شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر

علي شير ولد علي محمد مير بحر 21 جون 1924ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هاڪارو ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. شير ميربحر ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقاعدي ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلدي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. هن ملهه جي سکيا پهريان پهلوان لقمان خشڪ کان ۽ پوءِ پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ کان حاصل ڪئي.
شير ميربحر جنهن کي "رستم سنڌ" جو اعزاز مليل هو سو ويهين صدي جو زبردست پهلوان هو، جنهن لاءِ اهو مشهور هو ته" هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي ملهه کي چوندو هو ته سندرو ڪري ويهه ته، آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان شير نه رڳو نالي شير هو، پر هو واقعي شير هو، ملاکڙو ۽ شير مير بحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هئا. شير ميربحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هو، هو طاقتور سگهارو ملهه هو، ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو، پاڻ 30 سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست پهلوان رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غيرملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي، ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. 1962ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي، شير مير بحر پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ڪيو ۽ "شير سنڌ" جو لقب حاصل ڪيو. سندس ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هي مقابلو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شير ميربحر هندستان جي پهلوان کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏئي پنهنجو پاڻ مڃرايو. شير ميربحر جو هڪ ٻيو يادگار مقابلو لکي بنگلي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي صدر پاڪستان محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر گڏجي ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير مير بحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني. هن مقابلي ۾ ايون خان کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو اٿي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو، انعام ڏنو ۽ هٿ ملائي چيائين ته، شير واقعي شير آهي. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين ملهه ڪرندو هو ته، ٻانهي ۾ هر گز نه ويهندو هو ۽ ميدان ۾ ئي پنهنجي مد مقابل جو انتظار ڪندو هو.
شير مير بحر سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اهو هن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جو ملهه اڄ ڪلهه سنڌ جي اهم راند تسليم ڪئي وڃي ٿي. هن جي ذاتي ڪوشش سان 1974ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ شاندار ملاکڙو منعقد ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽييلويزن تان به ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتن ۽ جدوجهد کي مدنظر رکندي، 1974ع ۾ ڀٽو حڪومت کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو، ليڪن 1984ع ۾ شير مير بحر جڏهن بڪين جي بيماري سبب سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. جنهن ماڻهو سڄي حياتي ملڪ ۽ فن جي خدمت ڪندي گذاري، افسوس جو ان ماڻهو جي عمر جي آخري حصي ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ نوڪري ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي وئي ۽ پاڻ انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985ع تي انتقال ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ پهلوان شيرميربحر تعلقي ڪنڊيارو ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي.
________________________________________________________________________
(ڪتاب "مارو جي ملير جا" مرتب: خادم حسين چانڊيو، ڇاپو پهريون 2004ع، ص-335-336، تان ورتل)