شير ميربحر: سنڌي ڪلچر جو امين (شبير ملاح)
اڄ جڏهن 28 مارچ تي هن جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته، ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن تي هن جون ساروڻيون تري آيون آهن، جن ۾ ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ دليپوٽا جو حاجي فيض محمد سهتو به شامل آهي. هو بس ايترو ٻڌائي ٿو ته، "ڪنهن زماني ۾ شير جو والد علي محمد ميربحر، دليپوٽا جي ٻيلي تي فاريسٽ آفيسر طور مقرر هو، شير به هن سان گڏ رهندو هو، شير ميربحر اسان جيڏو هو، شام ڌاري بنگلي جي ڀرسان ئي موجود موريل شاهه درگاهه تي ملهه وڙهندا هئاسين، حيات پنهور ۽ فقير آچر هن جي جوڙ جا هئا، پر شير ميربحر کي ڪنهن به ملهه نه ماري، مضبوط جانٺي جسم جو هي جوان، ڄڻ ملهه وڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو".
سنڌ جي هن عظيم پٽ کي 'رستم' جي لقب سان سڏيو ويو، رستم، جيڪو ايران جو وڏو سورمو هو، پارسي ڏند ڪٿائن مطابق رستم، هڪ اهڙو هيرو هو، جنهن کي شڪست ڄڻ موت کي هارائڻ برابر هو، اسان جو رستم به ته اهڙو ئي هو، بس جي فرق رهيو ته قدر جو، ايران جي رستم کي فردوسي جهڙو شاعر ملي ويو، جنهن 'شاهنامي' معرفت هن کي امر بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته اسان جي سنڌ جي رستم کي ڪو به فردوسي نه ملي سگهيو. بس هر سال 28 مارچ تي هن جي علائقي جا ڪجهه لکاري سندس باري ۾ لکيل پراڻا پنا اٿلائيندا آهن، پوءِ اخبارن ۾ اهي مضمونن جي شڪل ۾ ڇپجن ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو هو جيڪو مڪمل ملهه راند جي تصوير هو، انهيءَ تي ٿيسسز لکي وڃي. سندس زندگيءَ جي انهن سڀني پهلوئن تي روشني وڌي وڃي، سندس حياتيءَ جا اهي سڀ پاسا ظاهر ڪيا وڃن، جن جي ڪري هو ملهه ۾ عظمتن جو استعارو بڻجي ويو. شير ميربحر، ملهه ۾ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا، هن هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، اهو شير ميربحر ئي هو جنهن آسٽريا جي آسٽن کي ٻڌايو ته ملهه رڳو طاقت ۽ هاٿي جهڙي بدن سان نه وڙهي ويندي آهي، پر ملهه هڪ مڪمل فن جو نالو آهي. رستم سنڌ پنهنجي جوهرن سان اها شيءِ چيڪو سلاويڪيا جي زيبسڪي کي به سمجهائي ته ملهه فقط ئي فقط سنڌ جي ارڏن اڙٻنگن جي راند آهي، جنهن ۾ زور کان وڌيڪ ڪسرت ۽ عقل جو استعمال ٿيندو آهي. جيسيتائين هن جو جوڀن هن سان همراهي هو. زندگيءَ جي 58هين سال ۾ گڙدن جي بيماري هن سان سَندرا ٻڌڻ شروع ڪيا، هو جيڪو سَندرن ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور هو، گڙدن جي بيماري اڳيان جهڪي پيو، هن جا گوڏا زمين تي لڳي ويا. ويتر بي وفا زماني جي اکين هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. اهو شير ميربحر جنهن تي ڪنهن زماني ۾ هزارين اپسرائون سر گهورينديون هيون، هزارين مرد هن سان هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ سِڪندا هئا. هاڻي شير ميربحر ويچارو ٿيو. اڪيلائي ۽ اٻاڻڪائي هڻي هنڌ ڪيو. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن اسان جو هي هيرو، پنهنجي هر فتح کانپوءِ زندگيءَ جي آخري ملهه هارائي ويو.