شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: جنهن تي سنڌ کي ناز آهي (محمد خان دائودي)

"رستم سنڌ" اسان سنڌين جي اها بين الاقوامي شخصيت هيو، جنهن کي ياد ڪرڻ اسان تي فرض آهي. هن کي پنهنجي ماترڀوميءَ سان اهڙو ته پيار هيو جو هو ان جي مٽيءَ کي پنهنجي جسم تي مليندي به فخر محسوس ڪندو هيو، ۽ سنڌ جي سرهي مٽيءَ به کيس نمسڪار ڪيو. شير پڄاڻان، سنڌ مان ڄڻ ته ملهه راند ئي موڪلائي وئي ..! نه اُهي ميلا ملاکڙا ۽ نه ئي اُهي سنڌ جي شير جي جوڙ جا پهلوان رهيا، پهلوانن جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪير رهيو ئي ناهي. چئو ڏس اهڙي اداسي ڏسي هانوَ جي هيءَ ڪيفيت آهي شاهه چواڻي ته:
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون،
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
(ڀٽ ڌڻي)
"شير سنڌ" جنهن کي سنڌ امڙ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ورتو، هو جيستائين جوت ۾ هو اوستائين وڙهندو رهيو. هيءَ سنڌ جي ناقابل شڪست شخصيت آهي جنهن تي سنڌ کي به ناز آهي. شيرسنڌ، پاڪستان کان ٻاهر به فتح حاصل ڪئي ۽ ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو.
ملهه سنڌ جي قومي راند آهي، جنهن تي اسان جو ڪو به ڌيان ناهي. جس هجي مولائي ملاح جهڙي ماڻهو ءَ کي جنهن اهڙي تاريخ ساز شخصيت ، سنڌ جي هيرو کي ياد ڪيو آهي. اسانجو نوجوان توڙي پڪو پوڙهو. دنيا جي راندين لاءِ ته پريشان آهي، پر پنهنجي اولاد کي پنهنجي قومي، ثقافتي راند جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هو پنهنجي اولاد کي گهمائڻ لاءِ مختلف شهرن جي تفريح گاهن ڏانهن ته وٺي وڃي ٿو پر سنڌ ۾ لڳندڙ ميلن ۽ ملاکڙن ڏانهن نه ٿو وٺي وڃي. اسان پنهنجي قوم جا ذميوار فرد پنهنجين ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ، محبتن جا ميلا مچائي نفرتن کي ختم ڪريون ته اهڙي عمل سان اسانجي قوم ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سنڌ اُجاري سگهي ٿي. ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اسان جي سنڌي قوم جي ذميوار ماڻهن کي پنهنجي قومي راند ۽ ان جي هيرو شير ميربحر جي زندگيءَ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ۽ جن کي ڄاڻ آهي اهي ان تي هڪ پل لاءِ به سوچڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اسان جي قوم ۽ ڪلچر اهڙي خاموشيءَ سان ترقي ڪندو؟!
اهو ئي سبب آهي جو اسان جي نوجوان کي ڪرڪيٽ ۽ شوبز جي ماڻهن جا ته مڪمل پروفائل ياد آهن.انهن جا ڪيترا عشق، عاشق ۽ مداح آهن. پر انهن کي پنهنجي قومي هيروز جي ڪردار، جنم ڀومي، شهر، ڳوٺ جي ڪا به ڄاڻ ناهي. ائين جيئن ڪراچيءَ جي نئين نسل کي اڄ تائين اها خبر ناهي ته ڪڻڪ جو ٻوٽو ٿيندو آهي، يا وڻ ٿيندو آهي.
سنڌ جي بزرگن جي درگاهن تي ملهائجندڙ چوڏهيون ۽ ٻارها، جن تي ملاکڙا پڻ ٿيندا هيا. گهوڙن، اٺن ۽ ڏاندن جون ڊوڙون ٿينديون هيون. اتي اڄ ڊسڪو فنڪارن اچي جاءِ والاري آهي، يا وري لوٽي ۽ ڇلي وارين ڪبوترين ميجڪ شو ۾ ماڻهن کي پنهنجن ناز نين ادائن ۾ مست بڻائي منجهائي وڌو آهي. ملاکڙو، ميلي جو روح هوندو هيو، آهي. ملاکڙي مهل ميلي جون سڀ بازارون ويران ٿي وينديون هيون. ملاکڙي ختم ٿيڻ کان پوءِ وري ميلي ۾ ماڻهن جي رش وڌي ويندي هئي، مٺائيءَ جي دڪانن تي ائين سنڌي ڪچهرين، ملهه جا شوقين ماڻهون ناريل جي مٺائي کائي شير جي تعريف ڪندا هيا جيئن اڄ جا نوجوان ڪرڪيٽ مئيچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هوٽلن تي ويهي رانديگرن لاءِ تبصرا ڪندا آهن. راند ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪچهرين ۾ انهن تي تبصرا ڪندا آهن.
شير ميربحر سنڌ جو ناز هيو، سنڌ جي هڪ تاريخ هيو. جنهن جي زندگيءَ تي ڪم ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ سنڌ جي علمي ادارن ۾ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. سرڪار پاران سندس نالي سان ڪو ياد گار تعمير ڪرايو وڃي، سندس پونئيرن جي واهر ڪئي وڃي. اسان مردا پرست قوم آهيون اسان کيس زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيون هان جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها.
شير جهڙيون شخصيتون قومن، ڌرتيءَ تي ورلي جنم وٺنديون آهن، جيڪي ملڪ، قوم ۽ ڌرتيءَ جو نالو ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ روشن ڪنديون آهن. ها! شير اهڙين ئي انمول ۽ اڻ لڀ تاريخ ساز شخصيتن مان هڪ هيو. جنهن کي سنڌ صدين تائين ياد ڪندي رهندي .