شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

رستمِ سنڌ، شير ميربحر ۽ ملهه جي ثقافت (صالح بلو)

سنڌ جي ثقافت ملهه جيڪا سنڌي قوم جي سڃاڻپ ۽ ورثو آهي. تاريخي سرمائي کي قائم رکڻ ۽ مڃتا ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي سداحيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر، جنهن آغا صدرالدين جي ساٿ سان "ملهه ايسوسيئيشن" جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي ملهه پهلوانن جي بهادري جا ڪرتب ظاهر ڪرائي دنيا اندر سنڌ جو نالو ڪڍرايو. تنهن 21 جون 1924ع ۾ اڳوڻي ضلع نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلع نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ علي محمد ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو ٻيلي کاتي ۾ آفيسر هو. هن پرائمري تعليم کان ئي ملهه وڙهڻ تي شوق رکيو ۽ هڪ جيڏن سان ملهه وڙهندو رهيو. شير ميربحر جي خاندان مان سندس چاچو پير خان نالي وارو ملهه هو. هن پنهنجي چاچي جي شوق کي ڏسي پڻ ملهه ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي. شير ميربحر پنهنجي شاگردي جو ڌاڳو استاد لقمان خشڪ کان ٻڌرايو ۽ ٽئين جوڙ کان ملهه جي شروعات ڪئي. پهريون انعام کيس نئين ديري جي ملاکڙي ۾ نواب اميد علي ڀٽو ۽ نواب پير بخش ڀٽو کيس ڏنو. ٻن سالن اندر پنهنجي محنت سان ٻئي جوڙ ۾ پهتو ته پهرين جوڙ ۾ پهچڻ لاءِ هن استاد لالا نواز علي پٺاڻ جي شاگردي قبولي ۽ استاد اسماعيل بڙدي کان به فيض حاصل ڪندو رهيو. شير ميربحر جنهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مقابلا ڪيا، جن ۾ هينڊل مڪراني ٺٽو، استاد هوشو شيدي هالا، انب شيدي ٺٽو، پنجل مهر شڪارپور، اقبال جوڳي ٺري ميرواهه، لالو ڦل ٺري ميرواهه ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته 1962ع ۾ هالا شهر ۾ ٿيندڙ "هالا دنگل" جي نالي سان ٿيل ملاکڙن ۾ غيرملڪي يوگوسلاويا جو پهلوان جارج ريبسڪو سان مقابلو ڪري کٽيو. جتي کيس شير سنڌ جو لقب مليو ۽ دنيا جو ملهه پهلوانن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو، هن 1966ع ۾ هندستان جي نامور پهلوان ٽائيگر گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ايوبي دور ۾ مقابلو ڪيو جنهن ۾ ڀولو پهلوان به موجود هئا. جيڪو هن کٽيو، جڏهن ته سنڌ جي هن نامور پهلوان ڀولو برادران کي پڻ چئلينج ڪيو هو. جيڪو مقابلو انهن نه ڪيو، جپاني پهلوان انوکي سان سندس چئلينج مقابلو ڪراچي ۾ ٿيڻو هو جنهن ۾ هو سڪرنڊ ڀرسان ايڪسيڊنٽ ٿيڻ سبب حصو وٺي نه سگهيو هو. شير ميربحر جو لکي بنگلو خيرپور ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ سندس فن کان متاثر ٿيندي فيلڊ مارشل ايوب خان اٿي تاڙيون وڄايون ۽ کيس هٿ ڏيئي داد ڏنو. ان موقعي تي واليءِ رياست خيرپور جي مير علي مراد خان ٽالپور سندس فن کان متاثر ٿي کيس انعام ڏنا ۽ ان موقعي تي اڳوڻو جنرل يحييٰ خان به موجود هو. شير ميربحر جيڪو ملهه جي دنيا ۾ نالي وارو بڻجندو ويو پئي. تنهن کي اڀرندڙ پهلوان الهه جُڙيو سمون مقابلي لاءِ چئلينج ڪيو ۽ شير ميربحر الهه جڙيو سمون کي مسلسل ست ملاکڙا ماري پنهنجو رستم سنڌ جو اعزاز برقرار رکيو. شير ميربحر پهرين ملهه مارڻ کان پوءِ گهمندو رهندو هو ۽ پوئين ملهه دسي پوءِ ئي دم پٽيندو هو. شير جي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذري. هن پنهنجي فني صلاحيتن سان پهرين جوڙ جا بهترين پهلوان پيدا ڪيا، جن ۾ غلام قادر لغاريءَ مرحوم در محمد عالماڻي سندس فرزند منور زمان ميربحر ۽ تڳل ڦل ۽ ٻيا ڪيترائي ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جا پهلوان شامل آهن. هو پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ نيشنل ڪوچ جي حيثيت سان سنڌ ۾ ملهه پهلوانن کي تربيت پڻ ڏيندو رهيو. صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن مشهور پهلوان کي جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻين آفيسرن جيان کيس به لاٿو ويو ۽ اپيل ڪرڻ بعد کيس ٻيهر بحال ڪيو ويو. شير ميربحر جي ويگن ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کان پوءِ ٿوري عرصي بعد هو 1984ع ۾ بڪين جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو. 1985ع ۾ اسپورٽس بورڊ سندس سار سنڀال لهڻ ۽ سندس مدد ڪرڻ بجاءِ کيس بنا ڪنهن سبب جي کيس نوڪري تان لاهي ڇڏيو. شير ميربحر جنهن سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ سنڌ جي قديمي فن ملهه کي دنيا اندر روشناس ڪرائيندو رهيو. ان نامور ملهه پهلوان سان ڪيل زيادتيون نه وسندڙ آهن. هو زندگي جا آخري پساهه اسپتال جي بستري تي گذاريندو رهيو ۽ ڪنهن به سندس سار سنڀال نه لڌي. هو بي حسي جا انبار اندر ۾ سانڍي 28 مارچ 1985ع ۾ وفات ڪري ويو. حڪومت ان جو ڪو يادگار ٺهرائي سندس مان مٿانهون ڪري.