ملهه، شيرميربحر پهلوان جون ٻه ملهون ٿين، پر ماريو انهيءَ جنهن پوئين ملهه ماري، ملهه ڪندي جيڪڏهن ڪنهن به پهلوان جو گوڏو يا تري کُتي يا جسم جو ڪو به عضوو پٽ تي لڳو ته اُن هارايو پر جي هڪ ئي وقت ٻنهي پهلوانن جا عضوا پٽ تي لڳا ته وري ٻي ملهه ٿيندي. ائين پهرين ملهه جنهن پهلوان ماري سو پڙ جو چڪر هڻي، انعام وٺندو ۽ جنهن هارايو سو وڃي ٻاري ۾ ويهندو. ائين ساهي پٽي ٻي ملهه ڪندا. پوءِ جنهن ٻي ملهه ماري اُن کٽيو ۽ ان کان هارائيندڙ پهلوان جو پلاندي اُٿي پلاند وٺندو. کٽيندڙ پهلوان انهي سان به ٻه ملهون ڪندو، جنهن پوئين ملهه ماري ان کٽيو ۽ اهڙي ريت ملهون ٿينديون اينديون. ملاکڙو هلندو رهندو. تان جو سج لهندو ۽ ملاکڙو باهڙبو، ائين هر ميلي ۾ ٽي ڏينهن ملاکڙو ضرور ٿئي. اڳي هن راند ۾ جهلڻ، گوداورو، ٻرڙو، الهه بچايو ۽ مهر وغيره مشهور پهلوان ٿي گذريا آهن. جنهن کان پوءِ وري هينڊل، هوشو ۽ شير ميربحر وارن سُٺو نالو ڪڍرايو، مرحوم شير ميربحر پنهنجي وقت جو نالي وارو ملهه ٿي گذريو آهي. هي پهرئين جوڙ جو ملهه هو ۽ هن سال 63-1962ع ۾ يورپ جي مشهور پهلوان زيبسڪو کي هارائي شاندار سوڀ حاصل ڪئي هئي. هن وقت گوپانگ، جمادار، يڪو خاصخيلي، غلام سرور جتوئي ۽ سيد سمن شاهه سُٺي ملهه ڪن ٿا. (ڪتاب: سنڌ جون رانديون، تحرير : عادل سخيراڻي ، ترتيب: ملوڪ لنڊ، دادو )