شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شيرِسنڌ، شير ميربحر کي ياد ڪرڻ ضروري آهي (ڊاڪٽر ايوب شيخ)

محراب پور ضلعي نوشهرو فيروز جي رهواسي ۽ ليکڪ مولائي ملاح سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ روزاني 'عوامي آواز' ڪراچي ۾ سندس لکڻين وسيلي ٿي آهي. هن مختلف وقتن تي مختلف شخصيتن تي پنهنجي نظر سان لکيو آهي. گهڻين شخصيتن جي باري ۾ سندس لکڻين مان اها ڳالهه ظاهر ٿي سگهي ٿي ته هو توڪل جو ترهو ساڻ ڪري لکي ٿو. ڪن عقيدي وارن ماڻهن کان ڊڄڻ يا نيازمندي يا عقيدت جي ڪري انهن جي تنقيدي پاسن کان پرهيز ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن مون کي اي ميل ڪيائين. سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان 'شير سنڌ' شير ميربحر تي سندس مضمون لکيل پڙهيم. مضمون ۾ الاهي يا کڻي چئجي ته اڪثر ڳالهيون، تفصيل، واقعا ۽ حوالا دلچسپ به هيا ته نوان به هيا. پر سندس سموري لکڻيءَ مان اها ڳالهه جهلڪي پئي ته هو سنڌ جي ان نامياري شخص کي جديد تازگين سان گڏ رکڻ چاهي ٿو. مولائي ذات جو ملاح ته شير به ذات جو ميربحر. يا ته کيس ذات ڇڪي آئي هئي يا کيس سنڌ جي ان مشهور پهلوان جي رڪارڊ کي اجاگر ڪرڻ ئي سندس خيال هجي؛ پر ٻنهي حالتن ۾ هن جي نيت به ٺيڪ هئي ۽ سندس محنت به بهترين.
هڪ صبح شايد جون مهينو هجي، مونکي فون ڪيائين ته " ڊاڪٽر صاحب ، شير ميربحر تي ڪتاب پيو ڇپايان، ان تي لکي ڏيو" مون کيس عرض ڪيو ته "اسان کان خدا ڪارڻ پاڻ هليو ئي نه ٿو پڄي وري لکائين ٿو پهلوانن تي، اها طرح ۽ طرز بهتر ناهي. شير ميربحر جي ڪنهن مائٽ کي پڪڙ، انهن کان تفصيل پڇي پنهنجو مقصد پورو ڪر" وري چيائين ته "ڪجهه محنت ڪري، انٽرنيٽ جي مدد سان ان پهلوان تي ضرور لکو" مون کيس چيو ته "مونکي ڪجهه ڏينهن گلگت، چلاس، ناران ۽ ڪاغان ۽ پوءِ وري لاهور وڃڻو آهي، ڪي ڏينهن آرٽس ڪائونسل جا ڪم آهن، ڪجهه ڏينهن لڳندا، جي ترسي سگهين ته مهرباني." مونکي فون بند ڪرڻ کان اڳ تڪڙ ۾ چيائين "پندرنهن ڏينهن ڇڏيُم، ٻيَن پندرنهن ڏينهن ۾ لکي ڏجو" 25 جون 2014ع کان ڪهڙو ڏينهن آهي جڏهن مولائي فون نه ڪئي هجي، يا ايس ايم ايس تي يادگيرو نه ڏياريو هجي. هو مون کان لکائڻ لاءِ شير ميربحر وانگر وَرَ کنجي بيٺو هيو. جواب يا انڪار مون به نه پئي ڪيو. نيٺ هڪ ڏينهن شير ميربحر جي انٽرنيٽ تي ڳولا شروع ڪيم.
انٽرنيٽ تي مون 'شير ميربحر' لکيو ته ڪجهه سائيٽس ۽ صفحن تي رڳو اهو تفصيل لکيل هيو ته سنڌ جي وڏو ملهه هيو. ڪجهه هنڌن تي 'شير سنڌ، شير ميربحر' لکڻ سان ان جي ساڳي تصوير ملي. مون جڏهن انگريزي لفظWrestler of Sindh لکيو ته انگريزي اخبار 'ڊان' ڪراچي ۾ هڪ ملهه پهلوان سمن شاهه جي گذاري وڃڻ جي خبر موجود هئي. 15 اپريل 2005 تي 15 ورهين کان ڊگهي بيماري ڪاٽڻ کانپوءِ هو گذاري ويو هيو. هن راڻيپور جي سالياني ميلي ۾ ٿيندڙ ملهه جي مقابلي جي پهرين رائونڊ ۾ شير ميربحر کي هارائي "شير سنڌ" جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هيو. مون جڏهن پاڪستان جا "مشهور ملهه" لکيو ته ان ۾ به شير ميربحر نه مليو. پر انڊيا مان لاهور لڏي آيل گاما پهلوان، ڀولو پهلوان، جهارا پهلوان ۽ زبير پهلوان جا نالا، تصويرون، تفصيل، مقابلا مليا. مون کي شين جي 'مالڪي' نه ڪرڻ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جو شدت سان احساس ٿيو. شرمساري ان کان الڳ ٿي هئي. مون کي حاجي منظور حسين عرف "ڀولو پهلوان" ۽ سندس ماڻيل اعزاز "رستم ِ زمان" جي باري ۾ الاهي تفصيل، لکڻيون ۽ تصويرون مليون پر "شير سنڌ" سنڌ جي باقي "شيرن" وانگر غائب هيو. سو هن دنيا ۾ ملهه، پهلواني ۽ ريسلنگ وغيره جي باري ۾ جيڪي ڪجهه انٽرنيٽ تي موجود آهي ، ان ۾ سڀ ڪجهه آهي پر شير ميربحر موجود ڪونهي.
سنڌ جي ان ملهه پهلوان جي باري ۾ انٽرنيٽ تي اوندهه ڏسي، سنڌين پاران مالڪي نه ڏسي ڪيئي خيال ۽ احساس آيا، ڄڻ ته مرحوم شير ميربحر هن دنيا ۾ ڄمڻ سان ئي يتيم ٿي ويو هجي، آيو به اڪيلو، نپنو، وڏو ٿيو، مقابلا ڪيائين، پر هيو اڪيلو. جنهن جو ڪوبه واهرو نه هجي، ڪو به مٽ مائٽ نه هجي. ڪنهن کي به اها اون، ڳڻتي ۽ انتظار نه هيو ته ڪا محنت ڪري پنهنجي شاندار خزاني جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي ڪجهه ٻڌائي. ان ڪري موري شهر جي مسٽر عظيم سنڌي توڙي محراب پور جي مولائي ملاح سميت انهن سمورن ماڻهن جو فرض آهي ته اهي سنڌ جي هن شاندار ملهه پهلوان شير ميربحر جي باري ۾ جيڪي به قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، جيڪي به يادون ۽ ملاقاتون آهن، رهاڻيون آهن اهي سڀ گڏ ڪيون وڃن. هڪ دفعو شير ميربحر جي مالڪي ٿي ويندي ته ڪم سڻائو ٿي ويندو. ان لاءِ وڏي علم جي نه پر نيت توڙي محنت جي گهرج آهي.

شير ميربحر ڇا سوچيو هوندو:
جيئن ته شير ميربحر جو لاڳاپو نوشهري فيروز ضلعي سان هيو، هن کي ڪابه تعليم مليل ڪانه هئي، پر اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته هن ۾ ڪانه ڪا اهڙي مڻيا هئي جنهن هن کي تعليم نه هوندي به ڪجهه ڪرڻ تي همٿايو هوندو. هن ۾ مڙس ماڻهو ٿيڻ جا، وڏي نالي ڪمائڻ واري شخصيت جا ڪيئي گڻ هوندا جن کي هو سماجي اڻبرابري جي ڪري اڳتي آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو ان ڪري هن پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي سوچ ڌاري وٽس جيڪي سڀ کان وڏا وسيلا هيا انهن کي ڪتب آندو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته رڳو جسم ۾ جانٺو نه هيو، رڳو وٽس ٻئي کي ڪرتب سان ڪيرائڻ ۽ هارائڻ جي مهارت ئي نه هئي پر هن هڪ اهم ترين سبق جي صورت ۾ اسان آڏو هڪ ڳالهه آندي آهي ته محروميون، بي وسي، مشڪلاتون ۽ ڏک هن دنيا جون برابر وڏي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن پر جي ماڻهو سندرو ٻڌي ته "ٻيلو ٻه وکون" وانگر اهي سڀ شيون ۽ مسئلا عارضي آهن. جنهن سبق جي مون ڳالهه ڪئي آهي اهو پڻ اهو آهي ته هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. ان "ڪجهه ڪرڻ" وسيلي دنيا جا ڪيئي ملڪ اڳتي وڌي ويا آهن ۽ انهن ۾ هزارين فرد اهڙا آهن جن پنهنجي ذات ۾ موجود ڏات سان ڏيهان ڏيهه مشهوري ۽ هاڪ ڪمائي آهي.

سنڌ جو رڪارڊ ۽ تاريخ جو ڪٻاڙخانو:
شير سنڌ تي لکندي مونکي دنيا جي مختلف روايتي پهلوانن، ملهه جي تاريخ سميت ڪيئي ڳالهيون مليون. مون کي جي نه مليو ته شير ميربحر جو تفصيل نه مليو. اهو ان ڪري به آهي ته تاريخي ۽ روايتي طور اسان پنهنجا رڪارڊ نه ٿا ٺاهيون ۽ موجود رڪارڊ ڪنهن نه ڪنهن ڪٻاڙي جي ور چڙهي وڃن ٿا جيڪي وري انهن تاريخن کي تور جي اگهه تي وڪرو ڪري اسان کان وٺي وڃن ٿا. ڪٻاڙ جي ڪارخانن ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي املهه هيرا، شاندار ڪاميابيون ڪندڙ ڪيئي جواهر ڪٻاڙخانن جي گدامن ۾ ختم ٿي وڃن ٿا. اسان کي هاڻي ان جي پرهيز ڪرڻي پوندي. اوهان غور ڪريو ته مرحوم قاضي فضل الله جيڪو اصل نوشهروفيروز جو هيو ۽ پوءِ اچي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ۽ سياست ڪيائين، اهو جڏهن پاڪستان جي بچاءَ جو وزير هيو ته سندس تصوير انٽرنيٽ تي پيل آهي جنهن ۾ "ڀولو پهلوان" هن کان انعام وصول ڪري رهيو آهي. ان ناياب تصوير جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر نوشهري جو قاضي صاحب ۽ نوشهري جو شير ميربحر انٽرنيٽ تي ڪٿي به ناهن. مون نيٽ تي شير ميربحر جون رڳو ٻه تصويرون ڦٽل حالت ۾ ڏٺيون آهن، جڏهن ته سندس همعصر ملهه پهلوانن جون تصويرون ته شير جي تصويرن کان به ويل حالت ۾ آهن.

پهلواني جي تاريخ:
چون ٿا ته دنيا ۾ پهلواني جي تاريخ هڪ پرولي يا ڳجهارت وانگر مُنجهيل آهي ۽ اڃا تائين ان باري ۾ ڪا هڪ راءِ جُڙي نه سگهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اها حاڪمن جي انهن درٻارين جي تخيل ٿيل راند آهي جنهن ۾ حاڪم جي آڏو ٻن غلامن يا غلامن جي ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ وڙهڻ جي راند آهي. درٻارين جو خيال هيو ته جيڪو به مرندو يا ڪرندو اهو پڻ غلام هوندو. جي پاڻ ۾ وڙهڻ وقت حاڪم کي لطف اچي ويو ته انسانن جي پاڻ ۾ اهڙي ويڙهه جو نالو ڏنو ويو پهلواني. ان طاقت جي آڌار تي "روايتي پهلواني" جا پهريان آثار انساني جسمن جي قرباني جي صورت ۾ پڻ ملن ٿا ۽ اسان کي 19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ وري "دوبدو ويڙهه" (Duel) جي نالي سان هڪ خوني ويڙهه ملي ٿي جنهن ۾ ٻنهي پهلوانن جي هٿن ۾ تلوارون يا هٿيار هوندا هيا ۽ هڪڙي کي هر حال ۾ مرڻو ۽ ٻئي کي کٽڻو هوندو هيو. جيتوڻيڪ دوبدو ان ويڙهه ياDuel ۾ هڪ پهلوان جو موت امر هوندو هيو پر ان جي رومانس ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهو چوندي نه ٿا ڪيٻائين ته نسلن جا نسل تباهه ٿيڻ کان ٻه پهلوان وڙهي باقي قسمت جو فيصلو ڪن. ان مقابلي ۾ ٻيا وڏا نقصان ته ٿيا هوندا پر روس جي جديد ادب جي هڪ باني ۽ نامياري شاعر "اليگزينڊر پشڪن" جو موت به 37 ورهين ۾ ان مقابلي ۾ ٿيو هيو. پشڪن 29 ڀيرا مقابلا کٽيا هيا پر آخري مقابلي ۾ هن "جارج انٿينس" کان هارايو ۽ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ گذاري ويو هيو.
پر دوبدو مقابلا ته 15هين صديءَ ۾ شروع ٿيا هيا، اهي اول وڏين تلوارن، پوءِ ننڍين تلوارن ۽ آخر ۾ پسٽولن سان وڙهيا ويا. ڪيئي اهم ماڻهو ان ۾ مارجي ويا. پهلواني جنهن ۾ هٿيار ڪونهي، رڳو طاقت کي ڪرتب سان ڪتب آڻڻ جو نالو آهي. ان ۾ ماڻهو مري نه ٿو پر مقابلو ڪري ٿو. انهن مقابلن ۾ ٻيئي رانديگر جيئرا رهن ٿا پر هڪ جي نالي اعزاز هجي ٿو ۽ ٻيو وري ڪنڌ هيٺ ڪري گهر روانو ٿئي ٿو ۽ نئين مقابلي ۽ نين ترڪيبن ۽ ڪرتبن سان وري ميدان تي اچي ٿو.

پهلواني يا Wrestlingکان اڳ جي تاريخ:
20هين صديءَ جي اڳياڙي ۾ جديد ملهه يا پهلواني رومي-يوناني پهلواني مان اسري اڳتي آئي. تاريخ جي هندوري ۾ پهلواني جون جيڪي شاهديون ملن ٿيون اهي به حيرت ۾ وجهندڙ آهن.


پٿر جو نئون دور ۽ پهلواني:
ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ پٿر جو نئون دور حضرت عيسيٰ کان ساڍا نو هزار سال اڳ ( قبل مسيح يا ق م) شروع ٿيو. ان کي پٿر جو نئون دور ان ڪري چئجي ٿو ڇوته ان ۾ انسان آهستي آهستي سڌو هلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ڳوٺ وسڻ ۽ آباد ٿيڻ شروع ٿيا هيا، جانورن کي گهرن ۾ پالڻ جو رواج پيو هيو. ان دور ۾ انسان پٿر جي اوزارن ۽ هٿيارن جي مدد سان زندگي گذارڻ شروع ڪئي هئي.
• 7000 (ق م) ۾ پٿر جي نئين دور ۾ منگوليا جي شهر "بيان خونگر" جي غارن جي ڀتين تي اُڪريل تصويرون ۽ چتر مليا آهن جنهن ۾ ٻه اگهاڙا ماڻهو ملهه وڙهي رهيا آهن ۽ چوڌاري ماڻهن جو ميڙ انهن کي ڏسي رهيو آهي.
• 3000 (ق م) ۾ ويجهي اوڀر ۾ پٽي سان پهلواني Belt Wrestling جون تصويرون مليون آهن جنهن۾ رانديگرن جا ٽي جوڙا پاڻ ۾ ملهه وڙهي رهيا آهن.
• 2600 (ق م) ۾ عراقي شهر خافيل جي قومي ميوزم ۾ پتل جا اهي مجسما پيا آهن جنهن ۾ ملهه جون سڀ کان پراڻيون تصويرون موجود آهن.
• 2400 (ق م) ۾ مصر جي فرعونن نالي "خوميٽوپ" ۽ "نيان خونم" جون مرده خاني ۾ مميون پيل آهن جن جي چوڌاري پهلوان عملي طور ملهه ۾ رڌل ڏيکاريا ويا آهن.
• 2000 کان 1085 (ق م) ۾ مصر جي نئين بادشاهت ۾ نيل دريا جي ڪناري آباد "نوبيه قبيلن" ۽ مصري ماڻهن جون پٿر تي اڪريل تصويرون موجود آهن جيڪي "آزاد طريقي جي پهلواني" Free Style Wrestling کي ظاهر ڪن ٿيون
• يوناني ۽ سنسڪرت جي زمانن ۾ اکرن وسيلي تصويرون ٺاهي پهلواني بابت شاهديون مليون آهن.
• مهاڀارت ۾ ٻن پهلوانن "ڀيما" ۽ "جراسانڌا" جو ذڪر ملي ٿو
• چين جي ڦڪي شهنشاهه Yellow Emperor پاران سندس باغي ۽ مخالف "چيهه يو" خلاف پهلواني جو طريقو "شعائي جيائو" باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. ان کان اڳ ان کي "جيائو تي" ڪوٺيو ويندو هيو جنهن جو مطلب آهي "سڱن سان مارڻ"
• يونان جي ملهه اصل ۾ بهترين مثال طور پيش ڪري سگهي ٿي. ان ۾ ان پهلوان کي سرسي ملندي آهي جيڪو مخالف پهلوان جي پُٺيءَ کي هٿ لاهي واپس آکاڙي ۾ اچي ۽ پنهنجي مخالف کي آکاڙي مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي. جنهن ٽي ڀيرا مخالف کي دسيو ان کي کٽندڙ ٺهرايو ويندو هيو.
• 704 (ق م) ۾ 18هين عالمي راندين ۾ ملهه کي راند جو درجو ڏنو ويو. يونان ۾ مختلف شين تي، مجسمن، سڪن ۽ ٿانون تي پهلوانن ۽ پهلواني جون تصويرون ٺهڻ لڳيون. يونان جي ادب ۾ يونانين جي سوڀ ۽ Troy ٽرواءِ جي شڪست تي لکيل "اوڊيسي" Odyssey ۽ Lliad جهڙن شهپارن ۾ پڻ پهلواني جو ذڪر ملي ٿو.
• 510 (ق م) ۾ يونانين کي رومين هٿان مليل شڪست کان وٺي عيسوي سن 500ع تائين قائم رومي سلطنت ۾ يوناني واري پهلواني رومي پهلواني ۾ جذب ٿي ويئي.
• اٺين صديءَ ۾ بازنطيني شهنشاهه باسل پهرئين بلغاريا جي پهلوان کي شڪست ڏني هئي.
• هندستان ۾ مغل بادشاهن پهلواني کي آکاڙن جي ملهه ۽ ان کانپوءِ "ڪُشتي" ڪوٺڻ شروع ڪيو هيو. انهن آکاڙن ۾ ملهه مٽيءَ جي ميدانن تي رڳو اوگهڙ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو پائيندا هيا.

جديد ملهه يا Wrestling:
انگلستان ۾ روايتي ملهه ۾ مخالف رانديگر کي پڪڙڻ ۽ زير ڪرڻ جي ڳالهه شامل هئي. اسڪاٽلينڊ ۾ ان طريقي ۾ ڪجهه تبديلون آيون. آئرش پهلوانن "ڪنڌ ۽ ٺونٺ" مروڙڻ جو طريقو ايجاد ڪري اهو لاڳو ڪيو. جنهن کي آميريڪا پڻ ڪتب آندو. 19هين صديءَ ۾ ملهه روايتي پهلواني مان سفر ڪندي جديد طريقن ۾ ٻن طريقن "آزاد طريقو"Free Style ۽ يوناني-رومي طريقو رائج ڪيو ويو.

پهلواني جو سونهري دور (1890ع کان 1914ع):
يورپ ۾ يوناني رومي پهلواني پنهنجا قدم ڄمائڻ شروع ڪيا هيا. 19هين صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ جمنازيم ۽ راندين جا ڪلب ٺهڻ شروع ٿي ويا ته ان راند کي پڻ وڏو موقعو مليو ۽ اهي انگلستان ۽ آميرڪا جون وڏيون رانديون بڻجي ويون.
جڏهن جديد دور ۾ 1896ع ۾ يونان جي گادي "اٿينس" ۾ اولمپڪس رانديون" نئين سر شروع ٿيون ته ملهه ان جو حصو هئي پر چئن ورهين کانپوءِ 1900ع ۾ ان کي شامل نه ڪيو ويو. 1904ع ۾ آميريڪي شهر سينٽ لوئي ۾ ٿيل عالمي راندين ۾ وري ان کي شامل ڪيو ويو. هڪ صدي پوءِ عورتن جي پهلواني جا مقابلا عالمي راندين ۾ 2004ع ۾ شروع ٿيا. پر پهرين مهاڀاري لڙائي 1914ع کان 1919ع تائين ملهه ۽ پهلواني تي راتاهو هڻي ڇڏيو هيو.
1921ع کان "پهلواني طريقن جي عالمي فيڊريشن"International Federation of Associated Wrestling Styles ( FILA) کي عالمي راند جو حصو ٺهرايو ۽ 1927ع ۾ ان جا قاعدا ٺهيا اهي رائج ڪيا. ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ ان راند ۾ پڻ ڪجهه خلل پيو پر آميريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پهلواني جي اها راند گهڻو اڳتي نڪري چڪي هئي ۽ اها جنگين سان بيهڻ واري نه هئي.

آخري ڳالهه:
اچو ته سنڌ ۾ روايتي توڙي جديد راندين جي رائج ڪرڻ لاءِ ٻيهر پيڙهه جو پٿر رکئون. اهي رانديون نه هونديون ته هٿيار هوندا، جهالتون هونديون، موت ۽ قتلام هوندا. جي بنا هٿيارن ۽ بنا پئسن جي سنڌ ۾ رانديون رائج ٿي وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به ان جو رواج پئي ۽ سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن آکاڙي تي، ڪنهن راندين جي ڪلب تي "شير سنڌ، شير ميربحر" جو نالو به لکيو وڃي ته اسان لک کٽياسي.