شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر سنڌ جو ديومالائي ڪردار (خواجه ذوالفقار)

سنڌ جو ساهتي پرڳڻو ادب، علم، لوڪ ڏاهپ ۽ ٻوليءَ توڙي راندين جي حوالي سان هند ۽ سنڌ ۾ سدائين مشهوري ماڻي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي ويجهي تاريخ ۽ ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته سنڌ جي نامياري عالم، اديب ۽ سياستڪار پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب "اهي ڏينهن اهي شينهن" پڙهڻ وقت جڏهن به سنڌ جي راندين ۽ ثقافت جي حوالي سان ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته ڪجهه گهڙين لاءِ حيرت ٿئي ٿي ته جيڪا سنڌ اڄ کان پنجاهه سٺ سال پهريان هئي، اها ڪيڏانهن گم ٿي وئي، پير علي محمد راشديءَ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۽ ملهه پهلوانن جي حوالي سان ذڪر ڪندي چيو آهي ته "جڏهن قلندر شهباز، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ راڻيپور واري پير سيد صالح محمد شاهه جا عرس ٿيندا هئا ۽ ملاکڙن ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان دهلن جي ڌمال تي نچندا ڪڏندا ۽ هڪ ٻئي کي سندرا اڇلائيندا هئا ته سڄي ملاکڙي ۾ ڄڻ سانت ٿي ويندي هئي، ۽ خاص ڪري جڏهن ان دور جو مشهور ملهه پهلوان شير مير بحر ميدان تي ايندو هو ته ملاکڙي ۾ شامل ماڻهو اٿي بيهي سندس آجيان ڪندا هئا، ۽ ائين ئي تاڙيون وڄنديون هيون، جيئن ڪرڪيٽ جو مشهور رانديگر جاويد ميانداد ميدان ۾ ايندو هو ته کيس شوقين تاڙيون وڄائي داد ڏيندا هئا ۽ ساڳئي طرح شير مير بحر به ميدان تي لهندو هو ته نه رڳو ملهه پهلوان سندس اٿي بيهي استقبال ڪندا هئا، پر ملاکڙي ۾ موجود سمورا ماڻهو سندس تاڙين سان آجيان ڪندا هئا".سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جاپان جي سومو پهلوانن واري ڪشتي سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، ليڪن ملهه پهلوان جڏهن هڪ ٻئي سان سندرا ساهي جاٺا هڻي هڪ ٻئي کي ملهه مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ته ملاکڙي ۾ موجود سمورا ماڻهو ملهه پهلوانن جي داءَ تي داد ڏيندا آهن، ۽ جڏهن به ڪو ملهه پهلوان ڪنهن وڏي پهلوان کي ملهه ماريندو هو ته سج لهڻ تائين هو ملاکڙي ۾ موجود ماڻهن کان پئسا وٺندي وٺندي ٿڪجي پوندو هو ۽ ملاکڙي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ڳوٺن تائين ملهه پهلوانن جون ڳالهيون هلنديون هيون، ۽ انهن سمورن پهلوانن ۾ شير ميربحر جي ڳالهه ئي ٻي هئي، سندس وڙهڻ جو انداز سهڻي سجاوٽ، چهري تي ٺهندڙ شهپر ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو پائي جڏهن هو ميدان تي لهندو ٿو ته پنهنجي نالي جيان شير جي ڏِکَ ڏيندو هو، هاڻي نه اهي ملهه پهلوان رهيا آهن، نه وري ميلن ملاکڙن جا شوقين ماڻهو، ان ڪري سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جي سرڪاري طور سهائتا نه ٿيڻ سبب آهستي آهستي ملهه جو شوق ختم ٿيندو پيو وڃي.شير ميربحر ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ 21 جون 1924ع تي جنم ورتو ۽ سندس تعليم پرائمري پنج درجا هئي، ليڪن هن ملهه واري راند ۾ ايتري ته شهرت حاصل ڪئي جو شير ميربحر کي ڏسڻ ۽ سندس ملهه وڙهڻ واري انداز کي پرکڻ لاءِ ڀارت سميت برطانيا، ۽ جاپان جا پهلوان به سنڌ پهتا، ليڪن شير ميربحر انهن پهلوانن کي ڌوڙ چٽائي ڇڏي ۽ "شير سنڌ" جو مليل خطاب سدائين برقرار رکيو. اڄ به ڳوٺن ۾ جڏهن جهونا اوطاقن ۾ ويهي ملهه ۽ ملهه پهلوانن جون ڳالهيون ڪندا آهن ته سڀني کان پهريان سندن زبان تي شير مير بحر جو نالو تري ايندو آهي، ۽ ان ئي دور جي پهلوانن ۾ انب شيدي، شير گوپانگ، محمد صفر خواجه، ۽ ٻيا ڪيترائي پهلوان شير ميربحر سان ملهه وڙهندا رهيا، ليڪن شير ميربحر جيڪڏهن ڪنهن پهلوان کي اڳين ملهه مارڻ ڏيندو هو ته پوئين ملهه ۾ ساڳي پهلوان کي گهمائي گهمائي پٽ تي اڇلائيندو هو، ان دور ۾ قلندر شهباز ۽ ڀٽ شاهه جي ملاکڙن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو وڏو ملاکڙو ٿيندو هو، اهو سائين صالح محمد شاهه جي درگاهه راڻيپور ۾ پير نالي چڱو لڳرائيندو هو ۽ اهو نه رڳو پاڻ ملهه پهلوان هو پر ملهن کي پاليندو به هو، ان حوالي سان اڄ کان ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويل ڪنگري تعلقه ضلعي خيرپور جي ڳوٺ ٻوگهڙ جي رهواسي وقت جي نامياري ملهه پهلوان محمد صفر خواجه پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته شير ميربحر سان ملهه وڙهڻ لاءِ راڻيپور جي پير نالي چڱي کيس 2 مهينا هڪ هنڌ ويهي پاليو هو ۽ جڏهن ملاکڙي ۾ شير ميربحر سان سندرو ساهيو ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ڪنهن پهاڙ سان ٽڪرايو آهيان، شير ميربحر بابت پهلوان محمد صفر خواجه ٻڌايو ته ان وقت شير ميربحر جي عمر موٽ کاڌي هئي ۽ آءُ پهرين جوڙ ۾ پير پاتو هو ٽن ڪلاڪن تائين مقابلو ٿيو، ۽ مون کيس پهرين ملهه ماري ۽ سج لهڻ تائين ملاکڙي جي ماڻهن کان پئسا وٺندو رهيس ۽ ڪاوڙ ۾ شير مير بحر هيٺ نه ويٺو ۽ زمين تي پير سان ليڪا پائيندو ۽ سڄي ملاکڙي جي چوڌاري گهمدو رهيو، ليڪن سج لهڻ ۽ اوندهه ٿيڻ سبب ان ڏينهن فقط هڪ ملهه ئي ٿي سگهي ۽ ٻئي ڏينهن تي سڀني کي انتظار هو ته فقط اسان ٻنهي جي ملهه جو" ٻئي ڏينهن جڏهن اسان هڪ ٻئي جا سندارا ساهيا ته شير ميربحر مونتي لڳاتار وار ڪندو رهيو، ۽ آخر ۾ جڏهن هن گهمائڻ شروع ڪيو ته منهنجا پير زمين تان کڄي ويا، ۽ گهمائي گهمائي پٽ تي اڇلايائين ته مونکي ڪل ئي ڪان پئي، ۽ ڪيتري وقت تائين مٿو ڦرڻ ۽ ڌڪ لڳڻ سبب اٿي نه سگهيس ۽ شير ميربحر ملاکڙي ۾ وڃڻ بدران مونکي مٿان بيهي ڏسندو رهيو ۽ آخر ۾ هٿ وڌائي مونکي اٿاري ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته جيڪڏهن آءُ ملاکڙي تان رٽائرڊ ٿي ويس ته مونکي پڪ آهي ته ضرور منهنجي جاءِ والاريندين، آءُ ڪيترو ئي عرصو پهرين جوڙ جي ملهه طور وڙهندو رهيس، ليڪن شير ميربحر ڪير سڏائي! اهڙو ملهه پهلوان سنڌ شايد ٻيهر پيدا ڪري نه سگهندي. شير مير بحر جي حوالي سان سنڌ جي چوٽيءَ جي پهلوانن ۾ سيد سمن شاهه پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو هو ته مون جڏهن شير ميربحر کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڏٺو هو ته سندس باڊي ساڳي ته نه رهي هئي، ليڪن ٻانهن جي کل ڏيڍ انچ تائين هيٺ لڙڪيل ڏسي مونکي حيرت ٿي هئي ته پنهنجي دور جي شهنشاهه ملهه پهلوان جي حڪومت ڪا به سهائتا نه پئي ڪري، ۽ خبر ناهي ته اسان جو انت ڇا ٿيندو، ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شمن شاهه، محمد صفر خواجه جو شاگرد هو ۽ غلام سرور جتوئي پنهنجي والد قلب علي جتوئيءَ جو شاگرد هو ۽ جڏهن حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٻنهي پهلوانن وچ ۾ مقابلو ٿيو هو ته پهرين ملهه سمن شاهه ۽ ٻي ملهه غلام سرور جتوئي ماري هئي، ان ڪري ان وقت جي گورنر ايس ايم عباسي ايوارڊ ٻنهي پهلوانن کي ڏنو هو ۽ 1964ع ۾ راڻيپور واري پير صالح محمد شاهه جي درگاهه تي جڏهن شير ميربحر ۽ محمد صفر خواجه ۾ هڪ هڪ ملهه برابر ٿي هئي ته ٻنهي پهلوانن کي روڪ رقم ۽ ايوارڊ جو اڌ اڌ حصو مليو هو. شير ميربحر جي حوالي سان هر ڳوٺ ۾ اوهان کي ڪا نئين ڪهاڻي ڪا نئين ڳالهه ضرور ملندي، ان ڪري ته هو پنهنجي وقت جو ديو مالائي ڪردار رهيو آهي، ان ڪري ته جيستائين ملهه ۽ ملاکڙا قائم آهن تيستائين شير سنڌ شير ميربحر جو ذڪر ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائبا رهندا، ليڪن هن وقت صورتحال اها آهي ته ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال، فوٽ بال ۽ ٻين راندين لاءِ ته حڪومت وٽ فنڊ به آهن ۽ نجي ڪمپني اشتهار به ڏين ٿيون، ليڪن سنڌ جي ثقافتي راند ملهه آهستي آهستي ڄڻ پٺتي ڌڪجي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار يا سنڌ واسين پنهنجي انهيءَ ثقافتي راند ملهه جي ڪا سهائتا نه ڪئي ته ٻين راندين جيان شايد اڳتي هلي ملهه پهلوان به پنهنجو رستو مٽائي ڪنهن ٻي راند ڏانهن ڌيان ڏين. اڄ به پنهنجي ڳوٺن جا جهونا ٻڌائين ٿا ته شير ميربحر 1962ع ۾ چيڪوسلواڪيا جي مشهور پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏني ۽ 1966ع ۾ هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگھ کي به تاريخي شڪست ڏني هئي، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ جيڪو شاندار ملاکڙو منعقد ڪرايو ان ۾ شير ميربحر کي ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو، ليڪن اڄ حڪمرانن ۾ به ملهه جا اهي قدردان موجود ئي ناهن، جيڪي ملهه پهلوانن کي ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڏئي ملهه پهلوانن جي سهائتا ڪن. ۽........ ها سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا هاڻي ڪو ٻيهر سنڌ جي ڪنهن پرڳڻي مان شير ميربحر جهڙو ملهه پهلوان پيدا ٿي نه سگهندو؟ قدرت سونهن سان گڏو گڏ شير ميربحر کي جيڪا خوبصورت باڊي ۽ ملهه وڙهڻ جو انداز ڏنو هو اهو ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شير ميربحر جهڙي سدا حيات پهلوان جون ڳالهيون صدين تائين ڳائبيون رهنديون.