شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

ملهه جي فن جو ڌڻي موڪلائي ويو

سنڌ جو ناميارو ۽ برک پهلوان "رستمِ سنڌ" شير ميربحر به موڪلائي ويو. هو ڪافي وقت کان بيمار هو ۽ ماهر ڊاڪٽرن سندس علاج پئي ڪيو ، پر ڦڪيون تڏهين فرق ڪن جڏهين امر ٿئي الله جو جي مصداق هو اسپتال مان رخصت وٺي ڳوٺ پئي ويو ته واٽ تي دم ڏنائين.
شير ميربحر جي وفات سان ملهه جي هڪ وڏي دور جي پڄاڻي ٿي وئي. مرحوم پنهنجي حياتيءَ جا 24-25 سال ملهه جي فن سان وابسته رهيو. ان ڊگهي عرصي ۾ مرحوم ملڪي ۽ غير ملڪي ملهن سان ڪيئي مقابلا ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ملهه جي فن کي زور وٺائڻ ۽ ان کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ مرحوم شير ميربحر جون خدمتون هميشه ياد رهنديون. مرحوم نه رڳو ملهه جي فن جي ترقي لاءِ پر ملهه پهلوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ به سدائين پاڻ پتوڙيندو رهيو. ملهه جي قومي ڪوچ جي حيثيت ۾ هن نوجوانن ۾ ملهه جي فن کي ڪاميابي سان فروغ ڏنو ۽ اڄ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي هن فن کي زنده رکڻ لاءِ مرحوم شير مير بحر جي مشعل کي روشن رکندا ايندا.
مرحوم شير ميربحر پنهنجي سموري حياتي ملهه جي فن ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ آخري دم تائين ان جستجو ۾ رهيو پر افسوس ته اسان سندس حياتي ۾ مرحوم لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. هاڻ هو جڏهن اسان وٽ ڪونهي ته اسان تي ۽ حڪومت تي هي ذميواري ويتر وڌي وئي آهي ته مرحوم جي اهل و عيال جي پر گهور لهون ۽ سندن هر طرح مدد ۽ دلجوئي ڪريون. مرحوم سنڌ جي ملهه جي فن ۽ سنڌي ثقافت جي لاءِ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن، تن جو قدر ڪري ، سندس ياد ۾ ڪو يادگار قائم ڪيو وڃي ۽ هن فن کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
(ايڊيٽوريل روزاني "عبرت" حيدرآباد سنڌ ، 30 مارچ 1985ع )