شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

ملهه ڪملهه ۽ شير ميربحر (اقرار پيرزادو)

ملهه سنڌ جي قومي، عوامي راند آهي، هيءَ راند صدين کان سنڌ ۽ ان جي سرحدي خطن ۾ رهي وڃي ٿي. ملهه هر دور ۾ سنڌ جي مقبول ترين راند رهي آهي، ميرن جي صاحبيءَ ۾ ملهه کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. انگريزن جي ايام ۾ نواب، سردار ۽ راڄيا ملهه ۽ ملهن جا سرپرست رهيا ۽ پياري پاڪستان ۾ درگاهن جا فقير هاري ناري ۽ پورهيت پنهنجي قوت گذران مان حصو ڪڍي ملهه کي قائم دائم رکندا آيا آهن. ملهه راند به سنڌ ڌرتيءَ وانگر سنئين سنڌي آهي، جنهن ۾ ٻه پهلوان سينا ملائي ۽ ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ريسلنگ ۽ پهلوانيءَ جي ٻين راندين ۾ مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ هر قسم جو جائز ناجائز وار ڪيو ويندو آهي ، پر ملهه ۾ "اڙيءَ" جو ڪو تصور ئي ناهي. برابر ملهه سان ملندڙ جلندڙ رانديون ته پوري عالم ۾ کيڏيون وڃن ٿيون پر ملهه جا اصول قاعدا ۽ قانون جهڙوڪ سندرا ڇڪي ٻڌڻ، هٿ وجهرائڻ ۽ هٿ نڪري وڃڻ جي صورت ۾ ساهي کڻي (پاڻي ڪرڻ) ٻيهر هٿ وجهڻ ۽ پوئين ملهه تي هار جيت جو فيصلو ٿيڻ ان کي ٻين راندين کان مختلف ۽ بهتر بنائي ٿو. ملهه راند جو مقصد مخالف کي پٽ تي ڪيرائڻ آهي. ان لاءِ طاقت سان گڏ هنر حرفت ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت هوندي آهي، جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ گهڻا تڻا اهڙا کيڏاري هوندا آهن، جيڪي ڪجهه شاٽ ئي کيڏي سگهندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي منهن ڏيڻ سندن وس ۾ نه هوندو آهي، پر ڪجهه اهڙا به کيڏاڙي ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو شاٽ مزي سان کيڏي ويندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي ڪاريگريءَ سان ڪڍي ويندا آهن. اهڙي طرح ملهه جا سڀ پهلوان به سمورا داءَ پيچ استعمال نه ڪري سگهندا آهن پر ڪجهه اهڙا به پهلوان ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو وارو ڪري ويندا آهن، اهي مخالف پهلوان کي جانٺا، ونگ، اندريان، ٻاهريان، پٺا، پاسا، من، ڦيريون، اکريون مهريون ۽ ٻلهڻ ڪري دسي وجهندا آهن. ملهه جا ڪجهه پهلوان واري ڪرڻ کان قَسَم کڻي ڇڏيندا آهن، اهي پهلوان کي هٿ وجهي ان آسري تي پوئتي مضبوط ٿي بيهي رهندا آهن ته مخالف اڳ وارو ڪري ته هي کيس کٽائي دسي وجهي، اهڙن پهلوانن جي ملهه مزي واري نه هوندي آهي، اهڙي ملهه ڏسندڙ کي لطف بدران عذاب ڏيندي آهي، جيڪو ملهه هٿ پوڻ سان وڄ بڻجي وارا ڪري ان کي ئي پسند ڪيو ويندي آهي ۽ ان جي هاڪ هنڌين ماڳين پئجي ويندي آهي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر به اهڙن ئي گڻن ۽ اکرن وارو ملهه هو، جنهن به ماڻهو شير ميربحر جي ملهه ڏٺي، اهو يا عُمر هن کي وساري نه سگهندو.
ملهه جي هزار ورهين جي تاريخ ۾ ڪنهن به پهلوان کي اهڙي شهرت ۽ مڃتا نه ملي جيڪا پهلوان شير ميربحر جي پکي پئي. جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ سرڊان بريڊمين ۽ ٽنڊولڪر ۽ فٽبال ۾ ميراڊونا نالو ڪمايو، ٻنهي راندين جو ڪو به اهڙو کيڏاڙي يا شوقين نه هوندو جيڪو انهن عظيم کيڏاڙين کان اڻ واقف هجي، اهڙي طرح پهلوان شير ميربحر جي نالي کان ڪو به ملهه پهلوان اڻڄاڻ نه هوندو.
پهلوان شير ميربحر خانواهڻ جي ڀرسان ڀونئر ڳوٺ ۾ 21 جون 1924ع ڌارا فارسيٽ آفسير علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو. شير ميربحر 1942ع ڌاري ملهه جي شروعات ڪئي، انهن ڏينهن ۾ اسان جي تر ۾ شادي ڪاڄن توڙي خيراتن تي ملهه جا مقابلا ٿيندا هئا، انهن ملاکڙن ۾ اسان جي تر جا شير ميربحر ۽ غوث (غوثو) ڪلهوڙو ٻئي جوڙ ۾ مڃتا ماڻي پهرين جوڙ ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ٻنهي جي ياري به مثالي هئي، (غوثو ڪلهوڙو وڏي ڄمار ماڻي گذاري ويو). غوثو ڪلهوڙو به شير ميربحر جيڏو ئي قداور مڙس هو. چون ٿا ته هُو ملاکڙي ۾ موجود هوندو هو ته شير جي دل ٻيڻي ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن جي شير ملهه مارجي ويندو هو ته غوثو ئي ان جو پلاند ڪندو هو پر جيڪا مشهوري شير ميربحر جي حصي ۾ آئي، ان کان غوثو ڪلهوڙو ڄڻ ته محروم رهجي ويو.
شير ميربحر پنهنجي روءِ ۾ به سراسر پهلوان هو، ڊگهو قد، موڪرو منهن جنهن تي ماتا جا نشان اڃا به سندس سونهن سرس بنائيدا هئا، کيس موڪري منهن تي ڊگها وريل شهپر هوندا هئا، رنگ جو نه ڀورو ۽ نه ئي سانورو هُو، اڪثر پهلوانن جا وهي چڙهڻ سان گڏ پيٽ ٻاهر نڪري ايندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊولا لڳندا آهن پر پهلوان شير ميربحر سان زندگيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙو مسئلو پيش نه آيو. شير ميربحر جهڙو هو صورت جو موچارو اهڙو هو ملهه جو ڪاريگر ان ڪري هن سڄو ملڪ مطيع بنائي ڇڏيو هو، سندس پرستارن ۾ رياست جي والي کان وٺي وزير، پير، مير، سردار ۽ عام ماڻهو هئا، وڏا ماڻهو شير ميربحر جي مهماني پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا ۽ هي جڏهن ڪٿان گذرندو هو ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اڄ به شير سنڌ جي ايام جا ماڻهو چون ٿا ته "شير ميربحر وانگر ملهه ۾ بيهڻ ۽ ٻانهين ۾ گهمڻ ٻئي ملهه کي اچي ئي نٿو."
پهلوان شير ميربحر ڪيترن ئي پرڏيهي پهلوانن سان به مقابلو ڪيو، جن ۾ چيڪو سلواڪيا جو زيبسڪو، هندستان جو گرنام سنگهه ۽ انگليند جو آسٽن شامل هئا . جن کي شير ميربحر هنر سان قابو ڪري ڪيرايو ۽ برطانوي پهلوان جا ته هڏ به ڀڃي وڌا پر ان وقت سنڌ جا ملهه پهلوان به ڪي گهٽ نه هئا، آچار شيدي، قلب علي جتوئي، انب شيدي، بکر شيدي، تڳيو ڦل، لالو ڦل ۽ ٻيا به ڪيترائي پهلوان هئا، جن کي به وڄ جا پاڻي هئا جن سان شير سنڌ جا اڪثر مقابلا ٿيندا رهندا هئا. ملهه ترڪڻ بازي آهي. سدائين ساڳيو پهلوان نه ٿو جيتي سگهي پر شير ميربحر انهن سڀني کي سوايو ماريو. منهن جا وڏڙا جيڪي ملهه جا شوقين ۽ قدردان هئا، اهي اڪثر شير مير بحر جي مقابلن جو ذڪر ڪندا رهندا هئا، جيڪي هنن راڻيپور، ڀٽ شاهه ۽ ٻين ميلن تي اکئين ڏٺا. هنن جو چوڻ آهي ته "شير ميربحر جي هر ملهه يادگار ٿيندي هئي"
جهڙي ريت فٽبال، هاڪي، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ريسلنگ وغيره ۾ فڪسنگ جون خبرون هلن ٿيون، ملهه به ان الزام کان آجي ناهي، ملهن تي به اهي لازام لڳندا رهندا آهن ته اهي پهلواني ڏيکارڻ بدران ڪملهه ڪن ٿا ۽ جنهن پهلوان کي وڌيڪ پئسو پئي ٿو ان کي هٿ سان ملهه ڏني ويندي آهي.
ڪجهه پهلوان ان حوالي سان شير مير بحر ڏانهن به آڱر کڻن ٿا ته صلاح جي ملهه جي شروعات شير ميربحر ڪئي پر ان حوالي سان 85 ورهين جو حامد چنو ان ڳالهه کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. هي چوي ٿو ته: "ان وقت وارا پهلوان ڪملهه کي عيب سمجهندا هئا، اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ماني ئي نه کائيندا هئا، چي "جيڪو پٺيءَ کان ٻانهن ورائي هٿ وجهي ان سان ڪهڙو کائڻ پيئڻ!" حامد موجب (مون جواني ۾ شير ميربحر کي اڳوڻي ايم پي اي سردار واحد بخش ٻگهئي جي طهر واري ڪاڄ تي ملهه وڙهندي ڏٺو، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهلوان گهرايا ويا هئا، جنهن ۾ آچار شيدي، غوثي ڪلهوڙي کي ماري ويو، ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، شير رڙيون ڪري آچار کي مقابلي لاءِ للڪاريو پر آچار شير سان ملهه وڙهڻ بدران وڃي ڪپڙا پاتا. اهڙي طرح سرائيڪي ويب جو پهلوان دوست محمد هوندو هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته اُهو جنهن به ملهه سان ڏمرجي وڙهي، اهو مري نه ته ضرور کري، پر ان تي شير ميربحر فلڪ ئي نه آندي ۽ ٽئي ڏينهن کيس وارا ڪري ماريو. منهنجو نانو مرحوم يعقوب علي پيرزادو ٻڌائيندو هو ته شير ميربحر راڻيپور جي پِيرن کي تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ عوام جي اکين جو به تارو بڻجي ويو هو، اهو جڏهن راڻيپور جي ميلي ۾ ڪرندو هو ته ميلو ئي ڦٽي ويندو هو، ملاکڙي مان چس هليو ويندو هو، دڪانداري ختم ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري پهلوان به اهو چاهيندا هئا ته شير ميربحر ملاکڙي ۾ چڙهيل هجي، اهو سندس پڇاڙيءَ وارو دور هو پر پوءِ به پڪ ناهي ته شير ڪا ڪملهه ڪئي ڇاڪاڻ جو ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان پهچندا هئا ۽ اتي ڪملهه جو تصور ئي نه هو، تڏهن به هن پوڙهي شير کي پهلوان ڏکيو ماريندا هئا. هر راند ۾ ڪجهه رانديگر اهڙا هوندا آهن، جيڪي فڪسنگ جهڙو غلط عمل ڪندا آهن، پر سمورن کيڏارين کي ائين چوڻ غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا ملهه پهلوان آهن، جن لاءِ صلاح واري ملهه گار برابر آهي، اڄ به اهڙا پهلوان آهن، جيڪي شير مير بحر ۽ قلب علي جتوئي جون سڪون لاهن ٿا، اهڙا پهلوان رڳو ڀٽ ڌڻي جي ميلي واري ملاکڙي ۾ پسي سگهجن ٿا ۽ جتي ڪٿي اهي ميسر نٿا ٿي سگهن. منهنجي تر جي پهلوان پرويز اعواڻ لاءِ به ڪملهه مهڻي برابر هئي، جنهن ننڍي قد هئڻ باوجود وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ (35) ورهين جي ڄمار ۾ ملهه کان رٽائرڊمينٽ ورتي. اها به حقيقت آهي ته سنڌي ملهه کان ڪملهه وڌيڪ مزيدار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو ٺاهه هئڻ جي صورت ۾ اها ملهه چڱو خاصو وقت وٺي ٿي، ڪي ڪي سمجهو ئي ڄاڻي وٺندا آهن ته هيءُ ڪملهه آهي نه ته عام سچي ملهه کي ڪملهه ۽ ڪملهه کي سڌي سمجهڻ جي غلطي ڪري وجهندو آهي. انعام به ڪملهه ڪندڙ کي سچي ملهه واري کان جهجهو پوندو آهي،جنهن ڪري ڪيترا پهلوان ڪملهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.
وڏڙا ٻڌائين ٿا ته رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي دور جي سمورن پهلوانن کي سوايو ماريو، رڳو رستم پاڪستان سيد سمن شاهه ئي اهڙو پهلوان هو، جنهن شير ميربحر کي گهڻو ماريو، جو ان وقت شير جواني چڙهي پيريءَ ڏانهن پير پائي چڪو هو ۽ سيد سمن شاهه ڦوهه جواني ۾ هو. مون پهلوان شير ميربحر جي ڪڏهن ملهه نه ڏٺي پر 10-14 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مائٽن سان تر جي لڳندڙ محبڻ شاهه، نانگي شاهه، دادلي سائين جي ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ پهلوانن کي هٿ وجهرائيندي ڏٺو. ان دور جا وڏا وڏا پهلوان کيس ڏسندي عقيدن مان سر جهڪائي ڇڏيندا هئا.
هڪ ڀيري محبڻ شاهه جي ميلي تي پهلوان شير ميربحر جي پٽ منور کي پهلوان علي حسن شيخ جي ننڍي ڀاءُ الهه بچائي شيخ ڌڪ ڏئي ٻئي ملهون ماريون، ان وقت شير سنڌ جو منهن ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو ۽ ان ميلي ۾ ويٺل پنهنجي دوست کي چيو. "پهلواني هنن کان زور آهي، ان مند ۾ اسان سان جيڪو هڪ ملهه وڙهندو هو سو ٻي ملهه ڪندو ئي نه هو ۽ هي هيٺيون پاسو ڪنهن کي به نٿا ڏين."
پهلوان شير ميربحر کي 1974ع ۾ ملهن جي قومي ڪوچ جي زمينواري سونپي وئي هئي، جنهن کي هو خوش اسلوبي سان نڀائي رهيو هو پر جڏهن 1977ع ۾ وردي پوش ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته شير ميربحر جي نوڪري ختم ڪئي وئي، جنهن خلاف سنڌ جي هن سپوت عدالت ۾ ڪيس ڪيو، جنهن سندس حق ۾ فيصلو ڏنو پر جڏهن 1984ع ۾ کيس گڙدن جي بيماري وڪوڙي وئي، تڏهن سرڪار هن عظيم پهلوان جي سهائتا بدران سندس قومي ڪوچ واري نوڪري ختم ڪري ڇڏي. جرمن چوڻي آهي ته "جنهن قوم وٽان راندين جا ميدان ختم ٿي وڃن، سمجهو ته اها زوال طرف وڌي رهي آهي."
شير ميربحر جي دور ۾ ڀارت ۾ ڊوڙ جو عظيم رانديگر مليکا سنگهه موجود هو، اڄ ايئرپورٽ کان وٺي ڪيترائي ادارا ان جي نالي سان قائم آهن پر اسان واري سرڪار پهلوان شير ميربحر جي نالي سان بين الاقوامي ملاکڙو به منعقد نه ڪرائي سگهي آهي، نه ئي هن قومي هيرو جي نالي سان ڪو ايوارڊ ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڀلي ته سرڪار سڳوريءَ کي تاريخ جو هي املهه پهلوان ياد به نه هجي پر هو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سمايل آهي ۽ صدين تائين سنڌي لوڪ پهلوان شير ميربحر جو نالو عزت ۽ احترام سان کڻندا رهندا.