رستم سنڌ: شير مير بحر جون خدمتون ۽ اُن جو سِلو (گل محمد بلوچ)
شير ميربحر، ملهه جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي. جوانيءَ کان عمر جي انهيءَ عرصي تائين همت نه هاريائين جڏهن ته جنهن عمر ۾ ٻيا پهلوان پهتا. ته انهن ملهه کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر اڪيلو پهلوان آهي جنهن پنهنجو "رستمِ سنڌ" جو خطاب زبردست مقابلن کان پوءِ به پاڻ وٽ رکيو ۽ هن وقت تائين شير کي "رستم سنڌ" سڏيو ويندو آهي.
شيرميربحر ئي سنڌ جو واحد پهلوان آهي جنهن فري اسٽائيل ڪشتيءَ جي جڳ مشهور پهلوانن سان مقابلو ڪيا. چيڪو سلاويڪا جي نامور پهلوان جارج زيبسڪو کي چئلينج ڪري ساڻس ملهه جا مقابلا ڪيا ۽ کيس هالا ۾ عبرت ناڪ شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو قوم جو مان مٿاهون ڪيو. جنهن ڪري کيس رستم سنڌ جو اعزاز ڏنو ويو.
هندستان جو پهلوان گرنام سنگهه شيرميربحر کي چئلينج ڏني جنهن کي شير مير بحر قبول ڪيو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هن سان مقابلو ڪيو کيس دسيو، ملهه ماري. جنهن ڏينهن اهو مقابلو ٿيو هو ان ڏهاڙي نياز اسٽيڊيم ۾ ايتري ته خلق، عوام مقابلو ڏسڻ آيو جنهن جو اڄ تائين مثال نه ملي سگهيو آهي. اهو مقابلو ڀولو برادران به ڏٺو. جڏهن شير مير بحر گر نام سنگهه کي ملهه دسي ته، اسٽيڊيم "اللهُ اڪبر" جي نعرن سان گونجي ويو. شير تي هر طرف کان نوٽن ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي. هجوم شير ميربحر کي ڪلهن تي کڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
لکي بنگلي خيرپور ميرس ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان مرحوم ، پهلوان شير مير بحر جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس انعام سان نوازيو. نئين اڀرندڙ پهلوان (اڄ کان 20-25 سال اڳ) الهه جڙيو سمي شير مير بحر کي چئلينج ڪيو ۽ دعوا ڪئي ته جيڪڏهن شير پهلوان اهڙو چئلينج قبول نه ڪيو ته رستم سنڌ آئون سڏائيندس. شير مير بحر اهو چئلينج قبول ڪيو.. مقابلو جشن خيرپور ميرس ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين شائقين خيرپورميرس پهتا. جڏهن ته الهه جڙيو سمو ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ۽ شير پهلوان اڌ وهيءَ ۾ هو. مقابلو شروع ٿيو. ڪيترائي پاڻي ٿيا . مگر پهرين ڏينهن ڪنهن به پهلوان کي سرسي حاصل نه ٿي، وري ٻئي ڏينهن به ٻنهين پهلوانن هڪ ٻئي تي داءُ پيچ آزمايا پر ڪو به دسجي نه سگهيو.
آخر ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ملهه جي ڄاڻو شوقينن پنهنجن ٻنهين پهلوانن کي يعني شير پهلوان کي رستم سنڌ ۽ پهلوان الهه جڙيو سمي کي فخر سنڌ جي لقب سان نوازيو. سمي پهلوان کي اڃا فخر سنڌ جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو.
رستم سنڌ کي انهن خدمتن جي سلي ۾ کيس قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ملاکڙن ۽ ڪوچ جي حيثيت سان پهلوانن جي نگراني ڪندو رهيو.
هاڻ جڏهن هو پهلوان بيماريءَ سبب اسپتال داخل آهي ته کيس اسپورٽس بورڊ ڪوچ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. شير پهلوان جو ڏوهه ڪهڙو آهي. بيماريءَ سبب ملاکڙن ۾ شرڪت نه ٿي ڪري سگهيو.
هالانڪه شير پهلوان ملهه وڙهي ڪو نه ٿو مگر هن جي ملاکڙي ۾ نه هئڻ سان ملاکرو ٻسو لڳندو آهي. اسپتال ۾ زير علاج رهڻ جي باوجود به کيس پهلوانن جو فڪر رهي ٿو. شير پهلوان سنڌ جي قومي روايتي راند ملهه زندهه رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اخبارن جي آفيس ۾ وڃڻ ۽ پهلوانن جا مسئلا بيان ڪرڻ ۽ اهي اخبارون ارباب اختياري تائين پهچائڻ، درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. هن حالت ۾ جڏهن هي بيماريءَ جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهيو آهي. تڏهن کيس ڪوچ جي عهدي تان هٽائڻ ٺيڪ نٿو لڳي. ڇو جو کيس اها خبر پوڻ سان کيس دلي صدمو پهچندو. بيماريءَ جي حالت ۾ اهڙو خبر ٻڌڻ سان ٿي سگهي ٿو ته شير پهلوان جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي. شير صرف پهلوان آهي پر سنڌ جي قديم فن ملهه جو سرمايو آهي. هن ملهه جي بقا لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان جي عيوض کيس مليو ڇا؟ نوڪريءَ کان جواب....!!
سنڌ جي انهن قدردانن ۽ ملهه جي فن جي خدمت ڪندڙ حضرات کي به گهرجي ته هن جي بي بها پهلوان جي هن ڏکئي وقت ۾ پرگهور لهن.
آخر ۾ آل سنڌ ملهه ايسوسيئيشن جي صدر ۽ عهديدارن کي مشورو ڏيندس ته اهي سنڌ جي رستم پهلوان لاءِ ضلعي ۾ ملاکڙو لڳرائي سموري آمدني کيس عطيه طور ڏين جيئن هي پهلوان پنهنجي باقي زندگيءَ کي سڪون سان گذاري سگهي. اها ڪوشش زندهه قوم جو هڪ مڃيل ثبوت آهي.
( روزنامه مهراڻ حيدرآباد- 14-9-1984 )