• سرن وٺڻ وارا راءِ ڏياچ
منظور سخيراڻي مٺا ٻول ٻوليندڙ سرس سريلو ڳائڻو آهي جنهن پنهنجي سرن سان نه فقط پاڻ کي امر بڻايو آهي پر هن جي سرن ۽ سنگيت سبب ڪيترا شاعر به امر ٿي چڪا آهن، استاد بخاري تمام وڏو شاعر هو پر کيس سنڌ ۽ هند جي گهر گهر ۽ ٻار، ننڍي، جوان ۽ پوڙهي تائين پهچائڻ منظور سخيراڻي جو ئي ڪمال آهي.
شاعر ۽ ڳائڻو يا شعر ۽ سر ڄڻ لازم ملزم هوندا آهن. سٺي ڳائڻي کي سٺي شاعر ملي ته
شاعر به امر ٿي وڃي ٿو ته ڳائڻو به
گلون مين رنگ ڀري، باد نئو بهار چلي
اهو ڪلام ڳائي مهدي حسن ته مشهور ڪيو هو
پر فيض احمد فيض کي به گهڻي شهرت ملي
مجهه سي پهلي سي محبت مير محبوب نه مانگ
هن ڪلام نورجهان کي مقبوليت جي اڀ تي
پهچائي ڇڏيو هو پر فيض احمد فيض به اهڙو خوش ٿيو هو جنهن داد ڏيڻ جو انوکو طريقو ايجاد ڪيو هو ۽ نورجهان کي اهو چئي خوش ڪري ڇڏيو هو ته هي ڪلام به تنهنجو آهي اهو مون تنهنجي نالي ڪري ڇڏيو.
اسان سنڌي ليکڪن، اديبن شاعرن ۽ فنڪارن جي ته سموري زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي شاهه ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ اڄ به يا ايندڙ وقتن ۾ به اهو سلسلو جاري رهڻو آهي. ڀٽائي به پنهنجي وقت جي مروج روايتن کان انڪار ڪيو هو. سنڌ ۾ جڏهن فارسي جو دور دورو هو تڏهن هن چيو.
جي تون فارسي سکئين ته گولو توءِ غلام
سهڻي جڏهن پنهنجي مڙس ڏم کي ڇڏي درياهه اڪري پنهنجي يار ميهار سان ملڻ ويندي هئي ته ڀٽائي سهڻي جي انهي عمل کي نه فقط صحيح پر ضروري سڏيو ۽ چيو ته سهڻي جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته ناپاڪ ۽ نجس هجي ها.
ساهڙ ڌارا سهڻي، نسوري ناپاڪ
نجاست ناهه ڪري، انين جي اوطاق
هو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي
ڳالهه شايد ڪجهه ڊگهي ٿي وئي مون چوڻ اهو ٿي چاهيو ته انسان سنڌين جي ڄمار ئي تحريڪن، ويڙهاند ۽ جيوت جي جنگ ۾ وڙهندي گذري آهي.ون يونٽ کان وٺي سنڌي ووٽر لسٽن، ڪالا باغ ڊيم، سنڌي ٻولي، ايم، آر ڊي تحريڪ ۽ هاڻ سنڌو جي پاڻي جي ورڇ جو مسئلو انهيءَ ويڙهاند کان ساهي وٺڻ لاءِ ڀٽائي به تنبورو کڻندو هو تند تپائيندو هو سماءُ جي محفل ٿيندي هئي جسماني ٿڪ کي روح جي غذا ملندي هئي وري تازي جدوجهد لاءِ تيار ٿي ويندو هو.
شيخ اياز جيل ڏٺا، رسول بخش پليجي جيل ڏٺا، جن جيل نه ڏٺا تن کي ٻين طريقن سان تپايو ۽ تنگ ڪيو ويو پر شيخ اياز کان رسول بخش تائين، شمشير کان تاجل بيوس ۽ غفار تبسم کان اياز لطيف تائين انعام شيخ کان ادل سومري ۽ اياز گل کان رکيل مورائي تائين هر ڪنهن کي جيون جي جنگ ۽ جهاد کان پوءِ ڪجهه ساهي به گهرجي ٿي جنهن ۾ ڪجهه سر سنگيت ٻڌي بدن جي ٿڪ کي روح جي خوراڪ سان تازو ۽ ٻيهر جدوجهد لائق بڻائجي ٿو. ڀڳت ڪنور رام جا پڙلاءُ اڄ به سنڌين جي روحن ۾ پيوست ٿي ويندو آهن.
نالي الک جي ٻيڙو، تار منهنجو يا
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه
مون کي تن ماروئڙن جي
اهي ٻول ۽ ڀڳت ڪنور رام جو آواز سچ پچ ته ٿڪ ئي لاهي ڇڏيندا آهن
ڏور ٿيندا وڃن روز جو ڳيئڙا
تون اڃا پيو جيئن هاءِ جيئڙا
اياز جا اهي ٻول يا علڻ فقير ۽ زرينه بلوچ جي گڏيل آوازن ۾ سندس ٻول
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل
الا لا، تڏهن ملنداسين
۽ ان کانپوءِ علڻ جو الا هو هو الاهو هو ٻڌي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن ۽ لونءِ ڪانڊارجي ويندي آهي هينئر جڏهن هي سٽون لکان ويٺو تڏهن به منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي. شايد ان ڪري به اسان سنڌي ته سرن تي سر ڏيڻ وارا آهيون. راءِ ڏياچ تندن جي تنوار تي پنهنجو سر گهوري ڇڏيو هو. تڏهن به اهو چوندو ويو سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناهي ڪي
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اسان سنڌين مان شناس ڪيڏانهن نڪري وئي آهي رک رکاءُ هياءُ ۽ سهپ سخا جهڙا گڻ ڇو نا پيد ٿي ويا آهن.
منظور سخيراڻي هڪ فرد نه آهي هو سنڌ جي سڃاڻپ آهي. هو سنڌ جو سر سنگيت آهي ته ڇا هاڻي اسان سنڌ جي سر سنگيت، سڃاڻپ ۽ سونهن کي به ڀنگ جي عيوض يا ڪنهن دشمني پاڙڻ لاءِ اغوا ڪنداسون؟
منظور سخيراڻي اڄ اکين آڏو نه آهي پر
سندس ٻول منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا
مون ڏي نيڻ نه کڻ
مون ڏي نيڻ نه کڻ
دنيا ڏاڍي ساڙيلي آ
ڏيندئي ڪا نه ڏسڻ
مون ڏي نيڻ نه کڻ.
عوامي آواز ڪراچي -27جولاءِ 2001