ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5851
  • 731
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• شمشير ڪٿي آهي؟

مان ۽ منهنجي گهر واري 16 جون 2012 تي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ۾ پهتاسون، جتي منهنجي وڏي پٽ ممتاز کي اسان جي اچڻ کان هڪ هفتو پوءِ پهرين اولاد پُٽ پيدا ٿيو. اهو ئي سبب هو اسان جي هتي اچڻ جو.
مان اڃان به هتي آهيان، شمشير شمشان پهچي ويو. رمضان جي مهيني جي ايڪيهين تاريخ، حضرت علي جي شهادت واري ڏينهن، اهلتشيعت سان تعلق رکندڙ هڪ شاعر ليکڪ، نقاد، ڊرامه نويس ۽ هڪ عظيم، اتم انسان جي مرتئي جو ڏينهن ان کان افضل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.
مان هدايت بلوچ، زندگي ۾ خوشنصيب به ڏاڍو رهيو آهيان ۽ بدنصيب به، خوش نصيب ان ڪري ته مون کي ننڍي عمر ۾ ئي ٻه دوست مليا اهڙا دوست جو اسان ٽنهي جون زندگيون هڪ ٻئي سان سلهاڙجي ويون. علمي ادبي لڏي ۾ اسان جو ٽياڪڙ مشهور ٿي ويو. شمشير الحيدري، تاجل بيوس ۽ مان، مان جيڪو نه وڏو شاعر آهيان نه ئي وڏو اديب سو انهن ٻن مهان شاعرن ۽ اديبن جي سنگت ۾ “تون پارس، آئون لوهه- جي سڃئين ته سون ٿيان” مصداق سون ٿي ويس، منهجيون ادبي ڪچايون انهن جي صحبت ۾ ڍڪجي ويون ۽ مان به سوٽي مان سيد ٿي ويس.
پوءِ ڪجهه سال اڳ تاجل چوڪنڊي جي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويو. تاجل جي جدائي سنڌ جي ادبي لڏي کي ڏکائي ته ڇڏيو ئي هو پر مان ته ڄڻ اڌ يتيم ٿي چڪو هوس. پر شمشير جهڙي مهان ماڻهو جي ساٿ مونکي حوصلو ڏنو ۽ مان تاجل جي جدائي جو ڌڪ جهلي ويس.
شمشير جون شامون مون سان منهنجي گهر ۾ ئي گذرنديون هيون. يعني پٺين تقريبن چاليهن سالن کان اهو دستور قائم رهيو. وري جي ڪنهن ادبي ڪوٺ تي وڃبو هو ته ٻئي گڏ هوندا هئاسين پاڙيسري جو هو، مون وٽ ڪار آهي، هو هر هنڌ مون سان منهنجي ڪار ۾ هوندو هو. ريڊيو تي ۽ ٽي وي تي يا ڪنهن ٻئي هنڌ، سندس آخري مشاعرو شايد اسان جي پياري دوست اسحاق انصاري جي گهر تي ٿيو، جتي ڪافي ناميارا شاعر ۽ ڪجهه ٻيا دوست موجود هئا. اسحاق انصاري سندس قابل ۽ اديب والد (مرحوم) انيس انصاري جي نالي تي جڙيل انيس انصاري اڪيڊمي جو چيئرمين آهي ۽ هر سال والد صاحب جي ورسي جي موقعي تي ادبي گڏجاڻي ڪندو آهي.
آخري ڏينهن ۾ شمشير پنهنجي اکين جو نور نچوئي چڪو هو. صفا نابين ڪونه ٿيو هو پر چوندو هو ته مون کي دُڦ نظر ايندو آهي. ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاڻي نه ٿو سگهان. تڏهن به سندس منهنجي گهر اچڻ جو سلسلو جاري رهيو. هاڻي هو پاڻ سان هڪ ڇوڪرو ساڻ وٺي ايندو هو ۽ ساڳيو ئي ڇوڪرو ٻن ڪلاڪن کانپوءِ کيس واپس وٺي ويندو هو. پر آخري چند مهينن ۾ اچڻ وڃڻ جو اهو سلسلو به بند ٿي ويو، کيس بخار اچڻ لڳا، ۽ هو ڪمزور ٿي چڪو هو، هلي نه ٿي سگهيو، پر منهنجي آمريڪا وڃڻ تائين سندس ايترو جلد وڇڙي وڃڻ جا ڪي به اثار نه هُئا. مان کانئس موڪلائي ويو هوس پر افسوس جو سندس وڇوڙي وقت کانئس موڪلائي نه سگهيس. تاجل به ويو، شمشير به ويو، دوست احباب گهڻا آهن، پر اسان جو ٽياڪڙ ٽٽي چُڪو آهي. شمشير به چوڪنڊي ۾ وڃي تاجل سان مليو آهي ٻئي منهنجي انتظار ۾ آهن. راند ۾ رس ناهي، چاهه ۾ چس ناهي، بس ئي بس آهي. هاڻي هدايت تون به هل ته چوڪنڊي ۾ وري ٽياڪڙ مڪمل ٿي سگهي