شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: سدا جرڪندڙ ستارو (شيخ عزيز)

منهنجو پيءُ هڪ خلافتي ملو هئو، تنهنڪري ترڪ ِموالات واري تحريڪ ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڃي افغانستان کان نڪتو. هن جو چوڻ هو ته: "اسان جا وڏا چورن جون قبرون سڃاڻيندا هئا، اسان مَن چورن کي منهن تي سڃاڻو!"
ڳالهه جو ڳاٽو هيءُآهي ته هاڻي انهيءَ جدول جو مرد گذري ويو آهي. هاڻي ته چورن جون قبرون ته پري جي ڳالهه آهي، مڻيادار ماڻهن کي جيئري به ڪونه ٿا سڃاڻون. اسان اڳين پيڙهين لاءِ چوندا هئاسون ته اهي مرده پرست آهن، پر هاڻي ته اسان مان اهو به افعال به نڪري ويو آهي.
ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي ته شير ميربحر جو ڳڻ اُتر لاڙ، او ويندي بهاولپور تائين ڳائبو هئو. هو پنهنجي ڏندين ڏاند هئو، وڏي ٽونئر وارو ماڻهو هو. پنهنجي شان مان سان گذاري کلندي ڪڏندي وڃي زمين سان مليو؛ پر مجال آهي جو ڪنهن سرندي واري، اقتدار جي ڌڻين مان ڪنهن هن جو مان لهي کيس زمين جو ٽڪر، ڪو وسيلو ڏنو هجي.
مان 1957ع ۾ اخباري دنيا ۾ پير رکيو. سنڌي هئڻ جي ناتي ملهه، ونجهه وٽي ۽ اهڙين ٻين راندين سان خاص لڳاءُ هئم، سو شير ميربحر سان ملڻ ڏکيو ڪونه هئو. ملياسين ته ڄڻ ورهين جا دوست هئاسين. مان ان وقت رئيس نجم الدين سريوال جي اخبار 'ڪاروان' ۾ پروف ريڊر هئس. شير جي ملڻ کان پوءِ اهو سوچيو ته اسان جي ليڊرن ۽ سرنديءَ وارن کي اهڙا گڻيوان ماڻهن تي نظر ڇو نٿي پئي. دل ۾ سوچيم جڏهن ڪنهن سڀري اخبار ۾ ڪم ڪيم ته ملهه کي مٿي کڻندس، ٿيو به ائين! ان وقت هر سياسي خاندان کي پنهنجي ٽوپي بچائڻ ۽ ٻئي جي پڳڙي ڌوڙ ڪرڻ لاءِ هڪ اخبار هئڻ ضروري هوندو هو. قاضي خاندان به اهوئي سوچي کڻي 'عبرت' اخبار ڪڍي. اخبار نڪرندي ئي مون کي آڇ ٿي. نئين اخبار جو شوق، سو کڻي ها ڪيم. پوءِ ڪا ملهه، ملاکڙو ڇا، سنڌ ۾ ڪٿي به ٿيندو هئو ته آءُ پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ وڃي پڄندو هئس. ائين ئي لڳو ته 'عبرت' ملهه ۽ ملهه پهلوانن جي اخبار ٿي ويئي هئي.
انهيءَ سموري ڪم ۾ شير ميربحر جي صلاح گڏ هوندي هئي. ان وقت اتر جي ٻاريءَ جو مهندار شير ميربحر هئو، جيڪو ان وقت جي سمورن پهلوانن کي ماري وڃي مهندار ٿيو هئو؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت لاڙ ۾ ڪو سڀرو پهلوان ڪونه هئو، سو قلب علي جتوئي، اصل شڪاپور جو، لاڙ جي ٻاريءَ ۾ اچي ويهندو هئو ۽ ائين لاڙ جي طرفان جتوئي مهندار ليکبو هئو.
فن جي لحاظ کان شير ميربحر صاف ملهه ڪندو هئو. ڪڏهن ٺڳي يا ملت ڪري وڙهڻ ڪونه ڪيائين؛ باقي طبع سخي هئڻ ڪري، گهڻن هيٺين ملهن سان وڙهي کين مٿئين جوڙ ۾ آڻيندو هو. قدآور، سڊول جسم، وضعدار شير ميربحر وڏو راڄائتو ماڻهو هو. جيڪڏهن ڪنهن ملهه ۾ نبيرو نه ٿيو يا ٻئي ملهه گڏ ڪري پيا ته شير ميربحر کي امين ڪري فيصلي لاءِ چوندا هئا. ان ريت ملاکڙو بدمزگيءَ کان بچي ويندو هو.
شير جي ڏينهن ۾ جيڪي نالي وارا ملهه هئا تن ۾ هئنڊل مڪراني، علي محمد ولاڻو، الهه جڙيو سمون، انب شيدي ۽ ان جو پٽ بکر شيدي، رحيم جمعدار، يڪو خاصخيلي وڏا ملهه هئا. هنن سڀني سان شير ميربحر پنهنجي دوستيءَ جو حق نڀائيندو آيو ۽ پڇاڙي تائين اها عادت نه بدليائين.
انهيءَ دور تائين اخبارون ۽ ريڊيو ملهه ۽ ملاکڙڻ جي خبرن تي ڌيان ئي نه ڏيندا هئا. مون اها روايت ٽوڙي، سنڌ جي هن راند کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري ڇڏيو.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ ٻين سنڌي اخبارن به ملهه تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، پر مون کي دماغ ۾ ٻيو ڪجهه هئو. منهنجو خيال هئو ته جيئن ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ هاڪي کي مختلف ادارا رانديگرن کي نوڪريون ڏيئي همت افزائي ڪندا هئا تيئن ملهه کي هٿي وٺائڻي هئي. اها ڳالهه شير سان ڪيم، شير ٽڙي پيو. تيئن سگريٽ دکائي، مُٺ تي رکي ٻه ڪش هڻي چيائين: "عزيز صاحب، جيڪڏهن اهو ٿي پئي ته سنڌ اُجري پوندي." مون وراڻيو ته، "همت ڪريون ٿا، اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو."
ون يونٽ جو زمانو هئو، ايوب خان کي سنڌ جي نالي تان ئي چڙ هوندي هئي. سو مون سوچيو ته مقامي سطح تي ڪا چئو چوائجي. ان وقت نياز احمد ڪمشنر هئو جيڪو ايوب خان جو ڏاڍو دادلو هو. ان سان ڳالهه ڪيم، ٻڌي چيائين: "ڳالهه ته ڏاڍي سٺي آهي پر لاهور مان ڪيئن ان لاءِ بجيٽ رکائجي ۽ خود اسپورٽس کاتي وارن کي به گذارش ڪجي." مان ڏٺو ته هن مان ٻوٽو ڪونه ٻرندو سو ماٺ ڪري انتظار ڪرڻ لڳس. ون يونٽ ٽٽو ۽ حميد آخوند ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ٿي آيو، ان کي ٻڌايم، ڳالهه هنئين سان لڳس. پنهنجي اختيارين کان ان مهل ئي پڇيائين ۽ ٻه نوڪريون 16 گريڊ جون به ڪڍيائين. هڪ الهه جڙيي سمي کي ۽ ٻي قلب علي جتوئيءَ کي ڏنائين. شير کي ٻڌايم، ڏاڍو خوش ٿيو. چيومانس: "شير جيڪڏهن حالتن ساٿ ڏنو ته اتي لطيف سرڪار جي درگاهه تي ملهه جو ٽريننگ سينٽر کولينداسين. پوءِ ڏسجانءِ ته جپان جو سومو پهلوان هتي ڪهي توهان سان ملهه وڙهڻ ايندو." پر ڇا ڪجي، هميشه وانگيان حڪومتون بدليون، آفيسر بدليا ۽ اڳوڻا ڪاڳر ئي ڪونه مليا. سو هڪ سال پگهار کڻڻ کانپوءِ انهن ٻن پهلوانن جون نوڪريون به ويون.
مون کي هڪ واقعو ياد آهي ته ميرپورخاص ۾ ملاکڙو هئو. انهيءَ ڏينهن گاما اسٽيڊيم ۾ اسلم پهلوان (ڀولو پهلوان جو ڀاءُ) ۽ ٻِيا سندن پَٺا به آيا هئا، سو دنگل جي شهرت لاءِ وڪٽوريا گاڏيون ڪري شهر ۾ گشت پئي ڪيائون.
شير ۽ ٻيا پهلوان پڙ ۾ لٿا هئا، ڪي سندرا وٽي رهيا هئا ته ڪي اڃا پڙ جو سلام ڀري رهيا هئا. اسلم پهلوان جو ٻڌو ته هتي سنڌ جي پهلوانن جو دنگل آهي سو هنن جي دل هرکي پئي. اچي ڀر ۾ چيائون ته: "اسان به وڙهنداسين." شير تن ڏينهن ۾ طبيعت ۾ به ٺيڪ ڪونه هئو، سو يڪي خاصخيليءَ کي چيائين ته "وڃي سندرو ڏينس." شير، يڪي جا هٿ وجهرايا. يڪي ڇڪي پاڻ سان ملائي ٻئي ٻاهريون هنيائينس. مٿو مٿي تي اسلم ڪريو ته سهي پر ٻڏي ويو. اسلم جي سيڪريٽري سليم چوڌريءَ، انٽرنيشنل ريسلنگ وانگيان ڳڻڻ شروع ڪيو. شير اتي ويو، سليم کي چيائين: "ملهه جو ٻڏل آهي. هزار تائين ڳڻ، ڪونه اٿندو." انهيءَ تي سليم چيو، "پوءِ ڪيئن ڪريان."
شير ٻه پٽيلا سڏيا جن اچي سندرو کولي ڪلهن وٽان ٻه زور ڏنائونس ته اسلم اٿي ويٺو.
جڏهن 'جنگ' اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويس ته غوث علي شاهه وزيراعليٰ هئو، ان حيدرآباد ۾ ٻين راندين سان گڏ ملهه جو به انتظام ڪيو. مون کان جيڪي پڳو، جنهن تي شير مون کي نياپو ڪيو ته اهڙي موج ڪرائيندؤ ته ملهه سنڌ مان ختم نه ٿيندي."
'جنگ' مان 'ڊان' وارا مونکي گهلي ويا. مون سوچيو ته، 'ڊان' جهڙي انٽرنيشنل پليٽ فارم تان گهڻو ڪجهه ڪري سگهبو. پر هڪ ڏينهن اطلاع آيو ته شير ميربحر ڏيهه ڇڏي ويو. مان دل ۾ سوچيو ته گهٽ ۾ گهٽ آخري سلام ضرور ڏيڻ گهرجي. لکيم: سادو هئو پر ڏاڍو دل لڀائيندڙ هئو. جيئن مان سنڌ جي گهڻن ئي ماڻهن کي ياد ڪندو آهيان، شير لاءِ منهنجو آخري سلام، گهڻين يادن کي تازو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئو.
مرڻ قدرت جي هڪ سلسلي جي ڪڙي آهي. پر ڇا اسان گڻي ماڻهن لاءِ سندن زندگي ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ اسان کي مرده پرستي جي زمري مان نڪرڻ گهرجي. اهو شير؟ اهڙن مڻيادار ماڻهن جي لاءِ بهترين يادگيري آهي. هو هڪ سدا جرڪندڙ ستارو هئو.