهي ۽ گهري دوستي ڪرڻي آهي. جهڙيءَ طرح ٻنهي ملڪن جا عوام اڳي هڪ ٻئي جا دوست آهن. اهڙيءَ طرح حڪومتي سطح تي، مصلحت پسندي جي لحاظ کان ئي دوستي ڪرڻي آهي. جاگرافيائي ۽ تواريخي پسمنظر ۽ هڪ جهڙائيءَ جي لحاظ کان به دوستي ڪرڻي آهي. هنر، واپار، شين جي مٽاسٽا ۾ به ڏي وٺ ڪرڻي آهي. اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي وفدن جي هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ جا رستا کوليا وڃن. ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي گهرجي ته هو پنهنجي هلڪڙن وزيرن ۽ صلاحڪارن کي لغام ڏين ته جنگي جنون کي شهه ڏيڻ وارا بيان ڏئي سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي لبرل ۽ بردبار طبقي کي آزادي ڏين ته اهي امن آشتي جي فضا کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
يقين ڪريو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو اهي ٻئي شيطاني طاقتون برطانيا ۽ آمريڪا نه اچڻ ڏينديون، ڇو ته ننڍي کنڊ جي ٻن وڏين طاقتن جي دوستي هنن جي مفادن خلاف آهي. هندستان ۽ پاڪستان آمريڪي هٿيارن جون به وڏيون منڊيون آهن. انهن شرپسند ملڪن جي سدائين “ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو” واري پاليسي رهي آهي. خدا شال پاڪستان ۽ هندستان جي ملڪن ۽ انهن جي سربراهن کي اها ساڃاهه ڏيندو جو اهي وقت جي نزاڪت ۽ “ڪپر جي ڪن” جي ڪيفيت کي سمجهن. دنيا ۾ تبديليءَ جي اهڃاڻ جو ادراڪ ڪن. فيل مست گهوڙي کي لغام ڏيڻ جي کين طاقت ملي. اهڙا بيان ڏيڻ هڪدم بند ٿيڻ گهرجن ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر جنگ کان ڊڄون به نٿا.
اسان جون فوجون ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهن. وغيره وغيره. منهنجو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ جهيڙي جهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻي ئي ڪانهي ۽ واجپائي جيڪڏهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي ته ان هٿ ۾ ٻئي هٿ مِلائجن ڇو ته هندستان ۽ پاڪستان جي دوستي وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
سڪين ڪوهه سلام کي
ڪرين نه ڪوهه سلام !
۽
اَمُن جنگ کان بهتر آهي.

عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 22 اپريل 2003ع