هينئڙو مون سُڌير، جان تون جوڳي جوءِ ۾! (گل محمد رند)
جنهن ملڪ جي آبهوا ٻٽن ٻٽن موسمن ۾ ورهايل هجي، جنهن مان سنڌو نديءَ جهڙي ملهه تري نڪرندي هجي. جنهن ۾ بي انت ٻيلا ۽ وڻ ٽڻ هجن، جتي آلودگي، پلوشن جو ناءُ نشان به نه هجي. اتي جا ماڻهو سگها ۽ طاقتور ضرور هوندا. انهن جي وندر ورونهن ۾ به طاقت آزمائيءَ وارا ڪارناما هوندا. اتي ونجهه وٽيءَ راند، ٽه، ترئين راند، ٻيلهاڙو راند، ڪوڏي ڪوڏي راند ۽ ملهه راند، تقريبن سڀ جي سڀ طاقت آزمائيءَ واريون رانديون هونديون هيون. جن جا ميدان ۾ مقابلا هلندا هئا.
جاگيرداري نظام ۾ ڪيئي اونايون به ضرور آهن پر انهن طاقت جي مقابلن جو انعقاد سر پرستي ڪندي کٽيندڙ رانديگرن جي فتح کي پنهنجي فتح سمجهڻ انهن جاگيردارن پئسن جا انعام اڪرام ڏيارڻ، ته پنهنجي نالي رانديگر تيار ڪرڻ ۽ انهن رانديگرن جي فتح کي پنهنجي فتح سمجهڻ انهن جاگيردارن جو شيوو هوندو هو. ان راند ۾ ڪي ريفري هوندا هئا، ته ڪي ملهن کي پاڻي پياريندا هئا ۽ ڪي دهلاري به هوندا هئا. انهن سڀني جي ڪمائيءَ گذر سفر جو ذريعو هي رانديون ئي هونديون هيون، چيٽ توڙي ڪتيءَ جي فصلن لهڻ وقت چوڏهينءَ جي چنڊ واريون راتيون انهن راندين جي مقابلن ۽ صوفياڻي راڳ رنگ ۾ گذرنديون هيون.
اسين اگر ان جي پس منظر ۾ وينداسون ته اسان کي هر هڪ فن ۾ ڪي نه ڪي نالي وارا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. جن کي ماڻهن جي عقيدتمندن ۽ جاگيردارن جي پاسدارين ڪري دل وڏي ٿي ويندي هئي. ته اسين نڌڻڪا ناهيون. جڏهن ملههُ پنهنجي فن جو هڪ ڪامياب ڏيک ڏيندو هو ته ان وقت ان ۾ ملوث ٽئي فريق، ملهه، جاگيردار ۽ راڄ، هڪ جذبي جي لڙهيءَ ۾ پوئجي ويندا هئا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن شعر جو منظر لڳندا هئا.
تند، ڪٽارو، ڪنڌ، ٽئي پرتا پاڻ ۾،
شڪر ڪيان الحمد، جو مٿو گهريو مڱڻي.
(شاهه)
مَلههُ، خوشيءَ مان نچندو آهي، جاگيردار ڪوڪرا ڪري ڪرسيءَ تان اُٿي ويندو آهي ته ڏسندڙ ماڻهو ڪنڌيءَ اندران ڦرندڙ کٽيل ملهه کي اُٿي آجيان ڪندا هئا ۽ مٿانئس پئسن جون گهورون گهوري ڇڏيندا هئا. ان خوشيءَ جي موقعي وقت دنيا جا ڏک سور واءُ ٿي ويندا هئا. ان خوشيءَ جي موقعي تي هر چهري تي خوشيءَ جون ريکائون اڀري اينديون هيون. ان راند جو سنڌ اندر هڪ وڏو پس منظر آهي، جنهن ۾ ڪيئي يگانا ملهه پنهنجي دور کي نچائيندا ڪڏائيندا رهيا. پر اهو هڪڙو چونڊ هيرو جنهن کي سنڌ جيسين هوندي ته نهايت عزت، عاقبت، وڏي شان ۽ وڏي مان سان ياد ڪندي رهندي. اهو مان وارو ملهه هئو رستمِ سنڌ 'شير ميربحر' جنهن جي ملهه هڪ طرف ته مرداڻي سونهن ٻئي طرف. ميدان ۾ رڳو سندرو ٻڌي پيو هلندو هو ته ڌرتي قدم قدم تي سندس آجيان پئي ڪندي هئي. اسان وٽ اڄ اگر سندس وڙهيل (کيڏيل) ملهن جون ڪي وڊيو ڪيسٽون هجن ۽ انهن جو اگر رڳو 'شو آف' ڪبو رهجي ته، تڏهن به اسان جا نوان نسل شير ميربحر کان اڻ واقف ۽ بيگانا نه رهن. اسين ڳالهين رستي يا مضمونن ذريعي کڻي ڪيترو به بيان ڪريون، پر اڄ جو نوجوان نسل جيڪڏهن کيس ڪيسٽ رستي روبرو ملهه وڙهندي ڏسي ته انهن جي اندر مان هن لاءِ ڪيئي عقيدتون ۽ سلام اڀري ٻاهر نڪري ايندا. جس لهڻي مولائي ملاح جنهن سنڌي ڪلچر، قومي راند ملهه جي امر ڪردار شير ميربحر کي ياد ڪيو آهي.
ساهي! مڙهي سندياءِ، سامهون مون سيلهه ٿئي،
ساتان ڪوهه اڏياءِ، جو نانگا وئين نڪري
(شاهه)