سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۽ شير ميربحر ( ادريس جتوئي)
مان جڏهن پرائمري پڙهندو هوس تڏهن اسان جي ڳوٺ ٺوڙها ۾ ونجهه وٽي، والي بال، ڪٻڊي راند کيڏي ويندي هئي. ڳوٺ ۾ مختلف راندين ۾ هارين جي ٽيم الڳ ته ملازمن جي ٽيم الڳ هوندي هئي. وڏن جون ٽيمون جُدا ته شاگردن ۽ ٻارن جون ٽيمون الڳ هونديون هُيون. اسان جي ڳوٺ جي اولهه پاسي واري شهر ڏيپارجا ۾ ڪيترائي ساليانا ميلا لڳندا هُئا ۽ اسين آسپاس جي ڳوٺن جا ٻارڙا انهن ميلن جو شدت سان انتظار ڪندا هُئاسين. انهن ميلن ۾ سائين نظر محمد شاهه، حيدر شاهه ۽ حامد شاهه جا ميلا تمام گهڻا مشهور هُئا، انهن ميلن ۾ اُٺن، ڏاندن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ به ٿيندي هئي. پر ميلي جو اهم ڀاڱو شام جو ميدان تي ٿيندڙ ملاکڙو هوندو هو. ڀانت ڀانت جا پهلوان اچي پهچندا هُئا. شام جو دير تائين ملاکڙي هلندو هو. اڄ وانگر بدامني ڪانه هوندي هئي. سڪون سان ميلو گهمي ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽندا هُئا.
ان دور ۾ شير ميربحر جو شاگرد اسان جي علائقي جو مشهور ملهه پهلوان (محمد عالماڻي به ملهه وڙهندو هو). بدين جا شيدي ملهه به مشهور هوندا هئا، انهن جون ملهون ته اسان ٻارڙن لاءِ وڏو رونشو هونديون هُيون. شيدي پهلوان قد جا ننڍا پهلوان انهن کي مٿي کڻندا هئا، اوچتو اُهي اهڙيون اندريون هڻندا هئا جو طاقتور پهلوان به اچي ڦهڪو ڪندا هئا. اسان جي ڳوٺ ٺوڙها جو استاد غلام نبي سومرو به ملهن جا سندرا ڇڪرائيندو هو ۽ سندس ڀاڻج قربان سومرو به ملهه وڙهندو هو. اسان جي پاڙي ۾ مشورين جي ڳوٺ جو غلام محمد مشوري به ميدان تي لهندو ۽ ملهه وڙهندو هو. مَچُرَ جو نظير حسين وسطڙو واهه جو ملهه جي ڪمينٽري ڪندو هو. رات جو ميلي مان جڏهن موٽي اچبو هو ته ڳوٺ جي اوطاقن تي ڪچهريون به ملهه بابت هلنديون هيون. فلاڻو ملهه واهه جو وڙهيو. فلاڻي جو ته حال ئي ڪو نه هو. پوءِ وڏن ملهن جو ذڪر هلندو هو. ملهه وڙهي ته شير مير بحر وڙهي، ملهه وڙهي ته سمن شاهه، ملهه وڙهي ته غلام سرور جتوئي. ڀٽ شاهه جي ميلي جون، قلندر شهباز، سچل ۽ ٻين ميلن تي ٿيندڙ ملهن جو ذڪر ٿيندو هو. پوءِ ته ملهن بابت ڏند ڪٿائي ڪچهريون به هلنديون هيون، ته فلاڻو پهلوان هيترا سير نجو مکڻ کائي ٿو. ملهه، مسلسل ڪِريءَ جي ماني کائيندا آهن، هيترا مڻ سرنهن جو تيل بُت تي هڻندا آهن وغيره، اهڙيون ڳالهيون ٻُڌي اسان ٻارن جا وات ئي پٽجي ويندا هئا. وڏڙن جي ڪچهرين ۽ ميلي جي ماحول جو اهڙو ته اثر ٿيندو هو جو اسان اسڪول جا ٻار مختلف نامورن ملهن جا نالا رکي پاڻ ۾ اسڪول ۾ ملهه وڙهندا هئاسين. هڪ ڀيري ته اهڙي ٻاراڻي ملهه راند ۾ ته مان پنهنجي ٻانهن ڀڃائي ويهي رهيس ۽ ڪيتريون ئي راتون ٻانهن ۾ سُور جي ڪري امڙ ويچاري جون ننڊون ڦٽايم.
اهي ڏينهن ڏهاڙا ڪيڏانهن ويا، وري جو سنڌ ۾ بدامني شروع ٿي، پنهنجن جا پنهنجا ويري ٿيا، ڪاٽڪو خان ويڙها ويران ڪرڻ لڳا ۽ ڪڙم جا ويري ٿيڻ لڳا ته ڪاڏي ويا ميلا ته ڪيڏانهن ويا ملاکڙا. سنڌ کي نظر لڳي وئي.
هاڻي جو ڀاءُ مولائي ملاح شير ميربحر تي لکڻ لاءِ چيو ته ذهن تي اهي سڀ ڳالهيون تري آيون. ان دور ۾ جن وڏن ۽ پهرين جوڙجي ملهن جي هاڪ ٻڌبي هئي، انهن ۾ اسان جي ساهتي پرڳڻي جي ملهه شير ميربحر جو نالو نمايان هوندو هو. ان کانسواءِ سمن شاهه ۽ غلام سورو جتوئي جو نالو به ڳائبو هو. پهلوان دُر محمد عالماڻي سان ته ڪچهريون ٿينديون هيون، خاص طور تي موهر تي سدا واهه جي ڪپ تي سنڌو جي ڀر سان اسان جي مائٽن وٽ ملڻ ٿيندو هو. پهلوان رهندو به ان علائقي ۾ هو، پنهنجي استاد شير مير بحر جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هو. شير ميربحر سنڌ جو بهادر ۽ سُهڻو پهلوان هو. ڀٽ شاهه، سيوهڻ ۽ ٻين درگاهن تي ٿيندڙ ملاکڙن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. هُن پاڪستان جي ڪيترن ئي ملهه پهلوانن سان مقابلا ڪيا بلڪه پرڏيهي ملهن کان به ملاکڙي ۾ مقابلا کٽيا. شير ميربحر کي سنڌ جي هن اهم ثقافتي راند ملهه کي ترقي وٺرائڻ جو ڏاڍو اونو هوندو هو. ملهه راند کي ملڪي ليول تي نظرانداز ٿيندي ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيندو هو. هُن کي ملهن جي حالت ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو هو. ان ڪري هن ملهه ايسوسئيشن جو بنياد رکيو جنهن کي اڳتي هلي پهلوان غلام سرور جتوئي ڏاڍو سگهارو بڻايو. شير مير بحر کي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دور ۾ ملهه جو ملڪي ڪوچ پڻ بنايو ويو. پر اڳتي هلي ضياءُ الحق جي زماني ۾ ان تان کيس هٽايو ويو. حالانڪ ضياءُالحق جي زماني ۾ سنڌ ۾ جڏهن سياسي بي چيني وڌڻ لڳي ته حڪمرانن و ڏا ميلا ملاکڙا ڪرايا، ته جيئن دنيا کي سنڌ جي پُر امن هجڻ جو تاثر ڏجي.
بهرحال ملهه سنڌ جي اهم ثقافتي راند آهي، ان کي ترقي وٺرائڻ ۾ 'شير مير بحر' جو ڪردار مثالي آهي، شير ميربحر تي ڪتاب آڻڻ تي مولائي ملاح جهڙن نوجوانن کي جس هجي، ان سان نئين نسل کي به پنهنجي ڪلچر، قومي راند ملهه جي خبر پوي ٿي.