• دهلي ناهي دور
جڏهن کان مون هندستان جي برک صحافي، ليکڪ ۽ دانشور خشونت سنگهه جو انگريزيءَ ۾ لکيل ناول “ دهلي” پڙهيو هو، تڏهن کان دل پئي سٽون ڏيندي هئي ته اهو شهر ضرور ڏسجي، جنهن لاءِ خشونت سنگهه جهڙي اهم شخصيت ڏهه سال لڳائي اهو ڪتاب لکيو هو. ائين ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ هوس ته ڪو اهڙو وجهه ملي ته دهليءَ مان گهُت هڻي اچان.
دهلي يا هندستان گهمڻ جي ڳالهه ئي ٻي آهي، نه ته دنيا جو ڪهڙو ملڪ هوندو جيڪو مون گهمي نه ڏٺو آهي. آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، سئٽزرلينڊ، سريلنڪا، مالديپ، دبئي، سنگاپور، آسٽريليا، ملائشيا، انڊونيشيا، ترڪي، آذربائيجان گهمي چڪو آهيان پر بقول هڪ اردو شاعر جي ته؛
هم جس پر مر رهي هين وه هي بات هي ڪچهه اور
عالم مين تجهه سي لاڪهه سهي، تو مگر ڪهان.
سو سائين هندستان ۾ پنهنجي سنڌي ڀائرن سان ملڻ ۽ خوش ٿي کلڻ، هڪ ٻيو جهان آهي پر ائين پئي لڳو ته “ هنوز دلي دوراست”. اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ ڀٽ ڌڻي سُر سارنگ ۾ هڪ موج ۽ مستي ڀري بيت ۾ جيڪو شايد رسالي جو سڀ کان ڊگهو بيت آهي تنهن ۾ هندستان، افغانستان ۽ ترڪي جي ڪجهه شهرن سان گڏ سنڌ کي دُعا ڪئي آهي. ڀٽائي جن شهرن جا نالا کنيا آهن انهن ۾ دهلي جو نالو پڻ شامل آهي.
سنڌ منهنجي مٺڙي ماتر ڀومي جتان اسان جا ڪجهه ڀائر لڏي هندستان هليا ويا، سوچيان ٿو، منهنجا ته پوءِ به پير پنهنجي ڌرتي تي کُتل آهن پر منهنجا اهي ڀائر جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هتان روئي موڪلائي ويا هئا. سي اڄ به پنهنجي جنم ڀومي لاءِ تڙپي رهيا آهن، روئي رهيا آهن. ڀٽائي جو هي بيت سندن ڪيفيت جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو .
ڌاريائين ڌار، جي وڍي وڻ جُدا ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير ۾ ؟
جڙيا آهن، سُکيا آهن، واپاري، ڪاروباري ۽ پئسي وارا آهن، پر پئسو مال خريد ڪري سگهي ٿو، خوشيءَ ۽ کِل، مٽيءَ جي کٿوري ۽ خوشبو ۽ سنڌ جي چونڪن ۽ چونرن يا ڦليلي جي ڪپ تي گهاريل ننڍپڻ جا ڏينهڙا ته نه ٿو موٽائي سگهي، منهنجو قلم ڪجهه ڏُکارو ٿي رهيو آهي سو گهڙي پل لاءِ خيال مَٽ خاطر ڀِٽائيءَ جو اهو بيت ورجائجي، جنهن ۾ دهلي جو نالو آيل آهي.
موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مُڻيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندن سار،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
ڪي”دلي” ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهن جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهن ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿانهين ڌار،
ڪنهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائنم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
دهلي، مغل شهنشاهه شاهجهان جو اڏيل شهر چئجي ته غلط نه ٿيندو. اڄ به لعل قلعي، بادشاهي مسجد، قطب مينار ۽ ڪيترين ئي اوائلي عمارتن کي ڏسي عجب ۽ اچرج وڪوڙيو وڃي ته ان وقت فن تعمير ڪيڏي عروج تي هو. سنگِ مرمر ۽ قيمتي پٿرن سان اڏيل اهي عمارتون اڄ به مغل شهنشاهن جي جاهه و جلال ۽ سندن ذهني آسودگي جو ثبوت بڻيل آهن پر جتي شاهي طمطراق جا نشان موجود آهن، اتي غربت ۽ افلاس به ڪر کنيو بيٺي آهي. دهلي ۾ اڄ به عمر رسيده ۽ ڪمزور انسان ٻن ڦيٿن وارو سائيڪل رڪشه هلائي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرين ٿا. انهن جي پويان ٽي ٽي سواريون ويٺيون آهن. اهو نظارو ئي انسان ذات جي تذليل آهي. شايد ان لاءِ ساحر لڌيانوي تاج محل وارو نظم لکيو هو، جنهن جون آخري سٽون هن ريت آهن.
بي منقش در و ديوار يي محراب يي تاڪ،
اڪ شهنشاهه نين، دولت ڪا سهارا ليڪر،
هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق،
ميري محبوب ڪهين اور ملاڪر مجهه سي.
سو بهرحال ان رنگارنگ ۽ امير غريب دهلي کي ڏسڻ ۽ پسڻ جو شوق سدائين پيو رهندو هو.
هونئن ته هندستان کان ڪجهه اديب دوست ايندا ويندا رهن ٿا جن ۾ هري موٽواڻي ( ڪونج وارو) لڇمڻ ڪومل، هيرو ٺڪر ايندا ويندا رهن ٿا. پوئين ڀيري انهن ۾ نند جويري به شامل هو هري موٽواڻي ۽ ريٽا شهاڻي کي اڳ به سنڌي ادبي سنگت ڪراچي آجياڻا ڏئي چڪي آهي پر چند مهينا اڳ جڏهن هڪ وڏي وفد سان گڏ هندستان مان پيارا ۽ پنهنجا اديب آيا هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي، هندو جيم خاني ۾ انهن جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو هو ۽ هڪ عاليشان مشاعرو پڻ ڪرايو هيو، جنهن ۾ هندستان کان آيل اديبن کي گلن جون ورکائون ۽ اجرڪ جون سوکڙيون ڏنيون ويون هيون. ان مشاعري جي ڪمپئرنگ به مون ڪئي.
سو جئين جئين هندستاني اديبن سان واقفيت وڌندي پئي وئي، تئين اها اڻ تڻ به وڌندي رهي ته شال اهڙو ڏينهن اچي جو دهلي جو درشن ٿئي. حقيقت اها آهي ته اڳ هندستان وڃڻ جا موقعا ملي چڪا آهن ۽ سنڌي سميلن جو دعوتون ملنديون پئي رهيون آهن، جنهن ۾ منهنجا ٻه جگري يار، شمشير حيدري ۽ تاجل بيوس، هندستان ياترا ڪري آيا آهن پر دراصل منهنجو ڪيس ڪجهه مختلف ۽ ڏکيو آهي. اهو هئين جو مان پي آءِ اي ۾ ڪم ڪريان ٿو جيا وري وزارت دفاع جي ماتحت آهي. يعني مونکي هندستان وڃڻ لاءِ اين او سي جي ضرورت پوندي. جنهن لاءِ مان لکان پي آءِ اي کي، پي آءِ اي لکي منسٽري آف ڊفينس کي، منسٽري آف ڊفينس لکي منسٽري آف انٽيريئر کي، وري جانچون ٿين، تفتيشون ٿين، تنهن کا پوءِ به اين او سي ملڻ يا نصيب....!
سو ماضي ۾ ان عذاب کان بچڻ لاءِ مون هندستان وڃڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو هو، پر هينئر جيئن ته مشرف واجپائي جي حڪومتن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ناتن ۾ ڪافي گرم جوشي ۽ ويجهڙائي اچي چڪي آهي ۽ اديبن ۽ فنڪارن جي وفدن جي اچ وڃ عام ٿي پئي آهي ان ڪري مون به سوچيو ته هي صحيح موقعو آهي هندستان ياترا جو.
تازو لاهور ۾ پنجابي زبان بابت وڏي پئماني تي ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ هندستاني پنجاب جو وڏو وزير پنهنجن ٻن وزيرن سميت لاهور پهتو هو. جتي وڏا اهتمام ٿيا هئا. هندستاني پنجاب واري “مکيو منتري” کي قيمتي گهوڙن جا تحفا ڏنا ويا ۽ وڏا مان ماڻيائون. توڙي جو پنجابي ڪانفرنس ۾ ٻولي ۽ ادب سان گڏ ڪجهه سياسي پڙاڏو شامل ٿي ويو هو پر تاڙين جي ڦهڪن ۽ ڀنگڙن جي ناچ ۾ سياسي ڳالهيون رفع دفع ٿي ويون. وري جو مٿان آئي ڪرڪيٽ تنهن ته دلين تان دونهان ئي ڌوئي ڇڏيا. هندستاني هزارن جي تعداد ۾ سرحد اورانگهي جڏهن لاهور پهتا ته “لاهور نئين ويکيا تي جميا ئي نئين” وارن لاهورين پنهنجي قربن سان هندستانين جون دليون موهي وڌيون. اڳئين دور ۾ جيڪڏهن هندستان جي ٽيم پاڪستان جي ڌرتيءَ تي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز کٽي اچي ها ته اسٽيڊيم کي باهيون لڳي وڃن ها. ڪارن جا شيشا ڀڳا وڃن ها ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا گند ٿين ها. اهڙوئي سلوڪ هندستان ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان پڻ ٿي چڪو آهي. پر هن ڀيري پيار جا پيچ اهڙا ته پختا ٿي چڪا هئا جو اسٽيڊيم ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي هٿن ۾ ٻنهي ملڪن جا جهنڊا هُئا. جيڪڏهن ڪنهن هندستاني ڪرڪيٽر چونڪو يا ڇڪو ٿي هنيو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن گڏجي تاڙيون وڄائي داد ٿي ڏنو ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستانيءَ چونڪو يا ڇڪو ٿي هنيو ته به ساڳي ڪار هئي.
هن ڀيري ڪنهن به شخص ڪو گٿو لفظ نه ڪنهن رانديگر جي راند تي ڳالهايو نه ڪنهن ملڪ جي شان ۾. اها هڪ نئين ۽ سٺي ريت هاڻي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ۾ وڌي ۽ ويجهي رهي آهي. جنهن لاءِ مان وري به مشرف ۽ واجپائي کي جس ڏيندس ته هينئر پراڻيون دشمنيون دوستي ۾ بدلجي رهيو آهن.
سو ان بدلجندڙ موسم جي بهارن جي نون گونچن ۾ مان هندستان گهمڻ ٿي چاهيو ۽ پوءِ آخر اهو موقو به اچي نڪتو. سنڌي اڪيڊمي دهلي جيڪو دهلي سرڪار سان لاڳاپيل علمي ادبي ادارو آهي، تنهن جي وائيس چئيرمين سُريش ڪيسواڻي پاران منهنجي پياري دوست ۽ سوجهري واري تاج بلوچ معرفت اهو دعوت نامو وصول ٿيو. دهلي ۾ ٽن ڏينهن وارو هڪ ڪنوينشن رٿيو ويو هو جنهن جو عنوان هو:
Beyond Borders Trends in Sindhi Literature and Language
(سرحد پار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جون نيون ڌارائون)
اهو ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن پهريائين ارڙهين جنوريءَ کان ويهين جنوريءَ 2004 ع تي ٿيڻو هو جيڪو بعد ۾ اڻ ٽرسببن ڪري مٽائي 15 مارچ کان 17 مارچ 2004 ع تي رکيو ويو، جيڪو ٻيهر اڃان به اڻٽر سببن ڪري 28 مارچ 2004 ع تي وڃي منعقد ٿيو.
(2)
هندستان مان لڇمڻ ڪومل ڏاڍو بيتاب هو. شروع ۾ تاج بلوچ ئي سنڌ ۾ مکيه عيوضي هو، جنهن تي لڇمڻ اهو ڪم سونپيو هو ته سنڌ مان ويهن اديبن جي چونڊ ڪري کين هن ڪنوينشن ۾ موڪليو وڃي. مونکي لڇمڻ ٻڌايو ته ستاويهن اديبن جي لسٽ تاج کي ڏني وئي هئي، تاج کي اهو به اختيار هو ته جيڪڏهن انهي لسٽ مان ڪي اديب ڪن مجبورين سبب نٿا اچي سگهن ته پوءِ هو پنهنجو اختيار هلائي ٻين مناسب اديبن جي چونڊ ڪري. تاج شروع ۾ گرما گرمي ۾ پئي ڪم ڪيا، فارم پئي ڀريائين، اديبن سان فون تي به پئي ڳالهايائين نياپا ڪيائين، سندس چوڻ مطابق ته اديب سُٺي ۽ تڪڙي موٽ نه پيا ڏين، جنهن سبب ويزا فارم ڀري اسلام آباد ۾ انڊين هاءِ ڪميشن کي موڪلڻ ۾ دير پئي ٿئي. تاج مونکي اهو ٻڌايو ته يار ويهه اديب پورا نٿا ٿين. لڇمڻ کي تاج جيڪا نالن جي لسٽ موڪلي هئي لڳو پئي ته لڇمڻ ان مان خوش نه هو ۽ ڪجهه نون نالن تي کيس ڏُپ ڏُپ پئي ٿيو. پوءِ شايد لڇمڻ قمر شهباز سان لکپڙهه شروع ڪري ڏني جنهن جي ڪاپي تاج بلوچ کي ۽ مون کي موڪلي ويندي هئي. بهرحال اهو سمجهڻ کپي ته جيڪي اديبائون/ اديب يا انهن جي ڪُٽنب جا ڀاتي هندستان ويا، اها سڀ جي سڀ تاج بلوچ جي چونڊ هئي. ان ۾ قمر شهباز جو ڪو به هٿ نه هو. جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته خواتين منجهان ڪي به وڏي نالي واري اديبا شامل نه هئي ته تاج بلوچ جو چوڻ آهي ته هن ڊاڪٽر فهميده حسين، تنوير جوڻيجو ۽ ڪافي ٻين نالي وارن اديبائن کي عرض ڪيو هو پر انهن ڪا نه ڪا مجبوري ڏيکاري هلڻ کان انڪار ڪيو هو. اهو اعتراض اجايو آهي ته اديبن سان گڏ انهن جون گهر واريون يا ٻيا ڀاتي ڇو ويا. مان وضاحت ڪندو هلان ته اديب جي حيثيت ۾ ڪو نه ويا هئا۽ حئي پليجي نور دين سرڪي توڙي بشير مورياڻي صاحب جن واضع لکي ڏنو هو ۽ جيڪو لڇمڻ کي پڻ ٻڌايو ويو هو ته جيڪي اديب پاڻ سان ڪٽنب جا ڀاتي وٺي اچن ٿا، انهن جا ڀاڙا خرچ يا هوٽلن جي رهائش وغيره اهي اديب پاڻ برداشت ڪندا. بهر حال پرويز جبين مورياڻي سينيئر ليکڪا آهي، ڇپجندي رهي آهي. اها بهرحال هندستاني اديبن جي ڀلائي آهي جو انهن پوءِ ڪٽنب وارن سان به اديبن جهڙو برتاءُ ڪيو ۽ انهن سان به اديبن واري ڏيتي ليتي ڪئي وئي جنهن جي گُهر نه ڪئي وئي هئي.
سو موٽي ٿا اچون اصل عنوان طرف، تاج بلوچ اڻويهه اديبن جا پاسپورٽ ۽ ويزا فارم ڀري منهنجي ڀاءُ فيض محمد کوسي کي، جيڪو پرڏيهي وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل آهي، موڪلي ڏنا، ڇو ته فيض سان مان ڳالهه ڪري به چڪو هوس ۽ کيس چيو هئم ته تاج بلوچ ۽ قمر شهباز توهان سان ان سلسلي ۾ لهه وچڙ ۾ رهندا. بهر حال پاسپورٽ دير سان پهتا جيڪي منهنجي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ پهچڻ گهرجن ها. ان ۾ تاج بلوچ جو به گهڻو ڏوهه ناهي، جو سنڌي اديبن جي عدم دلچسپي ۽ وقت سر موٽ نه ڏيڻ به ان ۾ دير جو خاص سبب ٿي سگهي ٿي.
جن اديبن جا پاسپورٽ ڀري موڪليا ويا هئا، انهن ۾ قمر شهباز، بشير مورياڻي، پرويز جبين مورياڻي، شمشيرالحيدري ، تاج بلوچ، حميد ڀٽو، حميد سنڌي، سليم احمد، هدايت بلوچ، شوڪت شورو، نصير مرزا، نورالدين سرڪي، مسز شمس سرڪي، قرات العين سرڪي، عبدالحئي پليجو، مومل پليجو، پارس پليجو ۽ شمع خيبر شامل هئا.احمد سولنگي بابت تاج ٻڌايو ته بار بار نياپن موڪلڻ جي باوجود هن رابطو نه ڪيو آهي. اهڙي طرح احمد سولنگي بعد ۾ پنهنجي طور تي ويزا وٺڻ جون ڪوششون ڪيون پر بد قسمتي سان کيس ويزا تڏهن مليو جڏهن ڪنوينشن ختم ٿي چڪو هو. انهي وچ ۾ اسلام آباد مان احمد سولنگي مون کي فون ڪيو ته فيض کي پارت ڪيان، جيڪا ڪئي وئي پر تنهن هوندي به کيس وقت سر ويزا نه ملي سگهيو.
بهرحال لڇمڻ ڪومل جا لڳاتار اي _ ميل ذريعي قمر شهباز کي نياپا ايندا رهيا ۽ انهن جون ڪاپيون تاج بلوچ کي ۽ مون کي به موڪليون پئي ويون. مان اچانڪ ان ڪري اهم ٿي ويو هوس جو مان ڪو وڏو اديب نه آهيان، پر مان ان ڪري اهم ٿي ويو هوس جو منهنجو ڀاءُ پرڏيهي وزارت ۾ وڏو آفيسر هو، جيڪا خبر هندستان وارن کي به پئجي وئي هئي. فيض سمورا پاسپورٽ پرڏيهي وزارت جي سفارش واري خط سميت سرڪاري طور تي انڊين هاءِ ڪميشن ۾ جمع ڪرايا. هتان قمر شهباز ۽ تاج بلوچ جا فيض کي فونن تي ڪڙڪا لڳا پيا هئا، انهن ۾ مان به شامل هوس. اسان ويچاري فيض جي سرڪاري پوزيشن کي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو هو. هندستان جي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر ڪيل ماڻهو کان سواءِ نه ڪو وڃي سگهندو آهي ۽ نه ڪو فون ڪري سگهندو آهي ۽ نه وري ڪو کين چئي سگهي ٿو ته ويزا تڪڙا اِشو ڪريو، بهرحال ويزا جي سلسلي ۾ هندستاني اختيارين به ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ دير ڪئي. 15 مارچ 2004ع تي ڪنوينشن شروع ٿيڻو هو، بدقسمتي سان وچ ۾ هولي جي موڪل به اچي وئي. ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن به اچي ويا، آخرڪار هندستان وارن کي جڏهن خبر پئي ته 14 مارچ تائين ويزا جاري نه ٿي سگهيا آهن ته هنن ڪنوينشن ملتوي ڪري ڇڏيو. لڇمڻ ڪومل ۽ پروگرام جي ٻين انتظام ڪندڙن هنڌ سنڌ جي مڙني اديبن لاءِ ڪنوينشن واري هنڌ هاسٽل ۾ رهائش لاءِ ڪمرا بُڪ ڪرائي ڇڏيا هئا. جيڪي بعد ۾ کين ڪينسل ڪرائڻا پيا ۽ لڇمڻ ٻڌايو ته تمام گهڻا پئسا انهن ڪينسيليشن چارج به ڀري ڏنا.
آخر خدا خدا ڪري 15 مارچ تي سڀ جا سڀ ويزا لڳي مليا. جيڪي پوءِ فيض مون کي ڪوريئر ذريعي موڪلي ڏنا. مان، قمر شهباز، تاج بلوچ ۽ حميد ڀٽو آرٽس ڪائونسل ۾ ملياسين ۽ پاسپورٽ تاج بلوچ کنيا ۽ اهي بنا دير هن پهچائي ڇڏيا. پر اتي اسان کي اها کڙڪ پئجي وئي ته تاج ڪنهن ڳالهه تي ڪجهه ڏمريل آهي ۽ شايد هو هندستان نه هلي. بهرحال اسان جي ڪجهه گهڻ گهرن هڪ اخبار ۾ اها خبر به هلائي ڇڏي هئي ته سنڌي اديبن کي ويزا جاري ٿيڻ کان پوءِ به نه مليا. اها خبر هندستان وارن کي اي – ميل ڪئي وئي. جنهن تي لڇمڻ بيحد پريشان ٿيو، پر پوءِ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ويزا لڳي مليا آهن ته ٻيهر سرهو ٿيو ۽ ڪنوينشن جي نئين تاريخ 28 مارچ کان 30 مارچ 2004ع مقرر ڪئي وئي. ويزن لڳڻ ۾ ڪجهه غلطيون به ٿيون، مثال مان جيڪو پاڻ پي آءِ اي ۾ ڪم ڪندو آهيان، منهنجو ويزو ريل رستي وڃڻ جو لڳي ويو. نور الدين سرڪي جي چئن همسفرن مان ٽن جو ويزو جهاز ذريعي لڳي آيو ۽ مسز شمس سرڪي جو ويزو ريل رستي سفر جو لڳي آيو. ان غصي ۾ سرڪي صاحب هندستان وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. مان جڏهن پنهنجو ويزو ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هوس، مون سوچيو مسز سرڪي جو ويزو به ٺيڪ ڪرايون اچان، مون سرڪي صاحب جن کي فون ڪيو پر پاڻ مٺي (ٿر) ويل هئا. تنهنڪري اها ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. ڪاش سرڪي صاحب، جيڪو دليلن جي دنيا جو ماڻهو آهي، ڪجهه غصو گهٽ ڪري پاڻ ئي کڻي هندستان هلي ها ته کين به ڏاڍو مزو اچي ها. اسان کي به ڏاڍو مزو اچي ها. ياد رهي ته هندستان ۾ نور الدين سرڪي جو وڏو نالو ۽ وڏو مقام آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته سرڪي صاحب مون تي ڪجهه ڏمريل آهي. مان سرڪي صاحب جو بيحد ۽ بي انتها احترام ڪندو آهيان. خدا ڪري ائين نه هجي پر جي ائين هوندو ته به پيرين پئي بخشرائي وڃبو. هو فقط دليلن جي دنيا جو ناهي پر هو نرمل ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي دنيا جو ماڻهو به آهي. نصير مرزا کي اين او سي نه ملي سگهيو، ان ڪري هو نه هلي سگهيو. نصير مرزا به هندستان ۾ مقبول شخصيت آهي. احمد سولنگي به نه هلي سگهيو جو ان کي ويزا دير سان مليو.
باقي ريل رستي وڃڻ واري سنگت ۾ پليجو صاحب ۽ سندس گهرڀاتي، شمشير الحيدري ۽ حميد ڀٽو 25 مارچ تي لاهور کان روانا ٿيا ۽ 26 مارچ تي وڃي دهلي پهتا، جتي هارن ۽ گلدستن سان سندن آجيان ڪئي وئي ۽ کين هوٽل ۾ ترسايو ويو هو. ريل تي وڃڻ وارن کي اضافي فائدو اهو مليو جو هنن ڪنوينشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دهلي ۽ ان جو بازارون ۽ درگاهون گهمي ڦري ڇڏيون هيون. باقي مان، قمر، بشير مورياڻي صاحب ۽ پرويز جبين مورياڻي، حميد سنڌي، شوڪت شورو ۽ شمع خيبر 27 مارچ تي قمر شهباز جي اڳواڻي ۾ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي – 272 تي صبح جو ستين وڳي روانا ٿياسون ۽ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر طئي ڪري وڃي دهلي ايئرپورٽ تي لٿاسين. ايئرپورٽ تي ڪاغذي ڪاروائي حد کان وڌيڪ هئي پر شڪر آهي جو دهلي ۾ پي آءِ اي جو مئنيجر خالد علوي پنهنجي عملي سميت بيٺو هو ۽ ان اسان کان ڪسٽم جون سموريون ڪاروايون پوريون ڪرائي اسان کي ٻاهر ڪڍي آيو ۽ اسان کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿي، نه ڪي اميگريشن توڙي ڪسٽم وارن سان ڪا ٻڙڪ ٻولڻي پئي. منهنجا همسفر دوست به ان ڳالهه کان خوش ٿيندي نظر آيا ۽ انهن کي اميگريشن توڙي ڪسٽم ۾ ڪا به تڪليف نه ڪرڻي پئي. پوءِ آيو وارو سامان کڻڻ جو، سڀني جو سامان پهتو پر حميد سنڌي جي بيگ ٺهي نه جڙي. بيهي بيهي بور ٿياسين، پوءِ مسز پرويز جبين مورياڻي چيو ته هي هڪ لاوارث بيگ پري رکي آهي، اها ڏسو! خبر پئي ته اها ئي بيگ هئي حميد سنڌيءَ جي، جيڪا ڪنهن ڀل ۾ کنئي هوندي ۽ بعد ۾ پڇتايو هوندائين ۽ ڇڏي هليو ويو. ٻاهر نڪري آياسين ته لڇمڻ ڪومل، اُما ليلا ۽ رينو ادناڻي گلدستا جهليو بيٺا هئا. ملياسين، کلياسين، خوش ٿياسين ۽ اسان کي اچي ڀارت پيلس هوٽل ۾ ترسايو. اسان کي ٻڌايو ويو ته ريل تي آيل اديب تمام پري هڪ هوٽل ايئرلائنز ۾ رهيل آهن. بهرحال لڇمڻ اهو چئي ويو ته شام اچبو ۽ ڪچهري ڪبي. تيستائين توهان آرامي ٿيو. آرامي ٿياسون، ڪچهريون ڪيونسين، تان جو شام ٿي وئي ۽ لڇمڻ موٽي آيو ته شام جو ان ٿي وئي ۽ ٿڪ لهي ويا.
(3)
اڄ 28 مارچ هند - سنڌ سميلن جو پهريون ڏينهن آهي. ڪالهه لڇمڻ رات واري ڪچهري جي پڄاڻي تي ويندي ويندي چئي ويو هو ته سُڀاڻي صبح جو نائين وڳي گاڏي توهان کي کڻڻ ايندي اها گاڏي ٻي هوٽل تان ٻين اديبن کي کڻي ايندي، ان ڪري توهان نائين وڳي تياري جي حالت ۾ رسيپشن تي حاضر رهندا ته جئين دير نه ٿئي. مان شايد اهو به ٻُڌائي چڪو آهيان ۽ ٻيهر ٿو ٻُڌايان ته ڀارت پيلس هوٽل ۾ اهي ئي رهيل هئا سين جيڪي جهاز رستي پهتا هئا سين، جن ۾ مان، قمر شهباز، شوڪت شورو، حميد سنڌي، شمع خيبر، بشير مورياڻي، ۽ پرويز جبين مورياڻي شامل هئا سين. باقي سمورا سنڌي توڙي هند کان آيل اديب ايئر لائن هوٽل ۾ رهيل هئا. اسان تيار ٿي رسيپشن تي اچي ويٺا سين ته گاڏي آئي، جنهن ۾ ايئر لائن ۾ ترسيل اديب اڳ ئي موجود هئا. ان ۾ عطيه دائود پڻ موجود هئي. شمشير الحيدري ۽ حميد ڀٽو پڻ ويٺا هئا. باقي هندستان کان آيل اديبن سان گاڏي ڀريل هئي. جن ۾ لعل پشپ ۽ ٻيا گهڻائي هندستاني اديب موجود هئا. جتي ڪنوينشن جو اهتمام ٿيل هو، اها بلڊنگ نهايت شاندار هئي، جتي گُل ٻُوٽا ۽ ساوڪ هئي. ڪنوينشن هال ۾ هر هڪ ٽيبل تي مائڪرو فون لڳل هو، جيئن هتي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندو آهي.
اهو ڪنوينشن، بند هال ۾ ڪرايو ويو هو. جنهن ۾ اديبن يا مبصرن کان سواءِ ڪو به ٽيون ماڻهو نظر نه آيو. اتان جي سنڌي پريس کي به ويجهو اچڻ نه ڏنو ويو( چڱو ٿيو). سڀني اديبن کي شناختي بيج هنيا ويا. هر هڪ ٽيبل تي هڪ فولڊر رکيل هو، جنهن ۾ ڪنوينشن جو سمورو پروگرام لکيل هو. ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر جي الانا ۽ عطيه دائود کي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اتفاق سان ڊاڪٽر الانا بمبئي ۾ ڪنهن ٻئي پروگرام لاءِ آيل هو ۽ عطيه دائود به اڳ ۾ ئي موجود هئي. ڊاڪٽر الانا جو اهڙي ڪانفرنس ۾ موجود هئڻ ئي ان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. عطيه دائود کي ڏسي ان ڪري خوشي ٿي ته اسان جي وفد ۾ ڪا به قابلِ ذڪر اديبا ڪانه هئي. شمع خيب جو تعلق صحافت سان آهي ۽ پرويز جبين مورياڻي گهڻي وقت کان ڪانه ڇپي آهي. عطيه دائود بهرحال هن وقت سنڌ جي نه فقط مهان ليکڪا آهي پر هندستان ۾ پڻ گهڻو مقبول آهي. هوءَ هيومن رائيٽس ۽ عورتن جي حقوق ۽ ٻين گهڻين تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. هوءَ دهلي ۾ سائوٿ ايشين وومين رائيٽرس ڪانفرنس جي دعوت تي آيل هئي. سندس موجودگي ۾ عورت اديبائن جي ڪمي ڪجهه قدر پوري ٿي. نومبر 2002 ع ۾ عطيه دائود جي شاعري جو هڪ ڪتاب “اڻ پوري چادر” جي نالي سان هري موٽواڻي سنڌي جي اداري “ڪونج” پاران ڇپجي چڪو آهي. جنهن سبب به عطيه دائود هاڻي هندستان ۾ ڪافي مشهوري ماڻي چڪي آهي. ان ڪتاب جو مُهاڳ شيخ اياز جو لکيل آهي، جيڪو سورنهن صفحن تي مشتمل آهي، ۽ جنهن ۾ ڪا تاريخ لکيل نه آهي. عطيه دائود هن وقت عورتن جي پبليڪيشن “عورت زاد” جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي.
ڪنوينشن جي شروعات سُريش ڪيسواڻي ڪئي، جنهن جي نالي سان دعوت ناما جاري ڪيا ويا هئا. سريش ڪيسواڻي هڪ حسين، خوبصورت ۽ سُهڻي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس آواز ۾ به ميٺاڄ ۽ جادو آهي. هن چيو ته اسان پنج هزار سالن کان سنڌي آهيون، ملڪن ۽ مذهبن جا ورهاڱا سنڌين جي وجود کي ڀور ڀور ڪري نٿا سگهن ۽ هاڻي جيڪڏهن اسان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو وڃي ته اسان جو خون هڪ هوندو، ان ۾ ٻيائي جا جزا نه ملندا. هن ٻڌايو ته سنڌين سدائين پاڻ کي ٻيهر جنم پئي ڏنو آهي، ٻيهر تلاش پئي ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجي شناخت ڪڏهن به وڃائي نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن تواريخ ۾ پٺتي وڃبو ته توهان کي خبر پوندي ته سنڌين سنڌ ۾ ڪو _ ايجوڪيشن جو پهريون ڪاليج کوليو هو. جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل پڙهائي ٿيندي هئي. هن چيو ته سنڌي ڀلي سُڃو هجي يا ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي، پر طبيعت جو صوفي مزاج هوندو آهي. اسان صوفي سنتن جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن ڪو ٿيڙ يا ٿاٻو ايندو ته “ الاڙي الا” جا لفظ واتان نڪرندا. سُريش ڪيسواڻي چيو ته 55 سالن کان پوءِ هن نوعيت جو سنڌي ڪنوينشن وڏي ڪاميابي آهي. هن گرمائيندڙ تقرير کان پوءِ سنڌيت جو هڪ ديپ جلايو ويو، پوءِ گلدستن جي ڏي وٺ ٿي. اسان جي وفد جي ليڊر قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر الانا کي گلدسته پيش ڪيا ويا. انهي سموري ڪاروائي ۾ ڀارت جي آرٽ ۽ ڪلچر جي سيڪريٽري نيتا بالي به موجود هئي. جنهن پڻ بعد ۾ انگريزي ۾ مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪنوينشن جي ڪاميابي بابت آشيرواد ڏنو.
ڀارت جي اديبن طرفان مکيه تقرير ( Key Note Address ) اسان جي پياري دوست لڇمڻ ڪومل ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان جو ننڍو نسل ادب ۽ ٻولي کان هٽندو پيو وڃي. تنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن جي ان ڪري به وڌيڪ ضرورت آهي، ته جئين اسان سنڌيت جو گڏيل ورثو، ساهت کي ٽڙڻ پکڙڻ کان بچائي سگهون ۽ هڪٻئي جي ڏُکن سُکن کي سمجهي سگهون، ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڇپر ۽ ڇانَو ٿي سگهون. ادب ۽ ٻولي جي دنيا ۾ ڀارت ۽ سنڌ ۾ ڪهڙا تجربا ٿي رهيا آهن، هڪ ٻئي سان ونڊيون.
تنهن کان پوءِ قمر شهباز پنهنجي مکيه تقرير ڪندي ٻڌايو ته قلم جي طاقت تلوار کان به تيز آهي. هن چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان وڏو نقصان ادب جو ٿيو. هن سنڌ ۾ سرجندڙ شاعري ۽ ادب جو تفصيل سان تذڪرو ڪيو. هن چيو ته هي سلسلو هاڻي هند توڙي سنڌ ۾ جاري رهڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ سنڌ جي مهان پر مفلس شاعر شمشيرالحيدري سنڌ ۾ رجعت پسندي ۽ ترقي پسند تحريڪن جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته ڪهڙي طرح رجعت پسند اديب اسان کي ڪافر ۽ ملحد سڏيندا هئا. هن سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجندڙ ٽماهي مهراڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪردارن تي پڻ روشني وڌي.
تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر جي الانا مُکُ مهمان جي حيثيت ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين رهي آهي. جنهن ۾ شاهه، سچل، سامي جي صوفي ۽ ويدانيت جي ڇاپ لڳل آهي. سنڌي مسلمان هجن توڙي هندو هجن، انهن جي رهڻي ڪهڻي تي تصوف جو اثر آهي. هٿ جوڙي ملڻ پڻ تصوف جي نشاني آهي. هن ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته ڀارت سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪافي سهڪار ڪري رهي آهي جنهن ۾ مالي سهڪار پڻ شامل آهي. تنهن کان پوءِ الانا صاحب سنڌي ادب ۽ ٻولي بابت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جو ذڪر ڪيو.
ان سان گڏ پهرين ڏينهن جو افتتاحي سيشن پورو ٿيو ۽ منجهند جي ماني جو وقفو ٿيو. کِل، ٽَهڪ، ڀوڳ، ٺڪاءُ، ملڻ، جلڻ، چرچا سڀ لنچ بريڪ ۾ ٿيندا رهيا. پليٽ کڻي ڪنهن مهل هن ٽيبل تي، ڪنهن مهل هن ٽيبل تي، پيو ڦربو هو. باقي ڪنوينشن ۾ اندر بلڪل خاموشي ۽ چُپ چاپ وارو ماحول هوندو هو.
ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن منهنجي هڪ نئين همراهه سان ملاقات ٿي تنهن جي ذڪر کان سواءِ هيءَ رپورٽ اڌوري رهجي ويندي. اهو آهي اسلم پيرزادو. هائو ٻيلي مون کان هڪڙي ڳالهه وسري وئي، اها هيءَ ته پهرين ڏينهن جي افتتاحي ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ هر ماڻهو فردن فردن پنهنجو تعارف ڪرايو. سو ان تعارف دوران جڏهن اسلم پيرزادي جو وارو آيو ته هن ٻڌايو ته منهنجو نالو اسلم پيرزادو آهي. مان ايريگيشن مئنيجمينٽ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. مان ڪجهه سالن کان دهلي ۾ رهيل آهيان ۽ منهنجي بيگم (جيڪا انگريزياڻي آهي) ورلڊ بئنڪ پاران دهلي ۾ هڪ پروجيڪٽ ڪري ٿي ۽ مان هائوس هسبنڊ آهيان. تنهن تي هال ۾ وڏو ٽهڪڙو مچي ويو هو، هن وقت تائين اسان عورتن پاران هائوس وائيف ( گهريلو عورت) ته ٻُڌو آهي، يعني مُڙس ڪم ڪندڙ هوندو آهي ۽ زال گهر سنڀالي ٿي ته اها گهريلو عورت ٿي. پر هتي وري زال ڪم ڪري ۽ مُڙس گهر سنڀالي ته هي ٿيو گهريلو مُڙس. وري جو اها سُڃاڻپ به پنهنجي پاڻ ڪرايائين ته هر چهري تي ٽهڪ يا مُرڪ رقص ڪري رهي هئي پوءِ ته اسلم پيرزادي سان پڪي ياري ٿي وئي. پاڻ ٻُڌايائين ته سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن سان لاڳاپيل رهيو آهيان. هن سنڌ کان آيل اديبن جي ايڏي ته خدمت ڪئي جو وساري نه ٿي سگهجي.