ملهه جو شهنشاهه: شير ميربحر (حميد سنڌي)
شير ميربحر اڄ به ملهه جو وڏو نشان ۽ علامت بڻجي بيٺو آهي ڪو وقت هو جو اسان ننڍي هوندي شير ميربحر کي نچندي، ڪڏندي، ٽپندي ۽ فتوحات ماڻيندي ڏٺو.اسانجي چاچي، بابي جي سئوٽ ڏاڏي عبدالغني سان محفلن ۽ ملاکڙن ۾ ويندا هئا سين ته ڳالهه ئي اور هوندي هئي. شيرميربحر جو ڏيل (جسم) ڏسي ڏهڪاءُ ٿيندو هو، پر سندس سهڻو شهپرن وارو مرڪندڙ منهن پسي ڊپُ ڊاءُ لهي ويندا هئا. اسان ڇوڪرن کي به شوق ٿيندو هو، ڪو شير ٿيندو هو ته ڪو انب شيدي، ته ڪو قلب علي جتوئي، ته ڪو جمالي اوطاق جي اڱڻ تي ملهون وڙهبيون هيون. ڪن کي ڪيرائبو هيو ته ڪي اسانکي ڪيرائيندا هئا. هڪ ماسات مونسان ٺڳي ڪري بنا سندري، تياريءَ جي جيئن مان بيٺو هوس جاٺو هڻي مونکي سنئين چوٽيءَ ڪيرائي وڌو، پوءِ سينو تاڻي سڀني ساٿين ۽ ٻين دوستن کي چوندو هيو ته "مون توهانجي شير کي دسي وڌو آهي." دوست چونداهيس ته" تو ٺڳي ڪئي آهي" ته هو چوندو هيو ته " هر وڏي ملهه کي دسڻ لاءِ حرفت ۽ هنر سان گڏ ٿوري گھڻي ٺڳيءَ جي به ضرورت آهي، هاڻي مان شير آهيان" انهيءَ عمل مونکي دل برداشت ڪري وڌو ۽ مون ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني؛ پر ملهه ڏسڻ نه ڇڏي اوسيتائين جيسيتائين رستمِ سنڌ شيرميربحر ملاکڙي جي ميدان ۾ حماليه جيان ڪَرُ کنيو بيٺل رهيو. شير کان پوءِ اسان جا شوق به جھڪا ٿي ويا. شير سنڌ جو سهڻو ملهه هيو جنهن پنهنجي طاقت ۽ فن جي زور تي پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو، هاءِ هاءِ اڄ اهڙا ملهه ڪٿي لڀن!
شير ميربحر ساهتيءَ جو هو، وڏو راڄائتو ۽ يار ويس ماڻهو هيو، اسانجي وڏڙن سان قرب جا رستا هيس. اوطاق تي ڪهي ايندو هيو ته سڀئي وڏڙا ۽ نينگر ٽڙي پوندا هيا انهيءَ زماني ۾ اوطاقون آباد هونديون هيون سنڌ جا ناياب هيرا جواهر اتي توربا تڪبا هئا ۽ کين وڏا مان ۽ شان سان نوازيندا هئا سگھڙ هجن، ڳالهير، ۽ داستان گو هجن، مانوارا ملهه هجن يا نوري ۽ محمد فقير جهڙا چرچائي ۽ ڀوڳائي اهي محفلون ميلا ملاکڙا اندر ۾ ائين رچجي اسانکي ائين ريٽو ڪري ويا جو اڄ به ان ماضيءَ جا ورق اٿلائيندي پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي سڦرو ٿا ڀانيون اها سڦلتا ماڻيندي خوش ٿيندا آهيون ته اهي ڏينهن شينهن جهڙن ماڻهن سان گڏ گذريا جن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اوهان کي ٻڌايون ويٺا.
سنڌي ميداني راندين ۾ ڪيتريون رانديون آهستي آهستي وساريون وڃن پيون پر صفحهءِ هستيءَ تان ميساريون نه ويون آهن. ملاکڙو اڄ به ميلي جو سينگار آهي ٻيلهاڙو لاڙي، ماتلي ۽ بدين ۾ موجود آهي ڪوڏي ڪوڏي، والي بال، گھوڙن جي گوءِ، ڏاندن جي گوءِ، نيزي بازي ۽ ٻيون ميدانن جون رانديون اڄ به سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن. پر بقول مرحوم عبدالله ميمڻ جي ته "ملاکڙو ماضيءَ جي ملهه پهلوانن جي ڪري سنڌ جي سونهن رهيو آهي. شير ميربحر، قلب علي جتوئي ۽ هاڻو ڪو نوجوان سرور جتوئي ڪوڻ سڏائي."
محترم عبدالله ميمڻ ڪمشنر حيدرآباد جنهن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ملاکڙي جي ٽورنامينٽ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ شاندار نموني ڪرائي، ملهه ائسوسيئيشن جو بنياد وڌو عبدالله ميمڻ (مرحوم) جي سٿ ۾ ڪيترا دوست گڏ هئاسين، آغا شهاب، ۽ چيف گيسٽ سردار غلام محمد خان مهر (مرحوم) باقي آءُ، عزيزم منظور ڀٽو، محترم علي محمد چنه ۽ ڪي ٻيا دوست انهيءَ دور جي ملاکڙي جو اوج بيان ڪرڻ لاءِ رهيا آهيون. جنهن ۾ شير ميربحر پنهنجي فن ۽ بهادريءَ سان دنيا جي نامور پهلوانن کي ماري مڃايو، شير ميربحر جڏهن ميدان ۾ سندرو ڪري لهندو هو ته ملهن ۽ ملهه جي پارکن جي مَنَ کي موهي وجھندو هيو.
زندگيءَ ساٿ ڏنو ته ملهه ۽ ملاکڙي جي شهنشاهه پهلوان شير ميربحر ۽ ٻين بهادر ملهن جا انهن دورن سان واڳيل ڪي داستان ضرور ٻڌائبا. منهنجي لاءِ سنڌ جي تاريخ جا اهي صفحا، ثقافتي انقلاب جي مُنڍPreamble) ) لاءِ ريڙهه جي هڏي مثل مڃيا ويندا. يار زنده صحبت باقي.