شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

تاريخ ۾ هن جون خدمتون ياد رکيون وينديون (محمد عثمان ميمڻ)

ملهه راند صدين کان سنڌ ۾ کيڏي ويندڙ هڪ مشهور راند آهي. هن جو شمار ثقافتي راندين ۾ ٿئي ٿو. اڄ هيءَ راند ٻين راندين جيئن تباهيءَ جي ڪناري تي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ قومي راند طور سڃاتي ويندڙ ملهه راند جي مقبوليت ۾ حڪومت جي لاپرواهي عام ماڻهن جي عدم دلچسپيءَ ۽ ملهه پهلوانن جي سهائتا نه ٿيڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. جنهن سبب ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کان وڌيڪ عام ماڻهن جي شرڪت گهٽجي وئي آهي. ماضيءَ ۾ ملاکڙن ۾ اڳ ملهه پهلوانن کي هزارين رپيا پوندا هئا پر هاڻ کين سون ۾ داد ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. سنڌ جي هيءَ قديمي راند پنهنجي اهميت وڃائيندي پئي وڃي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ لاءِ پهلوان جڏهن سندرو ٻڌي ميدان تي لهندا هئا ته هر طرف خوشيءَ جو عجيب سما هوندو هو، دهلاري دهل ۽ شرنائي، نواز شرنائي وڄائيندو هو ته اک ڇمڀ ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا پر افسوس جو اڄ ملهه راند ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان مشهور رهيا. جن ۾ جهلڻ، گوداورو، الهبچايو مهر، هنڊل، هوشو ، شير مير بحر يڪو خاصخيلي، غلام سرور جتوئي وغيره قابل ذڪر آهن. شير ميربحر پنهنجي دور جو هڪ مشهور ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. ملهن جو مهندار، ملهه پهلوان شير ميربحر جو پورو نالو علي شير ولد علي محمد ميربحر هو. پنهنجي بهادريءَ ۽ جوان مرديءَ سبب کيس رستم سنڌ جو اعزاز مليل هو جنهن بعد رستم سنڌ جي نالي سان پڻ مشهور ٿيو. شير ميربحر جو جنم 21 جون 1924ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڍيارو ضلعي نوشهرو فيروض ۾ ٿيو.سندس تعليم پنج درجا هئي. شير مير بحر ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقائده ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. هن ملهه جي سکيا پهرين پهلوان لقمان خشڪ کان پوءِ پهلوان لال نواز علي خان پٺاڻ شڪارپور واري کان حاصل ڪئي هي سنڌ جي سمورن پهلوانن کان معتبر ليکيو ويندو هو. هيءُ ٽيهن سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو. هن ڪجهه وقت سکيا محمد اسمائيل بڙدي کان پڻ ورتي. شير ميربحر جنهن کي رستم سنڌ جو اعزاز مليل هو. هن لاءِ اهو مشهور هوندو هو ته "هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي ملهه کي چوندو هو ته سندرو ٻڌي ويهه ته آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان" شير نه رڳو نالي جو شير هو پر واقعي به شير هو. ملاکڙو ۽ شير مير بحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا هئا. شير ميربحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندو هو. هو طاقتور سگهارو ملهه هو جو ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو. هو ٽيهن سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست پهلوان رهيو جيڪو سندس هڪ ريڪارڊ پڻ آهي.
شير ميربحر جا ملهه واري عرصي ۾ سندس ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن سان مقابلا ٿيندا رهيا. هن ملڪي توڙي غير ملڪي ناليوارن ملهه پهلوانن کي شڪست ڏئي . ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو .1962ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جو پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي شير ميربحر پنهنجي سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ ان دوران "شير سنڌ" جو لقب حاصل ڪيو، سندس ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور ملهه پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هيءُ مقابلو 1966ع ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو هو جنهن ۾ شير ميربحر هندستان جي پهلوان کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏئي پنهنجو پاڻ مڃرايو، سندس هڪ وڌيڪ يادگار مقابلو 'لکي بنگلي' خيرپور ميرس ۾ 1951ع ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي جنرل محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست خيرپور ميرس مير علي مراد خان ٽالپور گڏجي ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني هئي جنهن بعد تڏهوڪو جنرل ايوب خان کانئس ايترو ته متاثر ٿيو جو سنڌ جي هن پهلوان کي اٿي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنائين ۽ انعام ڏيندي اهو پڻ چيو ته: 'شير واقعي شير آهي.'
شير مير بحر پنجاب جي ڀولو پهلوان جي مقابلي جي آڇ قبول ڪئي ۽ اهو ملاکرو ميرپورخاص ۾ ٿيو. ان وقت اتي ڊپٽي ڪمشنر تعلقي ڳڙهي ياسين واسي ڪئپٽن محمد عثمان عيساڻي هو، شير مير بحر مقابلي وقت چيو هو ته: "هن لاءِ ته منهنجو شاگرد يڪو پهلوان ئي ڪافي آهي." واقعي به يڪي پهلوان ڀولو پهلوان کي هارايو. ان کانپوءِ شير ميربحر جو مقابلو بين الاقوامي سطح تي ٿيڻ لڳو. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين ملهه ڪرندو هو ته ٻانهيءَ ۾ هر گز نه ويهندو هو ۽ ميدان ۾ ئي پنهنجي مد مقابل جو انتظار ڪندو هو.
شير ميربحر سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اهو هن جي ڪوشش جو ئي نتيجو آهي جو ملهه اڄڪلهه سنڌ جي اهم ۽ ثقافتي راند تسليم ڪئي وڃي ٿي. هن جي ذاتي ڪوششن سان 1974ع ۾ ڪراچيءِ ۾ هڪ شاندار ملاکڙو منعقد ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيويزن تان به ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتون ۽ جدوجهد کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. ليڪن 1984ع ۾ شير مير بحر جڏهن بڪين جي بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. جنهن ماڻهو پنهنجي سموري زندگي ملڪ ۽ فن جي خدمت ڪندي گذاري. افسوس جو ان ماڻهو جي عمر جي آخري حصي ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ نوڪري ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي وئي. پاڻ انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. تاريخ ۾ هن ملهه پهلوان جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.