شيرَ بنا ملهه جو ميدان اُداس آهي (ساجد علي ملاح)
رب پاڪ شير ميربحر کي ملهه جي ميدان ۾ جيڪاسونهن، سوڀ، ساک، سچائي ۽ سادگي عطا ڪئي اهڙي شايد ڪنهن جي حصي ۾ آئي هجي. پهلوان شير (نانا سائين جن) جي معصوم ٻارڙن، فقيرن، درويشن سان ڏاڍي لڳندي هئي جن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو. رڳو ايترو ئي نه پر انهن کي کاڌو به پنهنجن هٿن سان کارائيندو هيو. اسان جڏهن سمجھ ڀريا ٿيا سين ته ان وقت پاڻ ملهه کان رٽائرڊ ڪري چڪو هيو؛ پر پاڙي جي هر ميلي ملاکڙي تي سڀني ٻارڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هيو، ميلي جي پيهه، رش ۾ وڃائجڻ جي خوف کان اسان سندس ڊگھي شلوار ۾ هٿ وجھي هلندا هيا سين پوءِ جاڏي شير تاڏي اسين ٻارڙا، پاڻ اسان مان بيزار بلڪل نه ٿيندو هيو. ماڻهو کيس احترام مان استاد ڪري نوڙي ملندا هيا ۽ اسان کي به ڪندا هيا.
شير، چوندو هيو ته ملهه وڙهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هيءُ هڪ فن، ڏات آهي جيڪا انسان کي قدرت طرفان عطا ٿيندي آهي. پاڻ چوندو هيو ته هيءَ پهلواني ۽ ميدان مولاعلي عليهه السلام جو آهي اسان ان جا مريد آهيون اسان جي ڪاميابيءَ ۾ ان مرشد جو ئي هٿ آهي. تڏهن ته شير، ميدان ۾ لهڻ کان پهرين ان جي ذات کي ياد ڪري، پوءِ ميدان جي سلامي ڏئي سندرو ڪندو هو. شير، ميدان جي سلامي ڀرڻ لاءِ زمين تي هيٺ جھڪي، ڏسڻي آڱر ونڱڻي وجھي، پٽَ تي هٿ لڳائي، چپن سان چُمي ۽ ڪنن جي پاپڙين کي ڇُهندو هو، جنهن کي "مجرو ڀرڻ " چوندا آهن. انهيءَ مجري ڀرڻ سان اهو اظهار ڪندو هيو ته 'منهنجي تڪبر کان هزار بار توبهه آهي' ان کانپوءِ وڃي پنهنجي ٻاريءَ ۾ ويهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو. پاڻ چوندو هيو ته هي فن ڪنهن رانديگر جي ذاتي ميراث ناهي، اهو لازمي به ناهي ته: پهلوان جو پٽ به اهڙو ئي پهلوان ٿئي. جنهن کي مالڪ جي عطا ٿئي اهو پاڻ کي خوشنصيب سمجھي.
شير، ملهه راند کي انٽرنيشنل ليول تي پڄائي ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ڪيو. پر ملڪ جي مالڪن سندس قدر نه ڪيو. شير، کي ملهه جي فن ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو شوق هيو. جنهن جا پاڻ ڪجھ پنا به لکيا هيائين پر صحت جي ساٿ نه ڏيڻ سبب ان کي مڪمل نه ڪري سگھيو. اهي اسان کان سنڀال جي نه سگھيا. باقي سندس اخباري ڪٽنگس ۽ تصويري البم کي سائين شهاب ملاح ساهه ۾سانڍيندواچي پيو. سندس زندگيءَ تي ڪوئي ڪتاب لکي، آخري وقت ۾ اهڙي خواهش ظاهر ڪيائين جنهن کي نوجوان ليکڪ مولائي ملاح اڄ عملي جامو پهرائي، سنڌ جي قومي ثقافتي راند ملهه جي تاريخ ۾ هڪ سنهري باب جو اضافو ڪيو آهي. جنهن تي کيرون لهڻي.
شير، پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ مختصر سڄاڻ دوستن جي سٿ سان ٿوري وقت ۾ ملهه راند لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو. سائين شيخ عزيز( ڊان وارو) سائين مدد علي سنڌي صاحب، گل محمد بلوچ (فورمين روزاني عبرت) صحافي محرم علي ڀٽي (مرحوم) ۽ صحافي درمحمد ملاح (بکريءَ وارو) جن سندس آواز کي سگھاري انداز ۾ اخبارن وسيلي ايوانن، وس وارن ۽ سندس للڪار کي ڏيهه توڙي ڏيساور جي پهلوانن تائين پهچايو. انهن نامور صحافين جي ٽيم جو شيرميربحر کي سڄي حياتي ساٿ ۽ سهڪار رهيو. جن جا اسين پڻ نهايت مشڪور آهيون.
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ننڍڙي لاڪون نوابشاهه ۾ 'ايمبيسي فلٽر سگريٽ ڪمپنيءَ' جي گاڏي ايندي هئي مان ان جي ڊرائيور جي ڀرسان وڃي بيهي رهندو هيس ته هو مونکي چاٻين وارا ڇَلا ڏيندو هيو، جنهن تي بابا شير جي تصوير ڇپيل هوندي هئي. پهريون ڀيرو مون ان کي ٻڌايو هيو ته هي منهنجو بابا آهي. ايمبيسي سگريٽ جي پاڪيٽ تي به بابا شير جي تصوير لڳل هوندي هئي. هاڻ ته اها هڪ ياد ئي رهجي وئي آهي.
آئون سوچيندو آهيان ته جتي هن انٽرنيٽ جي دور ۾ دنيا جديد کان جديد شين کي متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ۽ قديم شين، تاريخي ورثن کي سانڍي ۽ سنڀالي رهي آهي، انهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دنيا اڳيان ڪنهن نئين روپ ۾ پيش ڪري رهي آهي ته: اتي اسان پنهنجي هيروز کان ڪيترو نه لاتعلق بڻيل آهيون. مطلب ته دنيا چنڊ تي ۽ اسين پٿرن جي دور ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. انٽرنيٽ تي ٽيوٽر ۽ فيس بڪ استعمال ڪندڙ اسانجي نوجوان کي پنهنجي قومي ڪلچر، قومي ثقافتي راند ۽ ان جي هيروز بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. اسانجي حڪمرانن، سماجي ۽ ثقافتي ادارن به ان طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو. ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي.
شير، سنڌ جو ورثو آهي. سنڌ جي قومي راند ملهه جو هڪ سنهري باب آهي. ان کي سانڍڻ ۽ سهيڙڻ اسان سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جي فرض ۾ شامل آهي. سنڌ دوست ڌرين کي پهلوان شير ميربحر جي ورسي ياد هئڻ گھرجي. جن حڪمرانن هن مهل تائين شيرِسنڌ، جو ڪو يادگار تعمير ناهي ڪرايو ان تي سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ واري ذميواريءَ جي اميد جو بار ڪيئن ٿو رکي سگھجي. !
شير کانپوءِ ملهه، ملاکڙن کي به ڄڻ ته ڪا نظر لڳي وئي جيڪي اڄ به اداس نگاهن سان شير جون واٽون نهاريندي ملاکڙي ۾ ايندڙ ملهه جي پارکن کان پڇندا هجن ته: ادا! توهان اسان جو شير ته ڪٿي نه ڏٺو...!!!