• آزاديءَ جو ڏينهن ۽ جمهوريت جي رات
هيءَ آزادي اسان کي هزارين ڪونڌرن ڪهائڻ ۽ لاتعداد ٻين قربانين ڏيڻ کان پوءِ حاصل ٿي آهي. قومون پنهنجي آزاديءَ جا ڏينهن وڏين خوشين ۽ مسرتن سان ملهائينديون آهن. وڏا شادمانا ٿيندا آهن. اسان به اهي ڏينهن ملهائيندا آهيون. پر “ڳاٽي ڀڳا ميندي لانوڻ ڏي” واري حساب سان. هندستان ۽ پاڪستان هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ ٿي پيا. هندستان ۾ اڄ ڏينهن تائين فوجي راڄ برپا نه ٿيو آهي. هندستان ۾ نسلي متڀيد به گهڻا آهن. اونچ نيچ جو ڪلچر به آهي. شودر ۽ برهمڻ جا غيرفطري تضاد به آهن. غربت ۽ افلاس به آهي. جهالت به آهي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اتي جمهوريت جو نظام مضبوط آهي ۽ بري کان بري سياسي وڳوڙن ۾ به ڪڏهن هندستان جي جي فوج حڪومت تي قبضو نه ڪيو آهي.پر هتي، هن ملڪ ۾ اسڪندر مرزا کان وٺي موجوده حڪمرانن تائين هر ڪنهن، ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي آڙ ۾ پنهنجو ئي ملڪ پئي فتح ڪيو آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ “آئين” کي مقدس سمجهيو ويندو آهي، پر هتي “آئين” ئي سڀ کان حقير شيءِ سمجھيو وڃي ٿو. “اميرالمومنين” ضياءَ الحق چيو هو ته “ آئين ڇا آهي، هڪ ڪتاب ئي ته آهي جنهن کي کڻي مان ٻاهر اڇلائي سگهان ٿو.”
اهو ضياءُ الحق ئي هو جيڪو يارهن سالن تائين هن ملڪ ۾ نفرت، تعصب، مذهبي اڻ سهپ، هيروئين ۽ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر پکڙيندو رهيو. سندس پوکيل پوک هاڻي پچي راس ٿي آهي. اڄ ڪلاشنڪوف جو وڌ ۾ وڌ استعمال انتها پسند مذهبي تنظيمون ڪري رهيون آهن. مسجدون ۽ امام باڙا ته سلامتيءَ واريون جايون آهن، جتي جيڪڏهن اچي پناهه وٺي ته ان تي تيستائين حملو ناجائز آهي، جيستائين هو ان مقدس مقام ۾ پناهه ورتل آهي. پر هتي جيترا عبادت ڪندڙ، مسجدن ۾ ۽ امام باڙن ۾ عبادت دوران شهيد ڪيا ويا آهن، ايترا ته روڊ حادثن ۾ به نه مئا هوندا. گاڏين ۽ رستن تي شهيد ٿيندڙ ديني عالمن جو به وڏو تعداد آهي.
اڄڪلهه عالمي ملڪن ۾ پاڪستان لاءِ جيڪو “دهشگرد ملڪ” هجڻ جو تصور آهي. اهو انهن مذهبي جماعتن سبب ئي پيدا ٿيو آهي. طالبان ڪنهن جا ڪِڙايل آهن؟ ديني مدرسن ۾ ڇا ڇا پڙهايو وڃي ٿو؟ ان تي اڄ تفصيل ۾ نه وينداسون. اڄ پاڪستان ۾ آئين سان ٿيندڙ هٿ چراند ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل بابت ڪجهه عرض ڪبو.
ايئر مارشل نورخان هڪ پيشيور، باعزت ۽ ايماندر فوجي ٿي رهيو آهي. هو پنهنجي دور جو عظيم سپاهي ۽ هواباز هو. هن ايئرفورس جي ملازمت جي آخري ڏاڪي يعني ايئرمارشل ٿي رٽائر ڪيو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو پاليسي ساز ٿي گذريو آهي. 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪارنامن پٺيان نورخان جو ئي ذهن هو.
بعد ۾ جڏهن پاڪستان جي قومي ايئرلائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جو سربراهه مقرر ٿيو ته هيءَ ايئرلائين دنيا جي ڏهن عظيم ايئرلائينن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي. ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ اسڪوائش ٽيمن جي سربراهي دوران پاڪستاني ٽيمن جي دنيا ۾ واهه واهه هوندي هئي.
اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ هو ته هو نهايت بي باڪ ايماندار ۽ پروفيشنل هو. نورخان سياست تي گهٽ ڳالهائيندو آهي، بلڪه اڪثر خاموش رهندو آهي.
پر ڪنهن موقعي تي اسلام آباد ۾ جيڪو هن مرد مجاهد ڳالهايو، ان جو اختصار مان پاڪستاني قوم آڏو پيش ڪندس:
پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن يعني 14 آگسٽ لاءِ اهو منهنجو پرخلوص نذرانو آهي. نورخان جا ارشاد ٻڌو ۽ هنئين سان هنڊايو. هن چيو ته نيشنل ريڪنسٽرڪشن بيورو (اين آر بي) جنهن پس منظر توڙي پيش منظر ۾ جنرل تنوير نقوي جو هٿ آهي، تنهن پاران پيش ڪيل نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو خيال نه فقط ملڪ پر پاڪستان جي فوج لاءِ به سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو. هن گذريل پنجاهه سالن دوران پاڪستان جي بري فوج پاران سياسي مداخلت تي سخت رنج ۽ برهميءَ جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته ان سبب هڪ ته پيشيور فوج جي پيشي تي برو اثر پيو آهي، ٻيو ته ملڪ ۾ جمهوريت سان به وڏي جٺ ٿي ۽ تعدي ٿي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين اقتدار جي چوس فقط بري فوج تائين محدود هئي، پر هاڻي بحري ۽ هوائي فوج کي به نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ شامل ڪري، انهن کي به سياسي چوس ۽ ڪرپشن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. يعني اڳ فقط بري فوج “شجر ممنوعه” کاڌو هو، هينئر باقي بچيل ٻن فوجن يعني بحري ۽ هوائي فوج کي به خراب ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته هن کان اڳ ڪڏهن به بحري ۽ هوائي فوج کي اقتدار ڏانهن مائل نه ڪيو ويو هو. هن اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي فوج تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
هن ڪاوڙ ۾ چيو ته بحري ۽ هوائي فوجون اسان جون انتهائي پيشيور ۽ سياسي جوڙ توڙ کان پاڪ رهيون آهن. پر بري فوج انهن کي اين ايس اي ۾ شامل ڪري فوج سان ۽ ملڪ سان وڏي زيادتي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته بحري ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه هن وقت تائين سمورو وقت پنهنجي پنهنجي فوجن جي تربيت بهتر بنائڻ ۾ صرف ڪندا هئا، سي هاڻي ويهي گندي ملڪي سياست ۾ وقت برباد ڪندا. اهڙيءَ طرح اهي فوجون به پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون.
نور خان چيو ته جنگ جي وقت يا ڪنهن ٻئي فوجي مقابلي وقت بري فوج ڪڏهن به بحري ۽ هوائي فوج سان صلاح مصلحت نه ڪندي آهي ته هينئر انهن جي سربراهن کي سياست ۾ ڇو پيو لاٿو وڃي، جنهن جي وٽن ڪا به سڌ ٻڌ نه آهي. هن ٻڌايو ته 1965ع واري جنگ ۾، جنگ جوٽڻ وقت به هوائي فوج جي سربراهه سان ڪو صلاح مشورو نه ڪيو ويو هو. 1999ع واري ڪارگل ڪاهه وقت به بحري ۽ هوائي فوج جي سربراهن سان ڪا به صلاح مصلحت نه ڪئي ويئي هئي.
هن ٻڌايو ته اين ايس اي ۾ شامل ٽنهي فوجن جا سربراهه پنهنجي آقا، يعني صدر جو چيو ڪيئن ٿا ٺڪرائي سگهن. انهن کي نوڪري ڏيندڙ به صدر آهي ۽ اهو ڪيئن لڳندو ته صدر جي اشاري تي انهن ٽنهي فوجن جا سربراهه “قومي مفاد “ ۾ چونڊيل وزير اعظم کي هٽائڻ واري مهم ۾ مصروف ٿي ويندا. “قومي مفاد” هڪ اهڙو نسخو آهي جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف قومي فوج جي مدد سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڇا جن جي هٿن ۾ اڄ ملڪ جون واڳون آهن، اُهي نورخان جهڙي عظيم ايماندار ۽ ديانتدار پر رٽائر ٿيل جهوني ايئرمارشل جي مشورن ڏانهن ڪن ڏيندا؟
قوم ويجھي ماضيءَ ۾ هڪ ريفرينڊم جي تجربي مان گذري چڪي آهي ۽ ايندڙ آڪٽوبر ۾ اهڙي ٻئي “شفاف” تجربي مان گذرڻي آهي.
اسان هن ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه آهيون. حقدارن کي حق ڏيو. قوم هڪ تڏهن رهندي جڏهن سڀني صوبن کي هڪجهڙا حق هجن. ڪنهن جي ماني، پاڻي تي مارو نه هجي. باقي استحصال جي صورتحال ۾ يڪجهتي جا سبق ڏيڻ ائين آهي جيئن ڪو شرابي پيءُ، پنهنجي اولاد کي شراب پيئڻ کان منع ڪري. صبر ۽ شڪر جي تلقين تڏهن ڪريو، جڏهن حقدارن کي پنهنجا حق ڏيندؤ. نه ته :
صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آئون ڪندي،
آهيان جن سندي، سو ته گهرجي ساڻ مون.
نورخان جي نظر ۾ موجوده حڪومت پوين ٽن سالن دوران اهي سڀ غلطيون ۽ خطائون ڪيون آهن، جن جو الزام بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف تي هنيو ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته حڪومت چاهي ها ته پنهنجي اچڻ جي ڇهن مهينن اندر ملڪ کي غيرقانوني هٿيارن کان پاڪ ڪري سگهي ها. پر سياسي چالبازين سبب حڪومت وٽ اهڙن ڪمن لاءِ وقت ڪونهي. مڪاني چونڊن وارو تجربو انتهائي ناڪام رهيو آهي. ميرو والا ۽ ميانوالي جا واقعا ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
نور خان سوال ڪيو ته اڄڪلهه قائداعظم محمد علي جناح جي جمهوريت واري تصور جي ڇو نٿو ڪو ڳالهه ڪري؟ هن ٻڌايو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي جمهوريت جو تصور چٽو، واضح ۽ صاف طور پيش ڪيو هو. هاڻي توهان به ٻڌايو ته توهان جو تصور ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي؟
سندس اشارو موجودهه سربراهه ڏانهن هو !!
عوامي آواز ڪراچي- 14آگسٽ 2002 ع