شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

دل ته ڪنهن کي ڏني يا نه ڏني پر ملهه ڪنهن کي به نه ڏني _(پروفيسر عبدالله ملاح)

جڳ مشهور روسي زبان جي هاڪاري شاعر رسول حمزه توف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب "ميرا داغستان" ۾ لکيو آهي ته:
"داغستان جي ڳوٺ ۾ مائٽ پنهنجي اولاد جون سالگرهون تڏهن ملهائيندا آهن جڏهن سندن اولاد ڪو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي جيستائين سندن اولاد جي ڪارنامن جي ڪا کين مبارڪ نه ملندي آهي تيستائين هو اولاد جي سالگرهه نه ملهائيندا آهن پوءِ اولاد کين ڀلي کڻي ڪيترو به پيارو هجي."
رسول حمزه توف جي ڳوٺائين جي ان روايت کي سندن اولاد ڪئين ٿي سمجھيو يا دنيا قبول ڪيو يا نه پر پنهنجي جاءِ تي ڳالهه وڏي آهي ڳالهه ۾ دم ضرور آهي ڇاڪاڻ ته ڄمڻ به اهو ڄمڻ آهي جنهن ڄمڻ جو اعلان مائيٽ نه پر زمانا ڪن ۽ زمانا ان جنم جو اعلان ڪندا آهن ان شخص جي پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪي شخص پنهنجي ڪنهن قابل ذڪر عمل ۽ ڪارنامي سان گڏ جنم وٺندا آهن. جنهن ماڻهو پنهنجي حياتي ۾ اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي جنهن ڪم جو گڏيل زندگي جي روان دوان ادا سان ڪو تعلق هجي، زندگي جي گڏيل وهنوار ۽ سرگرمي سان واسطو هجي ته پوءِ اهڙو جنم فقط پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ مبارڪ آهي ان جنم تي ماڻهو هلي اچي ان شخص کي سندن جنم تي واڌائي نه ڏيندا. ماڻهن جي جنم ۽ مرڻ جا اعلان ماڻهن جا ڪم ڪندا آهن ۽ جنم به اهو آهي جنهن جنم جو اعلان زمانا ڪن باقي ماڻهو ته گهرن ۾ روز ڄمن پيا ان کي ڄمڻ ٿوروئي چئبو آهي.!!
سوين هزارين لکين ڪروڙين ماڻهو اڄ به دنيا ۾ جيئن پيا پر سندن جنم جي يا سندن هئڻ جو علم پنهنجي گهر ڀاتين کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به ناهي جيئرا آهن تڏهن به ڪنهن کي خبر ناهي ته آهن يا نه، پر اهڙا مڙس به ٿي گذريا آهن جو اڄ دنيا ۾ ڪونهن مري ويا آهن پر انهن جي حياتي جي ساک زماني جي هر بَهارَ ڏئي ٿي. آسمان جا تارا ۽ زمين جا گل سندن جنم جا ساکي آهن، ڳالهه سالگرهه جي به ناهي. ڪيترا ماڻهو هئا ۽ آهن جن جي ڪابه سالگرهه گُسي نٿي هر سالگرهه وڏي اهتمام سان ملهائي وڃي ٿي، ڪيڪ، شربتون، ڀت پر اهي رڳو گهر ڀاتين طرفان يا خود پنهنجي طرفان ملهايل سوين رنگين ۽ پرڪيف سالگراهون جي باوجود اهي ماڻهو زماني جي د ل ۾ جاءِ پيدا نه ڪري سگھيا. وڏيون عمريون هنن ماڻيون "پر نه تو سئا نه مون سئا."
حباب ئي هئا وادي ان وچ ۾
پاڻي تي ڦوٽو هئا گهڙي جو کيل ٿي ويا ۽ اهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن جن جون سالگراهون ته پري جي ڳالهه آهي پر ڳڙ واري ڀت ۾ مائيٽ سندن ڇٺيون به نه ڪري سگھيا. مبارڪين جي موٽ ۾ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ وٽن ٻه کارڪون به نه هيون پر هنن زندگي جي بازار ۾ اهڙا ميلا مچايا زندگي جي رزم ۽ بزم ۾ اهڙا رنگ ڀريا جو جيئري ته جيئري مئي پڄاڻان به سندن پچارن سان پٽ پيا مهڪن. زمانا گذري ويا، سر سڪي سال ٿيا، پر سندن ڳالهين جا پاڻي نٿا کٽن، دليون ته دليون سندن نالا ڀتين مان پار ٿي ويا.
سنڌ جي ملوڪ ملهه پهلوان شير ميربحر جون مائيٽن خبر ناهي ڪڏهن سالگراهون ملهايون يا نه پر سنڌ سندس يادگار سالگرهه 1966ع ۾ ملهائي جڏهن هن هڪ بين الاقوامي ملهه مقابلي ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي ميدان ۾ هندستان جي نامور ملهه گرنام سنگهه کي عبرتناڪ شڪست ڏني هئي ۽ هند سنڌ ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي هئي.
ڪنهن به چڱي عمل يا ڪنهن زندگي بخش باعث فخر ڪارنامي مان مراد اها ناهي ته ڪو ماڻهو جبل ڪيرائيندو وتي، يا ملڪن تي حملا ڪندو وتي، يا ڪو فوج جو سپهه سالار هجي يا بادشاهيون ڪري دربارون سجايو ويٺو هجي يا وزير امير ٿي وڃي پر حياتي جي نگاهه ۾ ڪوبه اهڙو عمل ۽ ڪارنامون جنهن عمل ۽ ڪارنامي جو زندگي جي گڏيل وهنوار ۽ سرگرمي سان مثبت لاڳاپو آهي جنهن ڪارنامي ڪم يا عمل جي ذريعي زندگي سان پيار پيدا ٿئي، انسان جو انسان سان تعلق پيدا ٿئي، سندس عمل ۽ ڪارنامون انساني مسرت جو سبب بڻجي، انساني محابي جي مضبوطي جو ڪارڻ بنجي، انساني تاريخ جي نگاهه ۾ اهو ڪارنامون ۽ ڪم انساني چڱائي جو معراج آهي، انساني بلندي آهي.
جيئن ڪو رڻ ۾ گيت ڳائڻ، مقتل ۾ ڪو عشق جو نظم چوڻ، دربار ۾ زنجيرون پائڻ، غريب ڪنوار ۽ گھوٽ جي شان ۾ ڪو لاڏو چوڻ ڪو دريا هه ترڻ، ڪو رڻ ماپڻ، ڪو زندگي سان سنڱ پيدا ڪرڻ، ڪو وڻ پوکڻ، ڪو جانور سانڍڻ، ڌراڙ جو چنگ، لاهياري جو ڳيو، ڪنهن ملاح جو لهندڙ سج وقت ٻيڙي ۾ ڳايل ڳيت، ڇتين تي بيهي لغڙ اڏائڻ، ڪو ڇڪو هڻڻ، ڪا وفا ڪرڻ، ڪو ڀاڪر پائڻ ۽ ڪا ملهه وڙهڻ ۽ ملهه مارڻ. زندگي جي عظيم دربار ۾ وڏايون هي آهن، ڪارنامه هي آهن. ڪم هي آهن جيڪي مڙسن جي ڄمڻ جا اعلان ڪن ٿا يا پاڻ ۾ رياضت ڪري محنت ڪري وقت جو رڻ جهاڳي، ڪو اهڙو گڻ پيدا ڪجي، ڪا اهڙي ڪردار جي سونهن پيدا ڪجي جيڪو گڻ، جيڪا ڪردار جي سونهن فقط ان شخص جي ميراث هجي، بادشاهه بادشاهيون لٽائي به اهو گڻ حاصل نه ڪري سگھن. نه وري سپهه سالار ۽ لٽيرا تلوار جي زور تي اهو گڻ ۽ ڪردار جي سونهن ڪنهن کان ڦري پنهنجي ڪردار جي لباس ۾ سجائي سگھن.
شير ميربحر وٽ جيڪي ملهه وڙهڻ جي سگهه، لياقت ۽ سونهن هئي جنهن سگهه لياقت ۽ سونهن سان هن سنڌ جا ميلا ملهايا. ڀٽ شاهه کان شاهه ڪريم تائين واهه واهه ڪرائي ڇڏي. اها لياقت اهو گڻ، اها هنر جي سونهن هن شخص سان هئي وري سنڌ اهڙو سنڌ ملوڪ وينجھار ملهه نه ڏٺو شير ميربحر ڪير سڏائي. سندس ملهه ڏسڻ لاءِ حاڪمِ شهر ۽ رعيت راڄ هڪڙي قطار ۾ ويهي داد ڏيندا هئا. دنيا جو بلندترين مقام ماڻيندڙ فن ۽ هنر اهو آهي جيڪو زندگي جي ساري شهر مٿان برابر سحر جو بادل ٿي وسي پوءِ هنن کي جيڪڏهن هٿرادو حد بندي ڪري ڪو حلقو قبول نه ڪري ته اها وري ٻي ڳالهه آهي.
والي رياست خيرپور ميرس مير علي مراد خان ٽالپر جي تقريبِ تاج پوشي 1951ع ۾ فيض محل خيرپور ۾ جڏهن ٿي هئي ته ان تقريب جي خاص ڳالهه شير مير بحر جون ملهون هيون جڏهن هن پنهنجي دور جي پهرين جوڙ جي هاڪاري ملهن انب شيدي، هوشو شيدي، ۽ هينڊل مڪراني کي هڪٻئي جي پٺيان ملهون هنيون ته تقريب ۾ ويٺل وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان، بيگم رعنا لياقت علي خان، مير علي مراد خان ۽ ايوب خان عام ماڻهن سان گڏ اٿي بيهي شير ميربحر کي خراج تحسين پيش ڪيو. جيستائين شير ميربحر پڙ ۾ نه ويٺو ايستائين ان تاجپوشي واري تقريب جا سڀ مهمان اٿي بيهي تاڙيون وڄائيندا کيس داد ڏيندا رهيا هئا.
هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ جيڪو بين الاقوامي دنگل ڪرايو هو ان جا شاهد اڃان جيئرا آهن چيڪو سلاويڪيا جي پهلوان زيبسڪو جي وڏي ڳالهه هئي پر شير ميربحر زيبسڪو کي رِنگن مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ان شاندار فتح تي کيس "رستم سنڌ" جو خطاب مليو. پهرين سنڌي فلم 'ايڪتا' جي ٺاهيندڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي نامياري ڪتاب "ڪيئي ڪتاب" ۾ لکيو آهي ته "سيد سمن شاهه، غلام سرور جتوئي، الهجڙيو سمون، يڪو خاصخيلي، انب شيدي، بکر شيدي، نواز علي رند، درو عالماڻي، جانو صابرو، شير گوپانگ، دادلو شيدي، سائين داد ٿريو، علي خان ملوڪاڻي، نبن جمالي، حاجي خشڪ، ڇٽو ساٽي، در محمد عالماڻي، قادر بخش مير بحر، ولي پالاري سنڌ جا وڏا ملهه هئا پهرين جوڙ جا پهلوان هئا انهن سمورن ملهن جو اڳواڻ ملهه شير ميربحر هو. شير ميربحر نه رڳو انهن ملهن جو اڳواڻ هو پر انهن سمورن ملهن سان ملهون وڙهيو به هو ۽ انهن ملهن مان ڪوبه ملهه ڪڏهن به هن کان ملهه نه وٺي سگھيو ۽ انهن سان هن جون عمر ڀر جيءَ جون واٽون به رهيون ملهه مارڻ کان پوءِ هُن ۾ غرور ۽ وڏائي پيدا نه ٿيندي هئي، ملهه ماري رڳو هڪ اهڙي مرڪ سندس منهن تي پيدا ٿيندي هئي جنهن مرڪ کي ڏسي ٻيو به مرڪي پئي دل جا در کولي ڇڏي. ٿيڻ به ائين گھرجي، سونهن هجي، طاقت هجي، انهن طاقتن جي نشي ۾ تڪبر جي گھوڙي تي چڙهي، انساني محابن جا وڻ لتاڙي، ملڪ بيابان ڪري ڇڏجن يا فتح جي غرور جي انڌ ۾ انساني چڱائين جا لوڙها لتاڙي ڇڏڻ ڪم ظرفي آهي، شير ميربحر هزارين لکين ماڻهن جي وچ ۾ بيهي سوين دفعه عظيم ڪاميابيون ماڻيون پر انهن ڪاميابين جي ڪري هن ڪڏهن به چڱائيءَ سان تعلق نه ٽوڙيا. پنهنجا گهر ڀاتي، پنهنجي ڳوٺ جا ماڻهو ساڻس ملهون وڙهندڙ، ملهون ڏسندڙ سمورن ماڻهن سان سندس جيءَ جون واٽون سلامت رهيون. ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن مولائي ملاح پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته "پهلوان شير ميربحر پنهنجي قومي راند سان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سئي ۾ سڳي جيان سلهاڙيل رهيو".
جن ماڻهن جي نالي سان وقت ۽ زماني جون بزمون اجهامن ۽ ٻرن ٿيون انهن کي مولائي ملاح واري ڳالهه ته زندگي سان زندگي جي گڏيل سرگرمي سان زندگي جي گڏيل پنڌ سان پنهنجي تهذيبي تاريخي ۽ سماجي وهنوار سان ائين سلهاڙجي رهڻو پوندو آهي جئين سڳو سئي سان سلهاڙيل. سئي ۾ سڳي جيان سلهاڙيل ماڻهو ئي وقت جي درياءَ ۾ سونهن مڃتا ۽ ڪمال جي وير بنجي لهندا ۽ اڀرندا رهندا آهن.
شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسيٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ موسي ديري ۾ ڄائو. 28 مارچ 1985 ع ۾ هي جهان ڇڏيو 20 هين سالن جي ڄمار ۾ هن پنهنجي ڳوٺ ڀرسان محبت ديرو جتوئي ۾ لڳندڙ هڪ ميلي ۾ پهرين ملهه وڙهي ۽ آخري ملهه مسلم ڪاليج حيدرآباد پاران لڳندڙ ملاکڙي ۾ وڙهي. پهرين ۽ آخري ملهه جي وچ ۾ 40 سالن تائين هو مسلسل سنڌ جي ميلن ۾ ملهون وڙهندو رهيو. هن ٻه شاديون ڪيون دل ته خبر ناهي ڪنهن کي ڏني يا نه ڏني پر ملهه ڪنهن کي به نه ڏني. پوءِ ڀلي سيد سمن شاهه هجي، غلام سرور جتوئي هجي، الهجڙيو سمون هجي، چيڪوسلاوڪيه جو پهلوان زيبسڪو هجي، هندستان جو ملهه پهلوان گرنام سنگهه هجي، هنڊل مڪراني يا ملان شيدي هجي.
1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ۽ سندس اعزازي معاوضو به مقرر ڪيو جيئن ڀٽي کي تخت تان لاهي جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته هن جيڪي هن ملڪ جي ماڻهن سان چڱايون ڪيون انهن چڱاين مان هڪ چڱائي اها به ڪئي ته هن شير ميربحر کي قومي ڪوچ واري عهدي تان هٽايو، نه رڳو هٽايو پر جيڪو کيس اعزازي معاوضو ملندو هو اهو به سندس بند ڪري ڇڏيو. آخري وقت ۾ پاڻ بيمار رهندو هو پر هن معاوضي نه ملڻ ۽ قومي ڪوچ واري عهدي تان هٽائڻ واري عمل جي خلاف هن ضياءَ سرڪار جي ڪنهن به ماڻهو کي درخواست نه ڏني نه وري سرندي وارن کي علاج ۽ گذر لاءِ مدد ڪرڻ جي ڪا اپيل ڪئي.
هر دور جا پنهنجا هيرا ٿيندا آهن اڄ جا هيرا ڪير به آهن پر 1950 کان وٺي 1985ع تائين جو سنڌ جو هيرو شير ميربحر هو. حڪمرانن کيس ڀلي ايتريون عزتون نه ڏنيون جيترين عزتن جو هو حقدار هو پر سنڌ جا ميلا ۽ ملاکڙا جيڪي ان زماني جا سڀ کان وڏا عوامي ميڙ هئا انهن ميڙن جو هيرو شير ميربحر هو. هن کِلي ملهون وڙهيون، کِلي زخم کاڌا ۽ کِلي حياتي کان موڪلايو. هن کي حڪمرانن سان ڪا شڪايت هوندي ته ضرور هوندي پر سنڌ جي ماڻهن جيڪو کيس پيار ڏنو، جيڪا محبت ڏني، ان جي بدلي هو سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجي حياتي ۾ هميشه شڪرگذار رهيو.
هر سال سندس ڳوٺ محبت ديري جتوئي کان ٻه ڪلوميٽر ٻاهر پنهنجي نالي سان قائم ڳوٺ 'شير ميربحر' ۾ سندس پٽ شهاب الدين ملاح ۽ سندس چاهيندڙ ملاکڙو ڪرائيندا آهن جنهن ۾ ملهه پهلوان ملهه وڙهي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن. اها ته سندس پٽ شهاب الدين ملاح ۽ سندس چاهيندڙ چند ماڻهن جي چڱائي ٿيندي جو هن سنڌ جي ملوڪ شخص کي ياد ڪريو سنڌ جو هِنيون ٺاريو ويٺا آهن. ورنه سنڌ جي، هن ملڪ جي حڪمرانن خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو وساري سنڌ جون هِنيون ٻاري ڇڏيو آهي.
جن ماڻهن سان عوام محبت ڪري ٿو، جن ماڻهن قومن جي گڏيل تهذيب ۽ ثقافت ۾ روح ۽ زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا پنڌ ڪيا انهن ماڻهن جو سرڪار نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي ماڻهن مٿان جرڙ ۽ چٽيون هئا، جن ماڻهن هنن ماڻهن جي پنهنجي ۽ پنهنجي سوين مستقبلن جي ٻنين کي تيليون ڏئي ڇڏيون انهن جون سرڪار وٽ ڳالهيون نٿيون کٽن پر چوندا آهن ته جن ماڻهن کي اهل درٻار وساريو ڇڏين انهن کي اهل دل سدائين ياد رکندا جن کي بزم شاهي ۾ ياد نه ڪيو ويندو آهي اهي بزم حيات جا تارا هوندا آهن. اسانجو رستمِ سنڌ شير ميربحر انهن تار منجھان قطب تارو آهي.