• ڏند ڪٿا جي ڳالهه (هيلن آف ٽراءِ)
هي يونان جي پهرين جنگ جي ڪهاڻي آهي ان کي ٽروجن جنگ TROJAN WAR به چوندا آهن. هڪ ڀيري اولمپس جبل ( جنهن نالي پويان اولمپڪ رانديون ٿينديون آهن) تي ديوتائن ديوين جي هڪ شادي جي تقريب ٿي رهي هئي اتي اچانڪ هڪ ديوي اچي نڪتي جنهن کي ان شاديءَ ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏنل نه هئي، هن اچڻ سان ٽيبل مٿان هڪ سونو صوف اڇلايو جنهن تي هي الفاظ لکيل هئا “ سڀن کان حسين ديوي لاءِ”
جنهن ديوي اهو صوف اڇلايو هو سا “ فساد جي ديوي “ هئي جنهن ڪاميابي سان فساد جي شروعات ڪرائي. هر ديوي سمجهي رهي هئي ته هوءَ ئي خوبصورت آهي ان ڪري اهو سونو صوف کيس ملڻ گهرجي.پريان هڪ ريڍار رڍون چاري رهيو هو جنهن جو نالو “پئرس” هو. ديوتائن ۽ ديوين تنهن کي سڏ ڪيو ۽ چيو ته هو فيصلو ڪري ته سڀني مان خوبصورت ڪير آهي.
هر ديوي پيرس کي تحفن جي آڇ ڪئي ته جيئن هو سندس نالو کڻي جونو (Juno) ديوتائن جي شهزادي کيس بادشاهه بنائڻ جي آڇ ڪئي.
منروا (Minerva) ڏاهپ جي ديوي کيس ڏاهو بنائڻ جي آڇ ڪئي، پر وينس (Venus) سندرتا جي ديوي کيس آڇ ڪئي ته هوءَ دنيا جي سڀ کان سندر ڇوڪري سان ساڻس شادي ڪرائيندي. پيرس دراصل ڪو ريڍار ڪو نه هو، هو يونان سامهون سمنڊ جي ڪپ تي جڙيل شهر ٽراءِ جي بادشاهه پريام جو پٽ هو.
پيرس کي ڪنهن بدشگوني جي بنياد تي، ٻاراڻائپ ۾ جبل تي اڇلايو ويو هو ته جيئن هو مري وڃي پر هڪ ريڍار هن کي هٿ ڪيو ۽ کيس پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ پنهنجي ٻچن وانگر کيس پاليو. پيرس نه بادشاهه ٿيڻ گهريو نه ڏاهو ٿيڻ گهريو هن چاهيو ٿي ته دنيا جي سڀ کان سندر ڇوڪري سان سندس شادي ٿئي سو هن اهو سونو صوف وينس جي حولي ڪيو.
دنيا جي ان وقت سڀ کان حسين ۽ سندر ڇوڪري “ هيلن “ هئي جيڪا اسپارٽا جي بادشاهه مينيليس سان پرڻيل هئي. ان جي باوجود وينس، پيرس کي چيو ته يونان ۾ اسپارٽا وڃي جتي کيس هلين ملندي پوءِ هو هيلن کي پاڻ سان ڀڄائي وڃي. اهڙي طرح پيرس اسپارٽا ويو جتي ( اسپارٽا جي بادشاهه مينيليس کيس بادشاهي مهمان طور رکيو ۽ سندس خدمت ڪئي ايڏين مهربانين جي باوجود هڪ رات پيرس هيلن کي اسپارٽا مان ڀڄائي “ ٽراءِ” کڻي آيو.
بادشاهه مينيليس ۽ يونان جي ماڻهن ۾ ان واقعي تي وڏو تاءُ هو. جنگ جا بگل وڄي ويا، جنگ جون تياريون شروع ٿي ويون جنگي قافلا ٽراءِ روانا ٿي ويا ته جيئن هلين کي واپس ڪجي.
پراڻن زمانن ۾ شهرن ٻاهران ڪوٽ ، قلعا ٺهيل هوندا هئا ( ڪوٽ ڏجي قلعي وانگر) ته جيئن دشمنن ۽ جنگجوئن جي شهر اندر رسائي نه ٿي سگهي. پراڻن زمانن ۾ بم بارود گولا ميزائيل ۽ بندقون به نه هونديون هيون (ٻارهن سؤ سال قبل مسيح) اهڙي طرح يونانين کي شهر فتح ڪرڻ ۽ ان اندر گهڙڻ ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون هيون. ڏهن سالن تائين جنگ جاري رهي ۽ يوناني ٽراءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون پر کين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.
آخر ۾ يونانين هڪ حڪمت عملي جوڙي هڪ اٽڪل ايجاد ڪئي جنهن ذريعي هو ٽراءِ جي شهر ۾ داخل ٿي سگهن. هنن هڪ تمام وڏو ڪاٺ جو گهوڙو ٺاهيو جنهن اندر پنهنجا فوجي ۽ ويڙهاڪ ويهاري ڇڏيا. انهن اهو گهوڙو شهر جي ديوارن سان لڳائي پاڻ اهڙي طرح شهر ڇڏي هليا ويا جنهن مان اهو تاثر ملي ته هو ڄڻ جنگ جي پچر ڇڏي ڀاڙي ٿي ڀڄي ويا. هڪ جاسوس “ ٽروجنس” کي ٻڌايو اهو ڪاٺ جو گهوڙو ديوتائن پاران موڪليل تحفو آهي جنهن کي شهر اندر آندو وڃي.
پر هڪ ٽروجن پادري “ لائڪون” ماڻهن کي چتاءُ ڏنو ته گهوڙي کي شهر ۾ نه آندو وڃي جو ان ۾ ڪا اٽڪل يا چالبازي جو گمان آهي. پر ماڻهو جيڪو ڪرڻ چاهيندا آهن ته اهو ئي ڪندا آهن ۽ ڪنهن سياڻي جي صلاح نه ٻڌندا آهن جڏهن پادري “ لائڪون” اها صلاح ڏئي رهيو هو ته عين ان وقت ڪجهه ازدها نانگ سمنڊ مان نڪري آيا ۽ لائڪون ۽ سندس ٻن پٽن کي ڏنگ هڻي وڪوڙي نپوڙي ماري ڇڏيو.ان واقعي منجهان ٽراءِ وارن سمجهيو ته سمنڊ مان نانگن جو نڪرڻ ۽ انهن جو لائڪون ۽ سندس ٻن پٽن کي ڏنگ هڻي ۽ نپوڙي مارڻ مان اهو شگون ملي ٿو ته ڄڻ ديوتائن جو چوڻ آهي ته لائڪون ڪوڙو آهي ان جي صلاح تي ويساهه نه ڪيو وڃي ۽ ڪاٺ جو اهو گهوڙو ڀل شهر ڏانهن کنيو وڃي اهڙيءَ طرح انهن پڪو پهه ڪيو ان شگون کان پوءِ هاڻي گهوڙي کي شهر کڻائي هلبو، پر گهوڙو ايڏو ته وڏو هو جو دروازي کان ٽپي نه پيو سگهي تنهنڪري ان کان اندر ٽپائڻ لاءِ ديوار ڀڃڻي ٿي پئي، ان ڪري ديوارون ڀڃي گهوڙي کي اندر ٽپايو ويو.
جڏهن رات ٿي ۽ “ هائو مائو” ٽري ته ڪاٺوڙي گهوڙي ۾ لڪل جنگجو ٻاهر نڪري آيا ۽ شهر جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا، ٻاهر لڪل يوناني به اهو تماشو ڏسي کليل دروازن ۽ ڀڳل ديوارن مان اندر ٽپي آيا، اهڙي طرح ڏهن سالن جي جنگ ۾ ناڪامي کان بعد اٽڪل، چالبازي ۽ ڌوڪي سان يونانين ٽراءِ جو شهر فتح ڪيو، فتح ڪرڻ کان پوءِ شهر کي باهه ڏئي زمين بوس ڪيو ويو ۽ هيلن کي واپس يونان پهچايو ويو.
ان ڪري چوڻي مشهور آهي “ ڪڏهن يونانين کان ڪو تحفو قبول نه ڪريو.” يونان جي جڳ مشهور نابينا شاعر “هومر” پنهنجن ٻن طويل نظمن “ايلياد” ۽ “اوڊيسي” ۾ ان جنگ جو ذڪر ڪيو آهي. ايلياڊ ٽراءِ شهر جي پراڻي نالي “ايليم” مان ورتل آهي. “ ايلياد” ۾ سموري “ ٽروجن جنگ” جو قصو بيان ٿيل آهي. جڏهن ته “ اوڊيسي” هڪ عظيم يوناني جنگجو جو قصو بيان ڪيل آهي جيڪو جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ وطن وري رهيو آهي.
ان جنگي هيرو جو نالو “ اوڊيسس “ هو جنهن مان نظم جو نالو “ اوڊيسي” رکيل آهي پر ان جو ٻيو نال “ يوليسيس “ (Ulysses) به هو. يونان جو هي نابين جنگ کان ٻه سؤ سال پوءِ يعني هڪ هزار قبل مسيح جو شاعر هو.
دراصل هومر هڪ “ڀَٽ فقير” هو. جيڪو سيلاني هو ۽ هنڌين ماڳين هلندو ڦرندو هو ۽ ماڻهن کي پنهنجا شعر ڳائي ٻڌائيندو هو جن ۾ يونانين جي ڊگهي جنگ جا قصا هوندا هئا. اهڙي طرح هشام ماڻهن جا گڏ ٿي ويندا هئا، ۽ هن کي فن ۽ ڳائڻ عيوض کيس زيورات ۽ پئسا ڏيندا هئا اهو ئي سندس گذر سفر جو طريقو هو، ايئن سمجهو هو پرائي زمانن جو “ مائيڪل جيڪسن” هو.
هومر پنهنجا شهر لکيا نه هئا ، ڇو ته هو نابين هو پر ماڻهن کي سندس شعر بر زبان ياد هوندا هئا، مائرون پنهنجن ٻارن کي هومر جا بيت ياد ڪرائينديون هيون. هاڻي ڪيترن دوستن کي اها خبر هوندي ته جيڪو شخص هڪ هزار سال قبل مسيح جو شاعر آهي ۽ جنهن جو نالو اڄ به ايڏو روشن آهي سو ايئن “ڀٽ” فقيرن وانگر ڳائي وڄائي در در پني گذر سفر ڪندو هو.
هومر جي مرڻ کان پوءِ نون شهرن جي ماڻهن دعويٰ ڪئي ته هومر “ انهن جي شهرن ۾ ڄائو هو انگريزي ۾ ڪنهن جو چيل هي سٽون ٻڌو؛
Nine cities claimed HOMER dead through which alive, he had begged his bread.
ڪجهه ماڻهن جا اهي به انديشا آهن ته “هومر” ڪنهن هڪ شخص جو نالو نه هو بلڪ نون ماڻهن جو هڪ گروهه هو جن گڏجي شاعري ڪئي پر نالو هومر جو مشهور ٿيو.
( گهڻ رخو اين.ايف.سي ايوارڊ، اهو ڪاٺ وارو گهوڙو ته ناهي ؟!)
عوامي آواز ڪراچي -13 ڊسمبر 2002