ملهه، ملاکڙي جو امر ڪردار: شير ميربحر
صحتمند سماج جي اڏاوت لاءِ رانديون اهم ذريعو هونديون آهن. معاشري ۾ راند اها مقبول هوندي آهي جيڪا قوم جي سڃاڻپ رکندڙ، قومي راند واري حيثيت رکندي آهي. اسان سنڌ واسين جي قومي، ثقافتي راند 'ملهه' آهي جيڪا قديم آهي؛ پر اها نماڻي سنڌ جيان سدائين ماٽيلي ماءُ واري روين هيٺ رهي آهي. جنهن جي سرڪار پاران ڪڏهن به ڪا سرپرستي، پٺڀرائي ناهي ڪئي وئي. هاڻ ته سنڌ جي نئين نسل کي اها خبر ئي ناهي ته اسانجي 'قومي راند' ڪهڙي آهي. ۽ ملهه نالي به ڪا راند آهي! يا اها ڪيئن کيڏي ويندي آهي ۽ ان جا هيروز ڪهڙا آهن ۽ انهن جو پروفائيل ڪيئن ۽ ڪهڙو آهي! اڄ جي نوجوان جو مددگار ذريعو انٽرنيٽ آهي. جنهن تي به ان بابت ڪائي ڄاڻ ميسر ناهي يا ڪو جوڳو مواد موجود ناهي. ان تي ڀلاري ڀونءِ جي ڪنهن محقق به اڄ تائين ڪو ڌيان ناهي ڏنو.
سنڌ جي هيءَ قومي، ثقافتي راند ڪڏهن کان، ڪيئن شروع ٿي ۽ ان جي عروج ۽ زوال جا دور ڪهڙا ۽ ذميوار ڪير آهن؛ اهي ڪير هيا جن پنهنجو رت ست ڏئي هن راند کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، ان بابت انٽرنيٽ توڙي سنڌ جي قطب خانن ۾ اهڙو ڪوئي جامع قسم جو ڪو به مواد، ڪوبه ڪتاب ناهي ملي سگھيو. هن ڪتاب ۾ لکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشورن، صحافين، محققن ۽ اديب دوستن کي شير ميربحر جي شخصيت ۽ فن، ملهه تي جڏهن ڪم ڪرڻ جو ٻڌايم ته ڏاڍا خوش ٿيا چيم ته ان پاسي هن مهل تائين باقائدگيءَ سان ڪو ڪم ناهي ٿيو جنهن تي واهه واهه جهڙن لفظن سان نوازيندي جس ڏنائون؛ پوءِ دل وڏي ڪري جڏهن کين لکڻ لاءِ عرض ڪيم ته اهي به ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي ويا. في الحال ته هائوڪار ڪيائون پوءِ وقت گذرڻ سان مَهينن جا انتظار ڪرائڻ شنوايون ڪاٽڻ کانپوءِ هڪڙن ڏاهن فضيلت ڀريي انداز ۾ معذرت ڪئي ته ڪجھ دوستن وري ڪاوڙ واري لهجي ۾ جواب ڏنو. چيم جي ان موضوع تي لکي نه ٿا سگھو ته مڙوئي خير آهي، ان ۾ ڪاوڙ جي جان ڇڏائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اهي سڀ مهربان اسانجي ٻوليءَ جا نامور ليکڪ هيا جن جا ڏنل جواب سدائين دل تي ياد رهندا. جن دوستن، ڏاهن منهنجي عرض کي فرض سمجھي وڏي تڪليف ڪري آرٽيڪل ڏنا انهن لاءِ مون سميت سنڌي ڪلچر، ملهه جا پارکو هميشه ٿورائتا رهندا. هنن محترم ليکڪن ڪجھ ڏهاڙن ۾ ملهه جي پارکن سان ملي ڪري جيڪي ڄاڻ حاصل ڪئي ان کي آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون جيڪو ڪجھ ڪتابي صورت ۾ اوهان سڄڻن جي اڳيان آهي. آئون هن ڪتاب کي مڪمل ڪتاب نه ٿو مڃان هن اڻپوري ڪتاب تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي جيڪو ڪم سرڪاري ادارن، محققن تي ڇڏجي ٿو. مون پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ۽ گھٽ وسيلن هئڻ سبب هيءَ ابتدائي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا اوهان پڙهندڙن جي نظر آهي.
سنڌ پنهنجي صديون پراڻي سڃاڻپ ختم ڪرڻ کانپوءِ مذهب جي نالي هيٺ ڌار ڪيل ڌرتيءَ جي دائري هيٺ آئي ته ان جي وسيلن کان ويندي ان جي ڪلچر کي سنڀالن جي ذميواري به انهن قوتن تي آئي، پر انهن قوتن وڏي صوبي جيان هن جي مالڪي نه ڪئي. سنڌ جي قومي ڪلچر، ان جي هيروز جي سرڪاري سطح تي ڪابه سرپرستي نه ڪئي. ائين جيئن ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻين ڌارين راندين جي مالڪي، سرپرستي ڪئي وڃي ٿي. ان جا سبب ڪيترائي ٿي سگھن ٿا. جن تي ڪڏهن ٻئي ڀيري وضاحت سان لکبو.
ملهه جو تعلق سنئون سڌو طاقت سان آهي. ۽ سنڌ جا ماڻهون سدائين سهڻا، شهزور رهيا آهن جن عالمي طور تي پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. بين الاقوامي سطح جي پهلوانن کي ملهه ماري سنڌ، ملڪ جو نانءُ عالمي فاتح ملڪن ۾ ڳڻايو آهي. اهڙو ڪارنامو سنڌ جي شير، شير ميربحر جي کاتي ۾ اچي ٿو. جنهن پنهنجي زورِ بازوءَ تي دنيا جي مڃيل پهلوانن پاران ڏنل چئلينج کي قبول ڪندي کين شڪست ڏئي ملڪ جو نانءُ عالمي فاتحن ۾ شامل ڪيو؛ پر پاڻ سڄي حياتي اهڙي عالمي پر خود ملڪي اعزاز کان به محروم رهيو..!! ايڏي وڏي تاريخي ڪارنامي سرانجام ڏيڻ کانپوءِ به ملڪ جي مهندارن سنڌ جي قومي ڪلچر، ملهه راند ۽ سندس جي ڪابه سرپرستي، واهر نه ڪئي. شير ميربحر، سنڌ بجاءِ اگر ڪنهن ٻئي صوبي سان تعلق رکندڙ ڌاري راند جو رانديگر هجي ها ته کيس به وڏن وڏن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ها. پر هو سنڌ ڄائو هيو ان ڪري ساڻس انصاف نه ٿي سگھيو.'اهڙو ساڙ سڳنڌ سان'سڄي حياتي رهيو. اهڙي ناانصافي رڳو هڪ رانديگر، ڪلچر سان نه پر سنڌ سان سمجھي وڃي ٿي.
ملهه راند جيڪا نوجوان نسل کي براين ۽ ٻين بڇڙاين کان بچائي هڪ صحتمند سماج اڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ان تي ڪو به ڌيان نه ڏيڻ جو مطلب صرف سنڌ جي صحتمند سماج سان نا انصافي آهي. قوم سان ناانصافي ملڪ سان ناانصافي آهي. پوري دنيا جيان اسانجي پاڪ وطن ۾ به ڌارين راندين تي سڄي سال ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. پر پنهنجي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه تي ڪو به ڌيان نه ڏيڻ پڻ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافيءَ برابر آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي وسيلن جيان هن قومي راند ملهه سان هن جديد دور ۾ به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. جيڪو ڪيترن ئي سوالن ۽ انومانن کي جنم ڏئي ٿو. حق ته اهو آهي جو ملهه راند کي عالمي راندين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ان جي سرپرستي ڪري ملهه جي رانديگرن کي "اولمپڪ راندين" ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ جي پهلوانن کي اتساهه ڏڻ لاءِ هر محاذ تي انهن جي واهر ڪئي وڃي، انهن جي سکيا ۽ سهائتا لاءِ ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن.
سنڌ جا پهلوان پنهنجي فن ۾ اڄ به وڏي مهارت رکن ٿا. اهي اڄ به شير ميربحر جيان جارج زيبسڪو جهڙن دنيا جي مڃيل پهلوانن کي شڪست ڏيڻ جي سگھ ۽ صلاحيت رکن ٿا. صرف ضرورت آهي سندن سرڪاري سطح تي واهر ٿيڻ جي؛ اهڙي ريت هن راند کي ٻيهر اوج تي رسائي ججھو ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو. هن راند جي ڪمرشل پاسي کي به ڏسڻ گھرجي .
هن راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪار سان گڏ راندين ۽ ثقافت جي صوبائي وزير کي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. سنڌ ۾ اڄ به اهڙو ٽئلينٽ موجود آهي جيڪو ملهه جي ميدان ۾ ٻيهر دنيا کي چئلينج ڪري سگھي ٿو. سنڌ، ملهه جي ميدان ۾ وڏي زرخيز آهي. ضرورت آهي ملهن جي مالڪي ڪرڻ جي. سندن نالن سان اسٽيڊيم قائم ڪيا وڃن، سهائتا ۽ سکيا لاءِ ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن ، جڏهن ته دنيا پنهنجن ملهن کي پالي ۽ سنڀالي رهي آهي ۽ اسان هت انهن کي بکن ۽ بيمارين ۾ ماري رهيا آهيون. اڳ سنڌ جا وڏا ماڻهو،خاندان ملهن جي مالڪي ڪندا هيا جن ۾ خيرپور، ڪوٽڏيجيءَ ٽالپر خاندان هزهائينس مير سهراب خان ٽالپر، مير علي ڏنو خان ٽالپر، ٽنڊو مير غلام حسين جا ميرعبدالله خان ٽالپر، غلام حسين خان ٽالپر، مير بجار خان ٽالپر، مير لال خان ٽالپر، لاڙ کان نواب ڄام مٺا خان ، نواب ڪانڀو خان، نواب ڄام صادق علي خان، نواب ڄام انور علي خان، نواب شير علي خان، ڀٽ شاهه جا سجاده نشين سيد علي بخش شاهه، (مرحوم الڻ سائين) سيد شاهه ڏنو شاهه، سيد محمد جڙيل شاهه، سيد علي بخش شاهه ( ثاني ) "ناز لطيفي"، مٽياريون جي پير الهيار شاهه ( پوري پير) حاجي بقادار شاهه، محمد زمان شاهه، نور شاهه، حيدرآباد مان سيد ولايت علي شاهه، سيد ڏنل شاهه. سيوهڻ: سخي لال شهباز قلندر جا گادي نشين گل محمد شاهه لڪياري، سيد محمد مراد شاهه، سيد گنبل شاهه، مادن دريا شاهه ( بادل شير جي ڪافي ) . راڻيپور جا سجادهه نشين جناب پير ميران سائين، جناب پير صالح محمد سائين، جناب پير احمد سائين، جناب پير محمد سائين. ۽ ٻيا شامل آهن جن ماضي ۾ ملهن کي رهائڻ، کارائڻ ۽ انهن جي زور آزمائيءَ جو شوق رکندا هيا. ماضيءَ جيان اڄ به سنڌ جي ميرن، پيرن، درگاهن جي گادي نشينن، سردارن، نوابن ۽ وڏيرن کي ملهن سان پيار آهي انهن کي پاڻ وٽ رهائي انهن جي خذمت ڪرڻ وارو شوق ۽ عشق اڃا به سندن دل ۾ زندهه آهي، جي ننڊ ستل آهي ته اها اسانجي سرڪار ۽ ان جا نيڪ جذبا آهن. بس ضرورت آهي رڳو ڪٿان کان ٿورڙي ابتدا ٿيڻ جي. پوءِ سنڌ ۾ ملهه جي سهاري سان محبتن جا ميلا ٻيهر مچي پوندا؛ سنڌ جي رابيل جهڙي مک تي مرڪ جي مکڙي وري ٽڙي پوندي، سنڌ سُرهي ٿي پوندي. راندين وسيلي ئي معاشري مان مايوسيءَ کي ختم ڪري، هڪ صحتمند سماج اڏي سگھجي ٿو. وري ميلن، ملاکڙن سان سنڌ جون وڃايل رونقون ٻيهر بحال ٿي سگھن ٿيون..
شير تي ڇا لکجي؟ ان جي شخصيت ۽ فن تي ته هي سڄو ڪتاب لکيل آهي جنهن ۾ سنڌ جي نامور دانشورن، سينئرصحافين، ايڊيٽرن، اديبن، محققن ۽ سڄاڻ ليکڪن وڏي گهرائيءَ ۽ سڪ سان لکيو آهي جنهن لاءِ آئون انهن سڀني محترم سڄڻن جو ٿورائتو آهيان. جن ڀرپو ليک لکي هن ڪتاب جي معيار ۽ سنڌ جي ثقافتي راند جي سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اميد ته اسانجو ڪيل هي پيار جو پورهيو سنڌ جي سڄڻن، ملهه جي پارکن ۽ پهلوانن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
جيڪي بذرگ ليکڪ ۽ شير جا ساٿي، طبيعت جي ناسازيءَ سبب هن ڪتاب ۾ ڪوشش جي باوجود به شامل نه ٿي سگھيا آهن آئون انهن سڄڻن جو به ٿورائتو آهيان؛ جن مونکي فون ڪري اتساهه ڏنو. جن ۾ ابراهيم جويو، پروانو ڀٽي ۽ ٻيا شامل آهن. هنن مهربان سڄڻن پاران ڪن مجبورين ۽ مصروفيتن سبب 'ملهه' تي نه لکي سگھڻ واري معذرت کي به دل سان قبول ڪيم: جن ۾ سائين امرجليل، بدر ابڙو، تاج جويو، ڊاڪٽر علي احمد رند جامي چانڊيو ۽ نصير مرزا جن شامل آهن.
ٿورائتو: هنن سڄڻن جو جن ڪتاب لاءِ مواد سهيڙڻ ۽ پرف پڙهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. جن ۾ جابر عباس ملاح، محسن ملاح، ساجد ملاح، شهباز ملاح، جواد ۽ مهدي رضا ملاح شامل آهن.
ٿو را مَ ٿو را مونتي ماروئڙن جا
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا. ( شاهه )
سهيڙيندڙ
مولائي ملاح
moulaiemallah@gmail.com