سنڌ جي قومي راند ملهه جو ناقابل شڪست پهلوان رستم سنڌ: شير ميربحر( شهاب الدين ملاح)
رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر اڄ کان 73 سال اڳ يعني 21 جون 1924ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد کيس تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو پر شيرميربحر جو سڄو ڌيان ملهه جي طرف هئو، آخرڪار پرائمري تعليم کان پوءِ تعليم کي خيرباد چئي باقاعدي ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شروع کان وٺي ملهه جي فن ۾ ڌاڪو ڄمايائين.
رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر 30 سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي پهلوانن کي پٽ تي ڪيرايو. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر هالا ۾ ٿيل مقابلي ۾ چيڪوسلاويه جي پهلوان زيبسڪو کي شڪست ڏني، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن مقابلي کان پوءِ کيس "رستم سنڌ" جو لقب ڏنو ويو، جيڪو آخر تائين سندس نالي جو حصو بڻيل رهيو.
ان کان پوءِ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هڪ عالمي ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ پهلوان شير ميربحر هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه ۽ انگلينڊ جي پهلوان هينري هربرٽ کي زبردست شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيو.
مُلڪ ۾ ٿيل مقابلن ۾ هڪ يادگار مقابلو لکي محل خيرپورميرس ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جي فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان ۽ واليءِ رياست مير علي مراد خان ٽالپر سان گڏ ڏٺو. ان مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني، جنهن تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ايترو ته متاثر ٿيو جو اٿي بيهي تاڙيون وڄايائين ۽ پهلوان شير ميربحر کي هار پارايائين ۽ چيائين ته "شير واقعي شير آهي."
رُستم ِسنڌ پهلوان شير ميربحر جو هڪ ٻيو مقابلو اُن وقت جي اڀرندڙ پهلوان الهه جڙيي سمي سان ٿيو، جنهن سنڌ جي سمورن پهلوانن کي ملهه وڙهڻ جو چئلينج ڏنو هو، جيڪو پهلوان شير ميربحر قبول ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي لڳاتار ستن ملاکڙن ۾ الهه جڙيي سمي کي شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيائين. ملهه جي شوقينن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پهلوان شير ميربحر اتفاق سان پهرين ملهه ڪري پوندو هئو ته ملاکڙي جي ٻانهين ۾ هرگز نه ويهندو هئو. پر پوئين ملهه جي انتظار ۾ پڙ ۾ پيو گهمندو هئو ۽ نيٺ پوئين ملهه پنهنجي مخالف کي دسي پوءِ ساهه پٽيندو هو. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ملهه ته پوئين ۽ شير لاءِ چيو ويندو هئو ته پوئين ملهه شير جي آهي.
رُستمِ سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ڪارنامن کي ڏسندي عوامي دور جي حاڪم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هئو، جتي هي، نَون ِسکندڙن کي ملهه جي سکيا ڏيندو هو ۽ ملهه جي ترقيءَ لاءِ به پڻ جدوجهد ڪندو هئو. پر 1984ع ۾ جڏهن پهلوان شير ميربحر بڪين جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ هن ڏانئڻ مرض هيڏي ساري پهلوان کي ڊاهي اسپتال ڀيڙو ڪيو، تڏهن شير ميربحر ان اوسيئڙي ۾ هيو ته جهڙي طرح هن ديس ۽ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو، تيئن ديس وارا سندس مان مٿاهون ڪندا ۽ مدد ڪندا، پر ايئن نه ٿيو. سنڌ جو ڪوبه فنڪار جڏهن فن جي اوچي هماليه تان ڊهندو آهي ته سڏڪي سڏڪي اسان کان ڌار ٿي ويندو رهيو آهي، پر وقت جي حڪمرانن ڪڏهن به مٿس ڌيان نه ڌريو آهي . ان لاءِ سياسي ۽ سماجي تنظيمون اخباري بيان ڏئي مطمئن ٿيو وڃن.
اهڙيءَ طرح پهلوان شير ميربحر جڏهن اسپتال داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ سندس علاج لاءِ ته ڪجهه نه ڪيو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان مليل قومي ڪوچ وارو عهدو به ختم ڪري کيس ملندڙ وظيفو بند ڪري ڇڏيو. ڪيڏي نه بي حسي ۽ ڇسائپ هئي وقت جي حڪمرانن جي. جڏهن شير ميربحر ملهه کٽندو هئو ته حڪمران انهن ميڙاڪن ۾ تاڙيون وڄائي کيس داد ڏيندا هئا، پر جڏهن بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيو ته نه رڳو سندس پرگهور نه لڌي وئي، پر کيس بيروزگار به ڪيو ويو ۽ ايئن نيٺ بيماري واري حالت ۾ پهلوان شير ميربحر 28 مارچ 1985ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اسان سنڌ جي "رستم پهلوان" شير ميربحر کي سواءِ ڏکن جي ٻيو ڪجهه نه ڏنو.
رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر دنيا ۾ جنهن ديس جو نانءُ ۽ مان مٿاهون ڪيو، ان ديس واسين کيس صرف دل وندرائيندڙ ڪردار سمجهيو، جيڪو جڏهن اسٽيج تان لهي ويو ته کيس بلڪل ڀلائي ڇڏيو. جيڪڏهن پهلوان شير ميربحر ڪنهن ٻئي ملڪ جو ايڏو عظيم فنڪار هجي ها ته شايد ايئن بي درديءَ سان موت سندس نڙيءَ کي مروڙي ساهه نه ڪڍي ها يا اسان جي ئي ملڪ جي هاڪي يا ڪرڪيٽ جي راند سان تعلق رکي ها ته شايد ايئن سرڪاري وظيفي کان به محروم نه ٿئي ها ۽ نه ئي سرڪاري اسپتال جي ميرن بسترن تي پيو هجي ها!
بهرحال اڄ رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ٻارهين ورسي ملهائي پئي وڃي. اسان هن موقعي تي سنڌ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته پهلوان شير ميربحر جي ڪيل خدمتن کي مدنظر رکندي ڀٽ شاهه ۾ ٺهيل ملاکڙا اسٽيڊيم جو نالو "شير ميربحر ملاکڙو اسٽيڊيم" رکيو وڃي.
ڀٽ شاهه، قلندر لعل شهباز رحه ۽ راڻي پور جي ساليانن ملاکڙن ۾ هر سال باقاعدگيءَ سان ملهه پهلوانن کي "شير ميربحر ملهه ايوارڊ" ڏنو وڃي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ڪيل ملڪي خدمتن تي کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي.
پهلوان شير ميربحر جي يادگار تعمير ڪئي وڃي ۽ سندس ورسي هر سال سرڪاري طور ملهائي وڃي. جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ پهلوان شير ميربحر سان ڪو به ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪونه ٿيو، جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي، بهرحال زندگيءَ جي سفر ۾ ڪنهن ڪنهن سان شڪايتون ڪجن. شل حُورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ سدائين هن شخص کي ياد رکندي. بقول شاهه لطيف ته :
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
(روزاني برسات ڪراچي، 'هفتيوار برسات مئگزين'
28 مارڄ 1997ع جي ٿورن سان)