• طارق جتوئيءَ جو الميو درياهه تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي
آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم ورتل وڏ گهراڻي جي خوبصورت نوجوان کي سئيمنگ پول ۽ درياهه جي فرق جو اندازو ڪيئن نه هوندو. طارق ڪو شهري بابو نه هو. هن جي تربيت ۽ سکيا بهرحال ڳوٺاڻي آهي. موري جو رهاڪو پنهنجين زمينن ۽ راڄ ڀاڳ وارو شخص هو جنهن کي درياهه جي دم ۽ دهشت جو اندازو ڪيئن نه هوندو. اها به خبر ناهي ته هو تارو هو يا اڻ تارو هو پر اخبارن ۾ ايندڙ خبرن مان اهو انديشو آهي ته تارو نه هو. درياهه تي ڪنهن فلم ڏسڻ کانپوءِ ترڻ ۽ مهراڻ جي موجن سان کيڏڻ جو ٻاڻ لڳو هوندس.
اڳي ان تڙان، ويندي مون ورهه ٿيا
قضا آنديس ڪن ۾، گهرائي گهران
پنا جڏهين پرئان، تڏهن تانگهون ئي تار ٿيو
قضا ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي. اخبارن ۾ آيل خبرون تن ۽ کل جي ٻاهران جون خبرون هلائينديون آهن. طارق جي باري ۾ آيل احوالن تي الائي ويساهه ڇو نه ٿو اچي. دل يقين ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿي ايڏو پڙهيل ڳڙهيل، ايڏو حسين شهزادو، ملڪيتن ۽ پئسي وارو، سو ايڏو اڻ ڄاڻ يا معصوم ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو اڻ تارو هجڻ جي باوجود درياهه ۾ گهڙڻ جي نتيجن کي ڌيان ۾ رکڻ کانسواءِ ڪُن ۾ ڪڏي پئي. پر جيئن چوندا آهن اندر جي خبر الله کي.
انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کاڻئين
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ
سولي جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو
دل جي جذبن جو اظهار ايترو آسان به نه هوندو آهي. ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن کي من جي محبوب جو وصال حاصل هوندو آهي. پر اهڙا انسان تمام گهٽ هوندا آهن ۽ جن کي محبوب جو وصال حاصل نه هوندو آهي تن مان چند وري اهڙا خوش نصيب ٿيندا آهن جن کي ڪي سريلا رازدان ملي سگهندا آهن. جن سان هو پنهنجي رنج ۽ راحت، چاهت ۽ نفرت يا دين دنيا جا ٻيا ڪيئي حال احوال اوري ۽ سوري وٺندا آهن پر اهڙا انسان به گهٽ آهن جن کي سچا ۽ سريلا رازدان ئي ملي سگهن.
ٻيا وري اهڙا انسان آهن جن کي نه محبوب جو وصال حاصل ٿئي ٿو ۽ نه راز اورڻ وارو ملي ٿو اهي شرميلا انسان ٿين ٿا جيڪي سيني جو سور ڪنهن سان نه ٿا سلن.
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
مان هي من گهڙت ڪٿائون ڏئي اڳيئي ڏکايل ڪٽنب کي وڌيڪ ڏکارو ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان. نه ئي منهنجي نيت ۾ کوٽ آهي مان رڳو هڪ مٿاڇري خبر جي تهه تائين پهچڻ جي تلاش ۾ آهيان ۽ سوچيان ٿو ته هڪ بي مقصد مرتبي کي ڪو مقصد ملي وڃي. پاڻ مرادو جي تار ۾ گهڙندا آهن تن جو ضرور ڪو مقصد ته هوندو آهي. سهڻي جڏهن تن کي تار ۾ وجهندي هئي ته کيس ميهار سان ملڻ جي تات هوندي. علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن پاڻ کي مهراڻ جي موجن جي حوالي ڪيو. تنهن پويان هڪ مقصد هو. هن اهو ڪم اڻ ڄاڻائي مان نه ڪيو هو پر کيس پوري ڄاڻ هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ان جو انت ڇا ٿيڻو آهي.
خبر نه آهي ته طارق کي سندس عمل جي نتيجن جو احساس هوندو الائي نه پر جيڪي ٿيو تنهن اسان سڀني کي ڏک جي هڪ پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
هن ڪالم وسيلي مان ذاتي طور تي ۽ عوامي آواز جي سموري عملي پاران جناب غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ باقي سڀني گهرڀاتين سان گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪريان ٿو.
سانوڻ گهڙي سڀ ڪا، هيءَ سرهي سياري
تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري
محبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾
عوامي آواز ڪراچي -29 جون 2001