شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

اڄ اسان وٽ شير ميربحر ناهي...!! (عمر قاضي)

Not gold, but only man can make
A people great and strong;
Men who, for truth and honor's sake,
Stand fast and suffer long.

Brave men who work while others sleep,
Who dare while others fly--
They build a nation's pillar's deep
And lift them to the sky
اهو مختصر انگريزي نظم جيڪو اسان ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو، تنهن جي حقيقي معنيٰ اسان کي ان وقت سمجهه ۾ آئي آهي، جڏهن اسان جو ٻالڪپڻو تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي. پر شايد اهڙي شعر کي سمجهڻ جو اصل وقت به اهو آهي. ڇو ته موجوده دور ۾ ماڻهو صرف ڌن ڪٺو ڪرڻ جي چڪر ۾ چريا ٿي پيا آهن. دولت جي لالچ نئين ناهي پر جيترو ڪروڌ لوڀ موجوده دور ۾ پيدا ڪيو آهي، ايترو اڳ ڪڏهن به نه هو. ان ڪري هاڻي اسان کي انهن ڪردارن جي اڻاٺ جو احساس شدت سان ٿي رهيو آهي، جيڪي زندگيءَ جي هر رخ ۾ سخت محنت ڪن ٿا. جيڪي شارٽ ڪٽ جي تلاش نه ٿا ڪن. جيڪي جاکوڙين ٿا. هر دم ۽ هر قدم اڳتي وڌن ٿا ۽ انهن جي ترقي ٻين جي لاءِ ساڙ ۽ وير جو سبب نه ٿي بڻجي پر اها اڳڀرائي هڪ قومي اتساهه جي صورت حاصل ڪري ٿي.
قومون صرف اديبن جي بنياد تي نه جڙنديون آهن. اهي صرف دانشورن جي حوالي سان عالمي اسٽيج تي جلوا افروز نه ٿينديون آهن. اهي فقط پنهنجن سياستدانن جي سهاري سان ترقيءَ جي آسمان جا چنڊ ۽ سج نه بڻبيون آهن. انهن کي صرف وڪيل ۽ جج نه گهربل هوندا آهن. انهن کي فقط ماهر بيوروڪريٽ مسلن جي چڪڻ مان چاڙهي نه ٿا سگهن. انهن کي صرف واپاري ۽ سوداگر خوشحال بڻائي نه ٿا سگهن. انهن کي فقط تعليمي ماهر ۽ سائنسدان سگهارو ڪري نه ٿا سگهن پر جڏهن اهي سڀ ۽ اڃان به زندگيءَ جي هر شعبي جا ماڻهو پاڻ ۾ محنت جو جذبو پيدا ڪن ۽ صرف خواب ڏسڻ بدران هر ڏينهن ۽ هر پل محنت ڪن ۽ اها محنت صرف پنهنجي زندگيءَ کي سڌارڻ ۽ پنهنجي آئيندي کي اجارڻ جي لاءِ نه پر ان ۾ قومي وقار جو پهلو به شامل هجي ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو ملڪ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ٿيڻ بدران آسمان جا ستارا نه ٿي سگهن.
جڏهن قومون پنهنجي ترقيءَ جي سفر تي چڙهنديون آهن، تڏهن انهن جو هڪ نه پر هر شعبو مڻيادار ماڻهو پيدا ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو ته ملهه راند جهڙي موجوده دور ۾ وسري ويل ۽ نظرانداز ٿيل شعبي ۾ به هاڻي اسان وٽ ڪو اهڙو ڪردار ڪونهي، جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون. پر ڪنهن دور ۾ قومي راند جو اهو شعبو ان شخص جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جيڪو شخص نه صرف پنهنجي صورت ۾ پر پنهنجي سيرت ۾ ڇٽيهه لکڻو هو. هن شخص جهڙي ريت پنهنجي پوري زندگي ملهه جي شعبي کي ارپي، اهڙو مثال اسان لاءِ ڳولهڻ مشڪل آهي. مان ان بحث ۾ نه ٿو پوڻ چاهيان ته راندين جو قومي ترقيءَ ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو آهي؟ پر جيڪڏهن اڄ پوري دنيا پنهنجي پنهنجي ڪلچر جي حوالي سان راندين کي اهميت ڏئي رهي آهي ته ان جو سبب صرف روايت ناهي. رانديون اسان کي گهڻو ڪجهه سيکارين ٿيون ۽ راندين جي حوالي سان اسان کي به دنيا کان گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي. اها ڪيتري نه بهتر ڳالهه ٿئي ها ته جو اسان جا نوجوان ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جهڙين راندين ۾ باقاعدي مهارت حاصل ڪن ها هو عالمي سطح تي انهن راندين جا اسٽار ليکيا وڃن ها. پر افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو اسان نيون رانديون سکڻ بدران پنهنجيون پراڻيون رانديون به سانڍي نه سگهياسين. اڄ اسان وٽ ملهه به ناهن ۽ ميدان به ناهن پر جيڪڏهن اسان وٽ ملهه پيدا ٿي پون ته ميدان پنهنجو پاڻ وجود ۾ اچي ويندا. پر اسان ڪٿي ڳولهيون اهو شير مير بحر جهڙو انسان جيڪو پنهنجي ماحول سان بغاوت ڪري ملهه بڻيو هو.
اڄ اسان وٽ اهو شير مير بحر ناهي، جنهن جو سفيد سنڌي پٽڪو ۽ جنهنجي مڇ جو مڙسيءَ وارو ور سنڌ جي سڃاڻ سمجهيو ويندو هو. اهو شير بحر جيڪو ڪنهن به مقابلي ۾ لهندو هو ته ڏسندڙ هن جي ڏيا ۾ اچي ويندا هئا. ڇو ته هو پنهنجي مزاج ۾ ڀلي ڪيترو به ماٺيڻو ۽ مکڻ جو چاڻو ڇو نه هجي پر جڏهن هو سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪڏي پوندو هو ته هن سان مقابلي ڪرڻ وارا دهلجي ويندا هئا. اهو ملهه پهلوان جنهن مٿان سموري زندگي ڪڏهن به ڪنهن ڪپت جي تهمت نه لڳي. جنهن سموري زندگي پوري ايمانداريءَ سان مقابلا ڪيا ۽ پوري شان مان سان اهي مقابلا کٽيا. اهو شير مير بحر جيڪو جتي به ويو، سنڌ جي لڄ رکي آيو. ان جي ذاتي زندگيءَ تي سرسري نظر وجهڻ سان به اهو معلوم ٿي وڃي ٿو ته هو مڪمل طور تي سنڌ جو هڪ روايتي ۽ صفا سٻاجهو ماڻهو هو. هو جيڪو مٽيءَ وارن ميدانن ۾ مقابلي جو منظر پيش ڪندو هو، تنهن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته ڄڻ قدرت هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي. هن ڪڏهن به نعرا نه هنيا ۽ هلڪي قومپرستيءَ جي آڙ وٺي هن پنهنجو ڪڏهن به نالو نه چمڪايو ۽ نه وري ڪو ناجائز فائدو ورتو پر هو ميدان ۾ هڪ فرد جي صورت نه پر هڪ قوم جي صورت "فيئر پلي" سان مقابلا ڪرڻ جي سلسلي ۾ مشهور هو.
هونءَ ته هر فرد جي زندگيءَ ۾ هن جي ڪيترائي پهلو پاسا ۽ رخ توڙي زاويا ٿين ٿا پر مان هن وقت به هن کي پنهنجي تصور ۾ آڻيان ٿو ته مون کي هن جون اهي اکيون تمام گهڻيون موهن ٿيون، جن اکين ۾ رڳو حسن نه پر حشمت به هوندي هئي. اهي اکيون اهڙيون هونديون جهڙي اکين لاءِ سنڌي عورتون اهو سهرو ڳائينديون آهن ته:
"اکيون ادل جون ٻرن مشالا"
اهڙيون زنده ۽ زور ڀريون اکيون هيون، ان شير بحر جون، جيڪو پنهنجي دور ۾ سون جون نه هزارين عورتن جو هيرو هوندو هو پر پوءِ به هن جي اجري دامن جي مٿان ڪڏهن ڪنهن غلط حرڪت جو داغ نه لڳو. هو پوءِ به پنهنجي ريت نهايت ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو. هو جيڪو سنڌ جي ميدان جو مور هو ۽ اڄ هن جي اڻهوند منهنجي لاءِ صرف ملهه جهڙي سنڌ جي ثقافتي سوکڙيءَ جي سڃي ٿيڻ جو سبب نه ٿي محسوس ٿئي پر اڄ شير مير بحر هڪ ملهه پهلوان نه پر اسان جي اداس ديس جي علامت بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن ملهن جو دور نه رهيو آهي ۽ هر پاسي صرف ۽ صرف نورا ڪشتيون ٿي رهيون آهن، تڏهن سياسي حوالي سان ملڪ جي دارالحڪومت ۾ اقتداري پڙ کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ جيڪو سياسي ملاکڙو ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جو ڪو حصو پتي نه ڏسي مون کي شير مير بحر جي ياد اچي رهي آهي ۽ مان سوچي رهيو آهيان ته ڪاش! اسان هن ملاکڙي ۾ پنهنجو ڪو شير مير بحر لاهيون ها ۽ پوري ملڪ کي ٻڌايون ها ته سنڌ سنڍ نه آهي. سنڌ ته واقعي سنڍ ناهي هن جي ڌرتيءَ جي ڪک سدائين سورمن کي جنم ڏنو آهي پر هن وقت جي سفر دوران هن موڙ تي جڏهن پوري دنيا جون اکيون اسلام آباد واري ملاکڙي تي کتل آهن، تڏهن اسان ان مقابلي واري ميدان تي پنهنجي ديس جي شموليت نه هجڻ واري افسوس جو شڪار آهيون ۽ مون کي ان ملهه پهلوان جي سار شدت سان اچي رهي آهي، جيڪو پنهنجي ڏيک ۾ سنڌ جون مڙس مهانڊو هو ۽ هن وقت اهڙي علامت بڻجي ويو آهي جو هن جي وجود جي حوالي سان اسان پنهنجي ديس جي سکڻي ۽ صفا ڪمزور ٿي ويل سياست جو هاڃو پسي رهيا آهيون. ان ڪري مون کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ان ملاکڙي ۾ ڪا خاص دلچسبي ناهي. ڇو ته ٻنهي نه پر ٽنهي پاسن کان پنجاب آهي. ڀلي ڪنهن کي شڪست ملي ۽ ڪنهن جي فتح جا شادمانا وڄن پر هر صورت ۾ سوڀ ته پنجاب جي ٿيندي. پر جيڪڏهن هن وقت ان پڙ ۾ اسان جو سياسي پهلوان، اسان جو ڪو سياسي شير مير بحر هجي ها ته پوءِ نه صرف اسان ڏسون ها پر پوري دنيا کي به ڏيکاريون ها ته ان سنڌ ۾ ڪيتري سگهه آهي، جنهن سنڌ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ خلاف ڀرپور مزاحمت ڪري کيس رڪ جا چڻا چٻرايا ها. ان وقت جمهوريت جي تحفظ جي سلسلي ۾ سنڌ جو هر فرد ڄڻ ته شير مير بحر وانگر ميدان ۾ جيت جي لاءِ لهندو هو ۽ ان آزمائش جي وقت ڪنهن به سنڌي سورمي جي مٿان ڪوئي حرف نه آيو. پر تاريخ جا عجيب لاها چاڙها آهن. هن وقت اسان لاٿ ۾ آهيون. جڏهن سياسي ميدانن تي مقابلن جا دهل وڄي رهيا آهن ته اسان وٽ ڪو به سياسي پهلوان ته ڇا پر ثقافتي ميدان تي به اسان وٽ ڪو شير مير بحر ناهي. اسان جو هر خالي ميدان چڻ ته تاريخ طرف سواليا اکين سان تڪي رهيو آهي.