پهلوان علي شير ميربحر (رستمِ سنڌ)
شير ميربحر ٽئين جوڙ کان ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ پهرين پهرين محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي هڪ ملاکڙي ۾ ملهه وڙهڻ جي بسم الله ڪئي ۽ سرسي ۾ رهيو. اهڙي طرح هي پهلوان سنڌ جي هر ميلي ۽ ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندو رهيو. ٻن سالن اندر ترقي ڪري ٻئي جوڙ ۾ پهچي ويو.
ٻئي جوڙ ۾ پهچي شير ميربحر ڪافي مشهوري حاصل ڪئي. هڪ سال اندر ٻئي جوڙ جي سڀني ملهن کي دسي پهرئين جوڙ ۾ اچي پهتو.
پهرئين جوڙ ۾ پهچڻ بعد شير، پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو، جو ان وقت جو نالي وارو ملهه پهلوان هوندو هو. پهرئين جوڙ ۾ شير کي لالا نواز علي خان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ دعا ڪيائينس ته انشاءَالله سنڌ ۾ نالو ڪڍائيندين. واقعي ٿيو به ائين. لالا نواز علي خان شير پهلوان کان زبردست پهلوان هو، مگر نالو شير ميربحر جو مشهور آهي.
شير ميربحر سنڌ ۾ پنهنجي وقت جو هڪ زبردست پهلوان ٿي رهيو آهي ۽ اڃا تائين به پنهنجو "شيرِ سنڌ" وارو لقب برقرار رکندو آيو آهي. شير ميربحر جو چاچو پيرل خان ميربحر به تمام نالي وارو پهلوان ٿي گذريو آهي. شير پهلوان پنهنجي چاچي جي شوق ۾ ملهه سکيو. شير پهلوان کي پهريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش ڀٽي ڏنو. هن ملاکڙي جو اڳواڻ زوار در محمد ميربحر هو، جنهن سنڌ جي اُترئين علائقي ۾ ناٽڪي ملاکڙي جو بنياد وڌو. شير پهلوان راڻيپور جي گاديءَ وارن پيرن حضرت محي الدين شاهه جن جو مريد ۽ سندن ئي پهلوان آهي. هن پهلوان کي "شير سنڌ" جو لقب هالا ۾ 1962ع ۾ هڪ انگريز پهلوان زيبسڪو سان مقابلي ۾ فاتح ٿيڻ بعد ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح شير پهلوان هڪ ٻئي غير ملڪي پهلوان گرنام سنگهه سان به مقابلو ڪيو، جنهن ۾ به فاتح قرار ڏنو ويو.
پهلوان شير ميربحر سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ انعام کنيا آهن ۽ اڃا به کڻندو اچي ٿو. هڪ درويش نالي بَرڙو فقير هن جي ملهه ڏسڻ جي شوق ۾ سارو عرصو ساڻس گڏ رهندو پئي آيو آهي. شير پهلوان پاڻ ٻڌايو ته مون تي مير علي ڏني ڪوٽڏيجيءَ واري جي تمام وڏي مهرباني آهي ۽ ان جو شڪرگذار آهيان. هن ٻڌايو ته مير صاحب اسانجي اتر ۾ مل هه جي فن جو وڏو قدردان آهي.
شير ميربحر کي 1975ع تائين ملهه وڙهندي اٽڪل 27-28 سال ٿيا آهن، سندس عمر هن وقت 49-50 سال ٿيندي. ڇهه پٽ به اٿس. وڏي عمر جو پهلوان هوندي به نوجوان پهلوانن سان مقابلا ڪندو رهيو. سندس گهڻا شاگرد هينئر به پهرئين جوڙ ۾ ملهه وڙهندا آهن. هن وقت رٽائر ڪري، فقط نوجوانن جي ملهه جي فن ۾ رهنمائي ڪندو ۽ کين تربيت ڏيندو رهندو آهي. ڪجهه پڙهيل به آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ جو بي.ڊي ((B.D ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. سٺي اخلاق ۽ صبر وارو ملهه پهلوان آهي. ڪڏهن به پنهنجي تعريف نه ڪندو آهي ته آئون ڪو اهڙو بهادر آهيان. سدائين نياز ۽ نِوڙت سان هلندو ۽ ملندو آهي. اها سندس خاص خوبي ڳڻي ويندي آهي.
(ڪتاب: ملهه ۽ ملاکڙا، مصنف: محمد عثمان ڀٽي ابن "خواب" حيدرآبادي، ڇاپو پهريون، نومبر 1975ع، باب چوٿون،
صفحه: 63 کان 65 تائين )