• “باباءِ سوشلزم “ شيخ رشيد جي ياد ۾
هي شخص اختلافن جي باوجود ۽ پارٽيءَ ۾ “جوڳي” عزت نه ملڻ جي باوجود به پارٽيءَ جي اندر موجود رهيو ۽ پارٽي ڇڏي نه ويو. توڙي جو جيڪو سلوڪ پارٽيءَ هن سان ڪيو، تنهن کان پوءِ هو جيڪڏهن پارٽي ڇڏي وڃي ها، تڏهن به هن تي ڪا ميار نه اچي ها. پر بقول شاعر جي:
تال سوک- ڪنڪر ڀيو، هنس ڪهون نان جائي
پڇلي پريت ڪي ڪارڻي، پٿر ڇن ڇن ڪي کائي.
(تلاءُ سُڪي چڪو آهي ۽ ان ۾ رڳو پٿر وڃي بچيا آهن. پر پراڻي پريت جي يادن کي ساريندي هنج تلاءَ کي ڇڏي ڪيڏانهن به نه ٿو وڃي ۽ موتين جي جاءِ تي پٿر چونڊي چونڊي تڳي رهيو آهي.)
1967ع ۾ هن ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، اڄ 2002ع آهي، پنجٽيهن سالن جو ساٿ اڌ زندگي جو ساٿ آهي.
هڪ ڀيري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شيخ رشيد کان پڇيو هو ته، “ تون ڪميونسٽ آهين؟” هن جواب ۾ چيو هو ته، “ مون ۾ اڃان ايتري اهليت ۽ لياقت ناهي جو مان پاڻ کي ڪميونسٽ سڏايان.” اها آهي هڪ عظيم انسان جي نشاني. هن “ڪميونزم” کي ايڏو مٿاهون ٿي سمجهيو جو اقرار ڪندي چيائين ته مان اڃان ايڏو قابل ناهيان جو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائي سگهان.
هاڻ ته سڀ “سوٽي” مان “سيد” بڻجي چڪا آهن. جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. اصولن جي سياست هاڻي رهي ئي ڪٿي آهي؟ اصول ئي نه رهيا آهن. هي منطق، عقل ۽ علم جو دور ناهي. هي ڏاڍو سو گابو جو دور آهي. هي فيلسوف جو دور نه رهيو آهي. هي ڪلاشنڪوف جو دور آهي. ڀلا اهڙي دور ۾ شيخ رشيد جهڙي ملنگ، مست، سچي ۽ کري ماڻهوءَ لاءِ روئڻ جو وقت ڪنهن وٽ آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو گذريل صديءَ جو هڪ ديومالائي ڪردار هو. هن ملڪ جي سياست ۾ هو پهريون شخص هو جنهن “غريب عوام” جي ڳالهه ڪئي ۽ جنهن “سوشلزم” جو نعرو لڳايو. پاڪستان جي عوام ته “مائل” هئي، پر اڳ اهڙو “سائل” ئي نه آيو هو. پوءِ ته پاڪستان جي عوام ان سائل تان ائين صدقي ٿي جو عوامي صدائون گونجي ويون ته :
مٿي اتي منهنجي هئا سرن سو هزار
ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو.
۽ پاڪستان جي عوام نه صرف ذوالفقار علي ڀٽي کي ٻه ڀيرا وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاريو پر سندس “قابل” ۽ پڙهيل لکيل نياڻي بي نظير ڀٽو کي به ٻه ڀيرا ساڳي ڪرسيءَ تي ويهاريو. “پڇلي پريت جي ڪارڻ” پاڪستان جي عوام بينظير ڀٽو کي ٽيون ڀيرو به ان ڪرسيءَ تي ويهارڻ لاءِ تيار آهن، شرط اهو آهي ته انهن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ۽ آزادي هجي.
چوڻ ٿي چاهيم ته ايڏي وڏي ديومالائي ڪردار جڏهن سوشلزم جو نعرو هنيو ته پوءِ ڇا ٿيو:
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
سڀئي شئي ٿيا سوريءَ سزاوار
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهيين.
وڏيرا چوڌري، پير، مير، ڀوتار، ڪلنگين وارا، پجيرو وارا سڀ راتورات سوشلسٽ بڻجي ويا. تن سان گڏ اصلي ڪامريڊ به ڀٽي صاحب سان گڏجي ويا. جن ۾ معراج محمد خان، شيخ رشيد، مبشر حسين، ڊاڪٽر غلام حسين، حق نواز گنڊاپور ۽ اهڙا ٻيا به ڪجهه نالا آهن. جيڪي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ اولين نالا هئا ۽ ڪجهه ڪامريڊ جيڪي پارٽيءَ ۾ باقاعده شامل نه ٿيا هئا يا کڻي چئجي ته پارٽيءَ ۾ شموليت کان شرمائيندا هئا. تن جون به همدرديون پارٽيءَ سان هيون. جن ۾ فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جهڙا شاعر به شامل هئا. تنهن دؤر ۾ ڪميونسٽ يا دل و جان سان سوشلٽ ۽ ٻيا هڪڙا Socialist by Conviction يعني اصولي سوشلسٽ يا دل وجان سان ۽ ٻيا هئا Socialist by Convenience يعني سهولت ۽ فائدي کي نظر ۾ رکندي سوشلسٽ.
شيخ رشيد سو سيڪڙو Socialist by Conviction هو.تڏهن ئي ته کيس “باباءِ سوشلزم” سڏيندا هئا. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو منشور ٺهي رهيو هو، تڏهن اهو شيخ رشيد ئي هو جنهن ڀٽي صاحب تي زور رکيو هو ته پارٽيءَ جي منشور ۾ زرعي سڌارا شامل ڪيا وڃن. ڀٽي صاحب جواب ڏنو ته، شيخ صاحب مان اصولي طور تي توهان جي راءِ سان سهمت آهيان، پر ڪن مصلحتن تحت فقط ان کي “زرعي سڌارن” جو نالو نه ڏنو وڃي. اهڙيءَ طرح پ پ پ جي شروعاتي منشور ۾ هارين ۽ پورهيتن جي مستقبل لاءِ ڪافي وعدا لکيا ويا هئا. پوءِ اقتدار سنڀاليندي ئي ڀٽي صاحب زرعي سڌارن جو اعلان ڪيو. شيخ رشيد ان اعلان تي بيحد خوش ٿيو هو. جڏهن ته وڏيرا ۽ چوڌري “سوشلسٽن” مٿان ڄڻ ته وڄ ڪري پئي هئي. پوءِ اهي زرعي سڌارا اعلان موجب عمل ۾ اچي نه سگهيا.
پر پوءِ ٿيو ائين جو بعد ۾ شيخ رشيد کي چيئرمين لينڊ ڪميشن مقرر ڪيو ويو. کيس پورا اختيار ڏنا ويا. انهيءَ دوران شيخ رشيد زرعي سڌارن تي جيترو ٿي سگهيو عمل ڪيو ۽ هارين ۾ زمينون دستاويزن سميت ورهايون ويون. شيخ رشيد چوڌرين ۽ وڏيرن جو سخت مخالف هو. هو پارٽيءَ ۾ چوڌرين ۽ وڏيرن جي شموليت جو پڻ سخت مخالف هو. پ پ پنجاب جو صدر هو ۽ سندس صدارت دوران مشڪل سان ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ وڏيري ۽ چوڌري کي پارٽي ٽڪيٽ ملي هوندي. پر پوءِ جيئن تيئن پارٽي هارڊ لائين ۾ چوڌرين لاءِ نرمي ايندي ويئي. 1977ع جي چونڊن ۾ چوڌرين ۽ وڏيرن کي پارٽي ٽڪيٽون مليون. شيخ رشيد دل شڪستو رهيو. پر هن ڪڏهن به ڀٽي جو ساٿ نه ڇڏيو. پر اهو به هميشهه لاءِ رڪارڊ تي رهندو ته هن پوري پاڪستان ۾ هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي. جنهن جو کٽيو اڄ به هاري کائي رهيا آهن. شيخ رشيد جڏهن وزير صحت بڻيو، تڏهن هن هڪ نئون سسٽم شروع ڪيو. اهو هي ته دوائون پنهنجي “جنرڪ” نالن سان وڪرو ٿينديون.
اها به هڪ سوشلزم جي ڪڙي هئي جو ائين ڪرڻ سان دوائن جون قيمتون هيٺ ڪري پيون ۽ غريب غربي لاءِ دوائن جي خريداري ۾ آساني ٿي. بدقسمتيءَ سان بعد ۾ غيرملڪي دواساز ڪمپنين جي زور بار سبب جنرڪ اسڪيم کي واپس ڪيو ويو. اڄ به آمريڪا ۾ دوائن وارو جنرڪ سسٽم رائج آهي. شيخ رشيد کي غريب، مسڪين، پورهيت، هاري ناري، ڪڙمي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. ساڳي وقت وڏيرا، زميندار، چوڌري ۽ ڪارخانيدار کانئس سخت چڙ کائيندا هئا. اڄوڪي سياست ۾ سچا ماڻهو رهيا ئي ڪٿي آهن؟ اڄوڪي پي پي ڇا اها پي پي رهي آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي شروع ڪئي هئي. بقول فيض جي ته:
شهر جانان ۾ اب با صفا ڪون هي
دست قاتل ڪي شايان رها ڪون هي
رخت دل بانڌلو، دل فگارو چلو،
ڦر همين قتل آئين يارو.
شيخ رشيد باوفا شخص هو، جيڪو دست قاتل جي شايان هو ۽ هو ٻيهر قتل ٿي ويو آهي.
عوامي آواز ڪراچي – 17 سپٽمبر 2002ع