شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن! (مدد علي سنڌي)

ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، اسان جو دوست محترم مولائي ملاح، سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان، شير ميربحر بابت لکڻ لاءِ زور ڀريندو پيو اچي. عجب ڳالهه آهي، جو هن دوست جي فرمائش جي بجاآوري ڪرڻ ۾ مون کي گهڻي دير ٿي ويئي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. ذاتي مصروفيتون آهن ۽ ڪجهه قدر مُوڊ جي به ڳالهه آهي. ڪجهه وقت کان طبيعت تي ڊپريشن طاري رهي. ۽ ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ لکڻ ۾ به قدري وقت لڳي ويو. بهرحال، جيڪي ڪجهه ذهن ۾ آيو. اهو پڙهندڙ ن جي خدمت ۾ پيش آهي.
شير ميربحر سان منهنجي ملاقات 1980ع ۾ ٿي هئي. ان وقت آئون روزاني 'سنڌ نيوز حيدرآباد' جو ايڊيٽر هوندو هوس. سنڌ نيوز جي آفيس گاڏي کاتي ۾، ٽانگا اسٽينڊ/ڪوهنور سئنيما وٽ هوندي هئي. (هاڻ ته نه اهو ٽانگا اسٽينڊ رهيو، نه وري ڪوهنور سئنيما). ان وقت فقط ٻه چار سنڌي اخبارون عبرت، آفتاب، مهراڻ، سنڌ نيوز، حيدرآباد مان ۽ باقي هلال پاڪستان ڪراچي مان نڪرندي هئي. ملڪ تي ضياءَالحق جي مارشل لا ۽ اخبارن مٿان سخت سينسرشپ لاڳو هوندو هو. اخبار جا اندريان صفحا ڏينهن جو 5 وڳي تائين، ۽ رات جو وري اخبار جو پهريون ۽ آخري صفحو وڃي ڪمشنر آفيس وارن جي بلڊنگ مان سينسر ڪرائڻا پوندا هئا. تڏهن اخبارون به هينڊ ڪمپوزنگ تي ڪمپوزنگ ٿينديون هيون. وڏو محنت طلب ڪم هوندو هو. مارشل لا وارن جو آرڊر هوندو هو جيڪا خبر سينسر ٿئي، ان جي جاءِ تي ڪا ٻي خبر هڻن پر خالي جاءِ هرگز نه ڇڏيو. ويندي ايڊيٽوريل کي به سختي سان سينسر ڪيو ويندو هو. سنڀالي سنڀالي لفظ لکڻا پوندا هئا. صبح جي شفٽ ۾ 20 کن ڪمپازيٽر ۽ وري رات جي شفٽ ۾ به ايترائي ڪمپازيٽر ٻه ٻه فورمئن. مطلب ته هڪ وڏو جهان هوندو هو. سنڌ نيوز جو فورمين، مرحوم استاد گل بلوچ نالي هڪ شخص هوندو هو. شڪل مان ته ڪمپازيٽر بنهه نه لڳندو هو. پينٽ ۽ شرٽ ۾، ڪارين مڇن وارو قدآور شخص هر ماڻهو سندس شخصيت ڏسي سمجهي نه سگهندو هو، ته ڪو هي همراهه فورمين آهي. يعني ڪمپوزنگ جو شعبو سنڀاليندڙ ۽ تجربيڪار اصل ڪنهن وقت روزاني عبرت جو فورمين هوندو هو، پر جڏهن قاضي محمد اڪبر پنهنجي پٽ قاضي سليم سان گڏجي 1976ع ۾ سنڌ نيوز ڪڍي، ته استاد گل بلوچ به شيخ عزيز سان گڏ سنڌ نيوز ۾ هليو ويو هو. شيخ عزيز وانگر، استاد گل کي به ملهه راند سان ڏاڍي دل هوندي هئي.
سال 1980ع ۾ شيخ عزيز، سنڌ نيوز کان موڪلائي ڪراچي هليو ويو ۽ مون وڃي سنڌ نيوز کي سنڀاليو. مون لاءِ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ منهنجي دل گهريي دوست عبدالقادر جوڻيجي، سنڌ نيوز جي چيف ايڊيٽر قاضي اسلم اڪبر کي چيو هو ته، "مدد علي، اوهانجي اخبار سنڀالي سگهي ٿو." سو خير سنڌ نيوز وسائي ويٺاسين، آفيس ۾ استاد گل پهرئين ڏينهن اچي مون کي چيو، "سائين، آئون شيخ عزيز وٽ هتي هن ڪرسي تي ويهندو هوس!"
مون کلي کيس چيو، "استاد، اوهين هتي ويهي سگهو ٿا. اوهانجي ڪرسي منهنجي آفيس ۾ قائم رهندي!"
هڪ ڏينهن، هو منهنجي آفيس ۾ اندر آيو ۽ چوڻ لڳو، "اوهان سان منهنجو دوست ۽ مشهور ملهه پهلوان رُستمِ سنڌ شير ميربحر ملاقات ٿو ڪرڻ چاهي!" مون کيس چيو، "ته پوءِ استاد انهيءَ ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اوهين وٺي اچوس!" ڪجهه دير ۾ ڏسان ته هڪ شاندار شخصيت وارو شخص، اڇن اجرن ڪپڙن، ۽ پٽڪي سان منهنجي آفيس ۾ داخل ٿيو. مان اٿي ساڻس ڀاڪر پائي گڏيس. هو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، چوڻ لڳو، "مون ته سمجهيو هو ته اوهين وڏي ڄمار جا هوندا، پر توهين ته بلڪل منهنجي سوچ کان مختلف نڪتا!" ۽ پوءِ ڪچهري ڪندي هُن کيسي مان هڪ خط ڪڍي مون کي ڏنو ۽ چيو، "مان اوهان سان ملاقات ڪرڻ ۽ اسانجن مسئلن تي اوهان کي ايڊيٽوريل لکڻ لاءِ نواب شاهه ۾ محرم علي ڀٽيءَ سان صلاح ڪئي هئي. هن مون کي اوهان لاءِ هي خط ڏنو هو!"
مون محرم علي ڀٽي جو خط وٺي کولي پڙهيو. ان ۾ ڀٽي صاحب، منهنجن ايڊيٽوريلن جي واکاڻ ڪرڻ کانپوءِ شير ميربحر لاءِ سفارش ڪندي ملهن جي لاءِ ايڊيٽوريل لکڻ جي لاءِ زور ڀريو هو.
محرم علي ڀٽي به ملهه راند جو خود سرپرست هوندو هو. نواب شاهه ضلعي لاءِ روزاني عبرت جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر هوندو هو. صحافت جي دنيا جو هڪ پراڻو ماڻهو پر ڏاڍو محبتي، عزتدار ۽ شانائتو شخص. جهڙو مٺو ماڻهو هو شير ميربحر اوترو ئي ماکي کان به مٺو انسان هوندو هو محرم علي ڀٽي!
اها پهرئين ملاقات هئي سنڌ جي هڪ تمام وڏي ملهه پهلوان شير ميربحر سان. پوءِ ته هو اڪثر ڪري جڏهن به حيدرآباد ايندو هو، ته مون وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اچي ويهندو هو. اسانجو گهر به آفيس جي بنهه ڀر ۾ هوندو هو. عيسو پٽيوالو ڊڪ پائي ماني کڻي ايندو هو. پوءِ شير ميربحر، استاد گل، ڪامريڊ محمد مشوري سان ڊگهي ڪچهري به پئي ٿيندي هئي، ۽ آئون پنهنجو ڪم به ڪندو رهندو هوس. ان وقت شير ميربحر جي ڄمار 56 سال هئي پر مڙس لڳندو هو ته ڄڻ 25 ورهين جو مس آهي. کيس هر مهل اهو اونو هوندو هو، ملهه راند، جي حڪومت سنڌ سرپرستي ڪري!
آئون چوندو هوس، "مير سائين، ملهه راند ته سنڌ جي ثقافت ۾ شامل آهي. اهو ڪهڙُ ميلو آهي جيڪو ملهه راند کانسواءِ خالي هوندو آهي. سنڌ جا وڏيرا هن راند جي سرپرستي ڪندا رهن ٿا!"
پاڻ وراڻي ڏيندو، "مدد سائين، سنڌ مان هاڻ اهي پراڻا ماڻهو ختم ٿيندا وڃن، جيڪي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي ملهن جي سرپرستي ڪندا هئا. مهرباني ڪري اسانجي لاءِ لکو ۽ حڪومت کي زور ڀريندا رهو ته ملهن جي حڪومت سرپرستي ڪري!"
۽ پوءِ هڪ ايڊيٽوريل به لکيو. ان وقت سنڌ جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي هوندو هو. مارشل لا جو ڏکيو وقت ته هو، پر اخبارن جي ايڊيٽوريلس جي ڪٽنگس ۽ سرخيءَ کي ترجمي سان گورنر ۽ صدر وٽ ضرور پيش ٿيندي هئي. ايڊيٽوريل جو اهو مڙيئي اثر ٿيو جو شاهه سائين ۽ قلندر جي ميلن تي ملهن جي همت افزائي ضرور ٿيڻ لڳي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته شير ميربحر، پنهنجي لاءِ ڪڏهن به اها ڳالهه نه ڪئي. نه وري پنهنجي لاءِ مالي امداد جو مطالبو ڪرايو! ان وقت مون کي هڪ ڀيرو محرم علي ڀٽي فون ڪري چيو، "ادا، شير ميربحر جو مارشل لا حڪومت وظيفو بند ڪري ڇڏيو آهي. اوهين هن لاءِ لکو. مون خير محمد کوکر کي به عبرت ۾ ايڊيٽوريل لاءِ چيو آهي، پر اُتان مون کي اميد گهٽ آهي!"
مون هاڪار ڪري، ان مسئلي بابت ايڊيٽوريل به لکيو. ان مان ڪجهه سينسر ٿي ويو، باقي ڇپيو ضرور پر کڙتيل نه نڪتو!
شير ميربحر، ملهه جي هڪ تاريخ هو. هن ڪيترائي تاريخي معرڪا سرانجام ڏنا هئا. جنرل ايوب خان جي آڏو به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هئائين. وٽس تاريخي فوٽن جو به هڪ سٺو ذخيرو هوندو هو. پاڻ چوندو هو، "مدد سائين، ملهه کيڏندي مونکي وڏي ڄمار ٿي آهي. پر دل منهنجي اڃا به جوان اٿو! حڪومت کي ملهه جي سرپرستي لاءِ هڪڙو ادارو کولڻ گهرجي!"
آئون هن کي ڏاڍو تعجب سان ڏسندو هوس. هڪ ڀيري چيائين، "ڪو ماڻهو مون کان ويهي اهي قصا ٻڌي ڪتاب لکي، ته سنڌ ۾ ملهن جي هڪ وڏي تاريخ لکجي ويندي."
واقعي هن جي ڳالهه صحيح هئي. پر اُن وقت ته ڇا، هاڻ به اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي،ته ڪنهن به چڱي ماڻهو تي ويهي ڪو موچارو ڪتاب لکجي!
مون کي ته اها ڳالهه بعد ۾ معلوم ٿي ته هو سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ موسو ديرو ۾ پڙهيو هو. اتي پرائمري اسڪول ۾ مشهور ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري جو والد محترم عبداللطيف آگرو سندس استاد هو. عبدالطيف مرحوم تڏهن ان اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو. غلام رباني آگرو به اتي پڙهندو هو. رباني صاحب پنهنجي والد مرحوم تي ڏاڍو عاليشان خاڪو "جهڙا گل گلاب جا" ۾ لکيو آهي.
ملهه راند کي زنده رکڻ ۾ شير ميربحر جو نالو سدائين مٿانهون رهندو. هن ملهه جي پهرئين سوڀ پنهنجي پاڙي جي پير جهنگلي بادشاهه محبت ديرو جتوئي جي ميلي ۾ کيڏي ورتي ۽ پوءِ هو اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان، اڳوڻي صدر ايوب خان، هز هائنيس مير علي مراد خان ٽالپرآف خيرپور رياست، سميت وڏن وڏن ماڻهن جي روبرو ملهه جي فن جو مظاهرو به ڪيو. شير جو لقب به حاصل ڪيائين. رستم سنڌ جو به اعزاز ماڻيائين پڇاڙيءَ ۾ بيمار ٿيو ته هانءُ ته اصل نه هاريائين. زندگيءَ جو سمورو وقت ڏاڍي عزت آبرو ۽ شان سان گذاري هي جهان ڇڏي ويو. پاڻ جڏهن گذاري ويو هو ته مون روزاني سنڌ نيوز جو ايڊيٽوريل سمورو مٿس لکيو هو. هاڻ اهڙا ماڻهو ڪٿي؟ ماڻهو ته مري ويا. هاڻ ته شمع کڻي ڳوليو، ته به ماڻهوءَ جو هٿ اچڻ بنهه محال آهي.
آخر ۾ شير ميربحر تي لکيل اهو ايڊيٽوريل جيڪو 30 مارچ 1985ع تي سنڌ نيوز ۾ لکيو هوم، اهو دوست مولائي ملاح جي ٿورن سان هن مضمون ۾ شامل ڪريان ٿو:
شير ميربحر جو لاڏاڻو
هيءَ خبر نهايت ڏک ۽ رنج مان پڙهي ويئي آهي ته سنڌ جو نامور ملهه پهلوان شير ميربحر گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. انا الله وانا اليه راجعون.
مرحوم شير ميربحر جو نالو اهل سنڌ لاءِ يقينن ڄاتل سڃاتل هو. ان لحاظ کان به ته ملهه جي راند ۾ کيس قدرت وڏي مهارت ڏني هئي، جنهن جي ڪري کيس رستم سنڌ جو لقب مليو هو. سندس ئي ذاتي ڪوششن جو عمل دخل هو جو ملهه راند جا سرڪاري حيثيت سان مسئلا حل ڪرڻ جا اپاءُ ورتا ويا. سندس زندگيءَ جو ڪيترو عرصو ملهه راند جي خدمت ڪندي گذريو، اڄ به سموري سنڌ ۾ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي سنڌ جي هن عظيم ۽ قديم راند جي فروغ لاءِ هر وقت ۽ هر دم ڪوشان رهندا پيا اچن.
25 سال ملهه جي راند رهندي هن ڪيترن پرڏيهي پهلوانن سان مقابلا ڪري پنهنجي ملڪ جو مان ۽ شان وڌايو. هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگهه ۽ يورپي پهلوان زيبسڪو سان ملهه وڙهي کين شڪست ڏيڻ جي عيوض سندس نالو دور دور تائين مشهور ۽ معروف ٿيو.
بدقسمتي سان ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ جي راندين، ثقافت ۽ قديمي ورثي بابت ارباب اختيارات جنهن بيحسي جو مظاهرو ڪندو پيو اچي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ دلچسپي وٺي فنڊز منظور ڪري همت افزائي به پئي ڪري ٿي ته ارباب اختيارات ان سلسلي ۾ يا ته ڪا به دلچسپي نٿا وٺن، يا وري مرڳو اهي فنڊز عجيب و غريب طريقن سان خرچ ڪيا وڃن ٿا، جو انهن جو اصلي مقصد نٿو حاصل ٿئي. بهرحال اهو هڪ طوالت جوڳو بحث آهي، جنهن جي طوالت کان پاسو ڪندي اسين فقط اهو چونداسين ته ملهه راند، سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي، جنهنجي هر طرح سان همت افزائي ٿيڻ گهرجي. نامور ملهه جيڪي بعد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا، هر طرح سان مالي امداد ڪرڻ گهرجي. راند ڪندڙ نامور ملهن کي باقاعده وظيفا ملڻ گهرجن، پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن حڪومت سنڌ هن راند جي هر طرح سان همت افزائي ڪرڻ لاءِ خصوصي اُپاءُ وٺي، ته جيئن اسانجي هيءَ قديم راند ترقي جا وسيلا حاصل ڪري سگهي.
مرحوم شير ميربحر جي وفات سبب ملهه راند کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جو پورائو تمام گهڻي وقت تائين ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ ڪوبه ڏکن ۽ سُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيو، جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي. بهرحال زندگيءَ جي سفرنامي تي ڪنهن سان ڪهڙي شڪايت شل حورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ هن شخص کي سدائين ياد رکندي.