شير ميربحر جو لاڏاڻو
انا الله و انا اليه راجعون.
مرحوم شير ميربحر جو نالو اهل سنڌ لاءِ يقينن ڄاتل سڃاتل هو. ان لحاظ کان به ته ملهه جي راند ۾ کيس قدرت وڏي مهارت ڏني هئي، جنهن جي ڪري کيس 'رستمِ سنڌ' جو لقب مليو هو. سندس ئي ذاتي ڪوششن جو عمل دخل هو ، جو ملهه راند جا سرڪاري حيثيت سان مسئلا حل ڪرڻ جا اپاءُ ورتا ويا. سندس زندگيءَ جو ڪيترو عرصو ملهه راند جي خدمت ڪندي گذريو، اڄ به سموري سنڌ ۾ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي سنڌ جي هن عظيم ۽ قديم راند جي فروغ لاءِ هر وقت ۽ هر دم ڪوشان رهندا پيا اچن.
25 سال ملهه جي راند رهندي هن ڪيترن پرڏيهي پهلوانن سان مقابلا ڪري پنهنجي ملڪ جو مان ۽ شان وڌايو. هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگهه ۽ يورپي پهلوان زيبسڪو سان ملهه وڙهي کين شڪست ڏيڻ جي عيوض سندس نالو دور دور تائين مشهور ۽ معروف ٿيو.
بدقسمتي سان ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ جي راندين، ثقافت ۽ قديمي ورثي بابت ارباب اختيارات جنهن بي حسي جو مظاهرو ڪندو پيو اچي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ دلچسپي وٺي فنڊز منظور ڪري همت افزائي به پئي ڪري ٿي ته ارباب اختيارات ان سلسلي ۾ يا ته ڪا به دلچسپي نٿا وٺن، يا وري مرڳو اهي فنڊز عجيب و غريب طريقن سان خرچ ڪيا وڃن ٿا، جو انهن جو اصلي مقصد نٿو حاصل ٿئي. بهرحال اهو هڪ طوالت جوڳو بحث آهي، جنهن جي طوالت کان پاسو ڪندي اسين فقط اهو چونداسين ته ملهه راند، سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي، جنهنجي هر طرح سان همت افزائي ٿيڻ گهرجي. نامور ملهه جيڪي بعد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا، انهن جي هر طرح سان مالي امداد ڪرڻ گهرجي. راند ڪندڙ نامور ملهن کي باقاعده وظيفا ملڻ گهرجن، پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن حڪومت سنڌ هن راند جي هر طرح سان همت افزائي ڪرڻ لاءِ خصوصي اُپاءُ وٺي، ته جيئن اسانجي هيءَ قديم راند ترقي جا وسيلا حاصل ڪري سگهي.
مرحوم شير ميربحر جي وفات سبب ملهه راند کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جو پورائو تمام گهڻي وقت تائين ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ ڪو به ڏکن ۽ سُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيو، جيڪو هڪ افسوس ناڪ عمل آهي. بهرحال زندگيءَ جي سفرنامي تي ڪنهن سان ڪهڙي شڪايت شل حورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ هن شخص کي سدائين ياد رکندي.
(ايڊيٽوريل "سنڌ نيوز" حيدرآباد، 30 مارچ 1985ع)