مهاڳ (سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي)
"ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چري"
هو سچ پچ به ته اهڙو هو. هو جڏهن به ميدان تي لٿو تڏهن هن جي خاموشيءَ ۾ به اها گجگوڙ هئي، جيڪا سانت ۾ ويڙهيل ٻيلن کي ٻاري ڇڏيندي آهي. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي چوڌاري هڪ اهڙو لقاءُ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي ڏک جو اظهار ڪندي اياز لکيو هو ته:
"ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان وٽ، ناهي ڪئي گجگوڙ."
ان کان پوءِ اسان همت، بهادري ۽ بي خوفيءَ جي هڪ پوري دور کي پاڻ کان پري ٿيندي ڏٺو. هو ان ڏينهن جو آخري سج هو، جنهن کان پوءِ هيءَ نڀاڳي رات کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. جهڙي طرح بدقسمت قومون پنهنجي تاريخ کي وساري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙ جي وينديون آهن، تهڙي طرح اسان کي ويسر جي انهن سنگهرن سوگهو ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ اسان کي اهو به ياد نه ٿو اچي ته هيءَ ڌرتي سدائين اهڙي نه هوندي هئي. هن ديس ۾ ڪڏهن دليري به هئي. اها دليري صرف جنگ جي ميدان ۾ نه ڏٺي ويندي هئي پر ان بهادريءَ جا درشن راند جي ميدان ۾ به ٿيندا هئا. اها ڳالهه اسان کي ان شخص جي زندگيءَ مان چٽي طرح معلوم ٿي ته جيڪي قومون راندين جي ميدان ۾ مقابلا نه ڪري سگهنديون آهن اهي جنگين جي ميدان ۾ به پير جهلي نه وڙهي سگهنديون آهن. هو جيڪو پنهنجي طرح جو هڪ جوڌو رانديگر هو، تنهن جيترو وقت به سنڌ ۾ ساهه کنيو ايترو وقت پنهنجي سورهيائيءَ جي ساک قائم رکي ويٺو پر اها اسان جي تمام وڏي بدقسمتي آهي جو اسان ان شخص کي اوتري مڃتا نه ڏني، جنهن مڃتا جو هو مالڪ هو. جيڪڏهن هي ديس پنهنجي روح ۾ آزاد هجي ها ته هن جو آرٽ ان انسان کي هرگز نه وساري سگهي ها، جنهن جو خوبصورت مجسمو اسان کي قومي راندين جي اسٽيڊيم ۾ نظر اچي ها. جنهن جي حوالي سان اسان جا ٻار اسڪولن ۾ سليس سبق پڙهائين ها ۽ جيڪو اسان جي لکڻين ۾ زندگيءَ جي خوبصورت ۽ متحرڪ علامت بڻجي پيش ٿئي ها. اهو شخص جنهن کي سنڌ هاڻي ائين فراموش ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هن پنهنجي آزاد اتهاس کي وساري ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن يادگيري هڪ وڏي اذيت بڻجي ويندي آهي. اسان پنهنجن سٺن ڏينهن ۽ مثبت ڪردارن کي ان ڪري به ياد نه ڪندا آهيون جو انهن جي ياد اسان جي دل ۾ احساس جرم جو هڪ اذيت ناڪ زخم پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري اسان پنهنجو سٺو وقت ۽ ان وقت ۾ موجود سٺا نالا ۽ حوالا ڄاڻي واڻي فراموش ڪرڻ چاهيندا آهيون. اهڙي فراموشيءَ واري گيلريءَ ۾ هڪ خوبصورت تصوير ان شخص جي به آهي، جيڪو سهڻي سنڌ جو سهڻو ماڻهو هو. هو جيڪو پنهنجي صورت ۾ نه پر سيرت ۾ به موهيندڙ هو. ڇو ته اهو ميلاپ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا شئي سهڻي به هجي ۽ سٺي به هجي. هو اهڙن ڏکين ميلاپن مان جڙيل ماڻهو هو. هو جيڪو خانداني طور تي ملهه پهلوان نه هو پر هن جي رڳ رڳ ۾ هڪ طوفاني بيچيني موجود هئي، جيڪا هن کي ٻين شعبن ۾ وٺي وڃڻ بدران ان ميدان تي کڻي وئي، جتي مڙسن جا هٿ سندرن ۾ پوندا آهن. جتي بهادر بهادرن سان گڏبا آهن. اها هوندي ته راند آهي پر ان ۾ به رڻ گجندو آهي ۽ راڙا ٿيندا آهن. اهي مقابلا جيڪي دوستاڻا هوندا آهن پر انهن کي ڏسي دشمن دهشت ۾ ايندا آهن ۽ اهڙن مقابلن جا تماشبين هڪ طرح جو اتساهه حاصل ڪندا آهن انهن کي انهن مقابلن معرفت اهو سبق ملندو آهي ته زندگي هر وک تي هڪ آزمائش، هڪ مقابلو ۽ هڪ جنگ آهي. اسان ان راند کي پنهنجي ذهن تان ميساري ڇڏيو، جيڪا اسان کي مقابلي جي بهادريءَ جو سبق سيکاريندي هئي. جيڪا اسان کي پنهنجي هڪ هڪ انداز سان اهو سمجهائيندي هئي ته هر مسئلي سان ماڻهوءَ کي ور وجهي وڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن آمريڪا جو نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ هيمنگوي هڪ پوڙهي مهاڻي سنتياگو جي زندگيءَ جو آخري شڪار بيان ڪندي پوري دنيا کي ويڙهه جو عظيم سبق ڏيئي سگهي ٿو ته ڇا اسان جي سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي اها جنگ نه ٿي جوٽي سگهي، جنهن کان پري ٿي اسان بنا مقابلي جي هارائجي وياسين. جڏهن ته فيض احمد فيض زندگيءَ جي پوئين موڙ تي به ان للڪار کي لفظ ڏيندو رهيو، ۽ چوندو رهيو ته:
"تم یہ کہتے ہو کہ وہ جنگ ہو بھی چکی،
جس میں رکھا نہیں اب تک ہم نے قدم،
کوئی میدان میں اترا نہ دشمن نہ ہم،
کوئی صف بن پائی نہ کوئی علم،
اجنبی دشمنوں کا پتہ دے سکا،
منتشر دوستوں کو صدا دے سکا۔"
مون اڪثر ان ڳالهه تي ويچار ڪيو آهي ۽ مون کي هميشه اها حقيقت پنهنجي پوري روپ سروپ ۾ ان سچائيءَ جي ساک ڏيندي محسوس ٿي آهي، جنهن جو اظهار ڪرو کيتر جي ميدان ۾ ڪرشن ارجن سان مخاطب ٿيندي ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته: "وڙهه، ويڙهه ئي تنهنجو ڌرم آهي." اهڙي طرح شير ميربحر جو ڌرم مسلسل مقابلو هو. جيئن ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:
کرکڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
اهڙي طرح شير ميربحر ننڊ ۾ به ڪو اهڙو سپنو نه ڏٺو، جنهن ۾ هن کي سندرو ٻڌل نه هجي.
هو جيڪو سنڌ جو سچو پچو مڙس ماڻهو هو. جنهن مقابلا صرف سوڀ کي سوچي نه ڪيا. هن پنهجي زندگيءَ جو مقصد مقابلا ڪرڻ کي قرار ڏنو ۽ سوڀون هن جي مٿان گهور جي سڪن وانگر پسنديون رهيون. اهڙا مهندار ماڻهو جڏهن منهن مٽي وڃن ۽ مٽيءَ ۾ پنهنجا آشيانا جوڙين تڏهن هي جڳ جهان اونداهيءَ جو آستانو ٿي ويندو آهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ يونان جي جادوگر ناول نگار ڪازانت زاڪس لکيو هو ته: "اي ڌرتي! هر ماڻهوءَ کي مرڻ نه گهرجي. بلڪل ائين جيئن پهاڙ نه مرندا آهن. جيئن درياهه نه مرندا آهن. جيئن اهي انسان نه مرندا آهن، جيڪي ڌرتي جون ٿوڻيون ۽ آسمان جا ٿنڀا هوندا آهن.
اي ڌرتي! تون هڪ ازل کان وٺي ازدها نانگ آهين. جيڪو پنهنجا ٻچا پاڻ ڳڙڪائيندو آهي. تون ڀلي کاءُ اهي ڪانئر، ڪم ظرف، بزدل ۽ ڀاڙيا! پر توکي ڪو حق ڪونهي جو تون پنهنجي ظالم ڏاٺن سان چٻاڙين انهن انسانن کي جيڪي سورهيه ۽ سرويچ هئا." اهڙا انسان ضرور ناهي ته سياست جي اسٽيج تي پيدا ٿين. اهڙا انسان صرف آرٽ جي دنيا ۾ جنم نه وٺندا آهن. اهڙا انسان صرف موسيقيءَ ۽ مصوريءَ جي شعبن ۾ موزاٽ ۽ مائيڪل اينجيلو بڻجي ظاهر نه ٿيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن قدرت جي انتهائي پراسرار اسڪيم اهڙن انسانن کي اهڙو ڪردار به ڏيندي آهي، جو هو بزدل سماجن کي روپ مٽي تعليم ڏيندا آهن. جڏهن قدرت ڏسندي آهي ته ڪا قوم بنهه بزدل ٿي وئي آهي ۽ ان جو وجود خطري جون آخري حدون ڇهي رهيو آهي تڏهن هو اهڙن انسانن کي به ڌرتيءَ جي اسٽيج تي اماڻيندي آهي، جيڪي راندين جي روپ ۾ جنگين جو فن سيکاريندا آهن. منهنجي نظر ۾ شير ميربحر سنڌ جو اهو سورهيه ڪوچ هو جنهن قوم کي ملهه جي روپ ۾ جنگ جو فن ٿي سيکاريو. جنهن راند جي شڪل ۾ وجود جي قائم رکڻ جو آرٽ ٿي سمجهايو. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف واقعن ۽ معاملن ۾ مسئلن سان ملهه وڙهن ته اسان انفرادي سوڀن جا اهي سلسلا قائم ڪري وڃون جيڪي اجتماعي حاصلات جو عظيم اعلان هوندا آهن. هتي ماڻهن سان مسئلو اهو آهي ته ماڻهو وڙهن نه ٿا. ماڻهو مقابلو نه ٿا ڪن. ماڻهو پڙ جا پٿر نه ٿا ٿين. ماڻهو ڀڄي ٿا وڃن. رفو چڪر ٿيڻ جا رستا ڳولهين ٿا ۽ انهن کي شرم لڪائيندي شارٽ ڪٽ چون ٿا. ماڻهو جيڪڏهن خوف جي باوجود پنهنجي پيرن تي بيهي رهن ۽ مسئلن جي سندرن ۾ هٿ ٻڌي پنهنجا پير ڌرتيءَ جي گهرائيءَ ۾ گهيڙي ۽ مخالف قوت کي ڀنواٽي ڏيڻ جي لاءِ هوا ۾ ڦيرائين ته جيڪر اسان سوڀ جا ساٿي بڻجي وڃون. شير ميربحر اسان کي راند راند ۾ ويڙهه جو سبق سمجهائيندو رهيو. بلڪل ائين جيئن انگريزي اسڪولن ۾ ايجوڪيشنل گيمز کيڏايون وينديون آهن. تيئن اسان کي رانديون پنهنجي زندگيءَ جي راهن ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي مات ڪرڻ سيکارينديون آهن ۽ ملهه انهن راندين جي مهندار راند آهي. اها پهلوانيءَ جي سڀ کان وڌيڪ پرامن مقابلي واري راند آهي جنهن ۾ رانديگر هڪ ٻئي جو رت نه هاريندا آهن. هو صرف پنهنجي سگهه ۽ پنهنجي مهارت جي معرفت پنهنجي مخالف کي مات ڪندا آهن. جيڪي چاهيندا آهن ته صرف هو پنهنجي دشمن کي دسين. پر هتي ماڻهو دردن جي هٿان دسجي وڃن ٿا. دردن جي هٿان دسجڻ جو اهو سلسلو اسان جي تاريخ آهي. اها تاريخ جنهن لطيف جي گلي مان اها چيخ بلند ڪئي ته:
"دردن دسي آهيان، درد منهنجا دس"
اهو شخص جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو هو، اهو دشمن کي دسڻ جو فن سيکاريندو هو. اهو فن جيڪو اسان جي من ۽ ذهن جي ڦرهيءَ تان ميسارجي ويو. اسان کان وسري ويو ته مقابلي جي تياري ڪئين ڪبي آهي؟ پڃريون کڻي پنهنجا ڪمزور ڏورا ڏاري نئون بت ڪيئن بڻائبو آهي؟ ڪيئن روزانو ميدان ۾ پنهنجي ساهه کي سوگهو ڪبو آهي. پنهنجي پگهر ۾ تڙ ڪيئن ڪبو آهي؟ رڳو مقابلي جي لاءِ تياري جي محنت ڇا هوندي آهي اهو صرف آکاڙن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تن سازيءَ جو اهڙو آرٽ جيڪو سماجي زندگيءَ جي پوتا ميل ۾ تاريخ ساز ڪلچر بڻجي ويندو آهي.
شير ميربحر هڪ شخص نه، هڪ علامت آهي. پنهنجي وٽيل سٽيل وجود ۾ هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو اسان کي باعزت جياپي جو مڙساڻو هنر سيکاري ٿو.
اڄ اسان جي قومي زندگي اياز جي ان شعر جهڙي آهي ته:
هي جو وڻ ڪجهه ٿڪجي پيو آ،
ملهه وڙهي ڄڻ واچوڙي سان دسجي پيو آ،
تنهن کي سج ڄنڊن کان ڄڻ ته ڇڪي ٿو.
ڄڻ ته چوي ٿو:
تڪڙو اٿ، طوفان اچي ٿو،
ڪو اوکو امڪان اچي ٿو.
ائين ملهن جي مقابلن ۾ ملهه دسجي پوندا آهن ۽ وري پنهنجي پوري انا جي احساس سان اٿندا آهن ۽ وري پنهنجا ڏورا ڏاري مقابلن جي لاءِ تيار ٿيندا آهن ۽ وري دهل وڄندا آهن شرنائيون بلند ٿينديون آهن. تماشائي هوڪارا ڪندا آهن ۽ ملهه ميدان ۾ جهمر پائيندي داخل ٿيندا آهن.
شير ميربحر اهڙن مقابلن جو خوب صورت مثال هو. هو شهر جو بي وفا بابو نه هو. هو سنڌ جو روايتي رڄ مڙس هو. جنهن لاءِ صرف پنهنجي دامن تي داغ لڳائڻ ناقابل قبول نه هو پر قومي ڪڙتي جي مٿان ڪنهن ڪني مثال جو لينگهو لڳي، اهو به هن لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙو نه هو ان ڪري هن عالمي آکاڙن ۾ مقابلا ڪيا ۽ کٽي ڏيکاريا ۽ هن پاڳل قوم کي اهو پيغام ڏنو ته جاپان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. آمريڪا دسي سگهجي ٿو. يورپ جي پٺي پٽ سان لڳائي سگهجي ٿي. هو سنڌ جو سٻاجهو انسان صرف ملهه جي صورت ۾ قومي زندگيءَ جي هر انسان کي شير ميربحر وانگر وڙهندي ۽ جيت کي ماڻيندي جو تمنائي هو.
اها ڳالهه تمام ٿورن بلڪه صفا ناموجود ماڻهن جي انگ کي معلوم آهي ته بهادر ۽ سورهيه ۽ سگهارا ۽ ٻلوان پنهنجن پهاڙن جهڙن پختن سينن جي پٺيان مکڙين جهڙو نازڪ من رکندا آهن. مان هن ڪتاب کي ڪڏهن به مڪمل سمجهي نه ٿو سمجهان جيستائين هن ڪتاب ۾ اهو مضمون شامل نه ٿو ٿئي جيڪو صرف اهو نه ٻڌائي ته هن جو بت ڪيترو پڪو ۽ پختو هو، جيڪو صرف ان ڳالهه جو اظهار نه ڪري ته هو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ ماس نما پٿرن جو جڙيل جوڌو هو. جيڪو صرف ان ڳالهه جي نشاندهي نه ڪري ته هن جي هٿ جو زور لوهه کي ڪيئن ميڻ وانگر موڙي سگهندو هو پر اهم ترين آهي اهو مضمون جيڪو شير ميربحر جي زندگيءَ جو اهو پهلو پسائي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو حساس، ڪيترو ڪومل ۽ ڪيترو نازڪ انسان هو. هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته:
"ميدان ڪارزار ۾ اسان روهه پهاڙ جا پٿر آهيون پر محبت جي ميدان ۾ اسان جو من ان مکڙيءَ جهڙو آهي، جيڪا پرهه جي هير تي به ڏڪي ويندي آهي." هن جي ان حساس پڻي هن جي شخصيت جي ان نازڪيت جو ادراڪ صرف ان جي اولاد کي ٿي سگهي ٿو. انهن کي معلوم هوندو ته هو پنهنجي ٻچن جي ننڍي تڪليف تي ڪيئن تڙپي پوندو هو جڏهن هن جا ٻار بڊي جي راتين ۾ بخار سبب سمهي نه سگهندا هئا ۽ کير پيئڻ بدران روئيندا رهندا هئا تڏهن اهو شير ميربحر پاڻ کي ڪيترو ڪمزور محسوس ڪندو هو!
شيون سدائين ابتڙن جو ميلاپ هونديون آهن. شير ميربحر ابتڙن جو سنگم هو. هڪ طرف مقابلا ۽ انهن ۾ سر ڌڙ تي ۽ ٻئي طرف محبتون ۽ لڄارا نيڻ سدائين ڌرتيءَ جي تور ماپ ڪندا ۽ نه معلوم ڪهڙي طرف تڪيندا رهندا. هڪ طرف هو مخالفن جي لاءِ مقابلو هو ۽ ٻئي طرف محبتن جي لاءِ هڪ اهڙي اوطاق هيو، جنهن ۾ سدائين محبتن جي ميزباني جاري رهندي رهي. هن جا يار، هن جا دوست، هن جون محبتون، هن جا ناتا ۽ هن جا رشتا سنڌ جي موسم خزان ۾ سڪل پنن وانگر ڪڏهن ڇڻيا ۽ ڪڏهن هوا جي هٿن هٿان نامعلوم طرفن طرف روانا ٿيا. اهو سڄو درد جو داستان به شير ميربحر جي بهادري وارن ڪارنامن جي ماٿي تي تلڪ وانگر سججڻ گهرجي. اهو لطيف لکيو هو ته:
اڄ گهرجين يار، بڊاماني پنرا،
ڪاڇي ٻنهي پار، ويرين واٽون لايون.
ساڳي طرح سان زندگي جي هر ميدان ۾ مقابلي دوران اسان کي هڪ نه، هزارين نه، لکين نه پر ڪروڙين شير ميربحر کپن. پر اسان وٽ هڪڙو به ناهي. اهو به ناهي جنهن جي اکين کي ڏسي اهو سنڌي لوڪ گيت ياد ايندو هو ته:
اکيون ادل جون، ٻرن مشالا.
مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته هي علامتي مهاڳ مان ان ماڻهوءَ جي اصرار تي لکي رهيو آهيان جنهن جو تعلق سنڌ جي معنيٰ خيز شهرڙي محرابپور سان آهي. اهو شخص جيڪو مولائي آهي ۽ جيڪو ملاح آهي. پر سنڌ کي ڪير سمجهائي ته جيڪو مولائي ناهي سو ملاح ناهي ۽ جيڪو ملاح ناهي سو مولائي ناهي.
هي ڪتاب، هڪ خواب آهي. هڪ وسري ويل خواب ۽ ان کي ياد ڪرڻ جي جستجو!
هي ڪتاب هڪ ميار آهي. هڪ مهڻو آهي. هڪ اهڙي شڪايت آهي، جيڪا نه ڪندي به ڪئي ويندي آهي. اکين جي التجا وانگر! هي ڪتاب جن ماڻهن جي دل جي تمنا آهي اهي ماڻهو شير ميربحر جي ان آخري وصيت تي عمل ڪري رهيا آهن جيڪا هو ريڪارڊ ڪرائي نه سگهيو.
شير ميربحر هڪ اهڙي ديس جو باشندو هو، جيڪي سدائين مقابلا ڪندا آهن. جڏهن هو ريٽائر ٿيندا آهن تڏهن هو ڪوچ بڻبا آهن ۽ پوڙهن عقابن وانگر ٻچن کي آسمانن ۾ اڏارڻ سيکاريندا آهن. اهو ديس شير ميربحر وانگر تاريخ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويو آهي. شير ميربحر جي ياد ان ديس جي دريافت جو آغاز ٿي سگهي ٿي، جيڪو ديس اسان کان نوجواني ۾ ڪيل پهرين محبت وانگر وسري رهيو آهي. وسري ويو آهي!!
اعجاز منگي
ڪراچي