ملهن جو مهندار ــ شير ميربحر ( گل حسن ڪلمتي)
ملهه جي تاريخ تمام پراڻي آهي، ملهه سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي. سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته "ملهه" جي شروعات هزارين سال اڳ سنڌ مان ٿي، هي مڪمل طور سنڌ جي ثقافت جو ڏيک ڏيندڙ راند آهي، ملهه پهلوان پنهنجي ملهه، بيهڪ ۽ پٽڪي سميت سنڌ جي ثقافت جو حصو محسوس ٿيندا آهن.
ٽالپر اميرن جي دور ۾ ملهه وڏي ترقي ڪئي اها هڪ قومي راند جي درجي تي پهتي. ٽالپرن ملهه جي وڏي قدرداني ڪئي ۽ پنهنجا پنهنجا ملهه تيار ڪيا، فلاڻو فلاڻي جو ملهه وارو اصطلاح ان ئي دور ۾ وجود ۾ آيو. خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي ملهن جي وچ ۾ مقابلا ٿيندا هئا، اهڙي طرح لاڙ ۽ اتر جي ملهن جي ٽولن جو بنياد پيو. مير مراد علي خان ٽالپرپهرئين جي دور ۾ سندس درٻاري ملهه، عالم خان گوپانگ مشهور ملهه ٿي گذريو آهي.
انگريز دور ۾ " ملهه " راند جي ڪنهن حد تائين سرڪاري سرپرستي ٿيندي هئي، ضلعي سطح تي مقابلا ڪرايا ويندا هئا، انگريز دور جي هڪ پهلوان جو ذڪر ڪندس، جنهن جو تعلق سنڌ سان هو بمبئيءَ ۾ هڪ مقابلي ۾ ملهه وڙهي زبردست فتح حاصل ڪئي ۽ هندستان سطح تي (هن وقت هي پورو علائقو گڏيل هندستان هو) پهرين نمبر" ملهه " جو لقب حاصل ڪيو. ان وقت جي وائيسراءِ کيس بندوق جو لائسنس انعام ۾ ڏيڻ کانسواءِ تاحيات وظيفو به مقرر ڪيو، اهو هو ملهه پهلوان "احسان سانڊاڻو" جيڪو 1869ع ڌاري ٻٺ سرائي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو ۽ ڌنار هو. پر هي لاڙ جي ملهه طور مشهور هو. هن دور ۾ اتر جا هيٺيان ملهه مشهور هئا. نبي بخش گنڀير، هادي بخش ڪاسائي، غوث بخش پٺاڻ ۽ وزير شر لاڙ جي ملهن ۾ صفر شيدي ۽ محمد شيدي، حاجي سيدي ۽ محمد شيدي مشهور هئا. اهو ٽالپرن جو دور هو ۽ تڏهن ملهه پهلوانن جي سرپرستي هئي. مير فيض محمد پهريون، مير اما بخش خان، مير علي نواز خان، مير علي ڏنو خان ملهه پهلوانن جي سرپرستيءَ ۾ اڳڀرا هئا. ان دور ۾ اتر جي ملهن ۾ محمد بخش مهر، نواز علي خان پٺاڻ، (هي شير ميربحر جو استاد به هو) نور محمد مهر، اسماعيل کوکر ۽ دائم ڪٽوهر مشهور هئا. مير علي نواز خان کانپوءِ ملهن جو هاڻوڪو دور شروع ٿئي ٿو.
انگريز دور ۾ آبو ٻتڙ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي به شير ميربحر جي استادن مان هڪ هو، جمعو شيدي جيڪو 1930ع ۾ گذاري ويو، فقيرو ڪوٽيڙي وارو، والو شيدي حيدرآباد وارو مشهور هئا.
انگريز دور ۾ ملهه پهلواني عروج تي هئي، ڇاڪاڻ ته هُن دور ۾ ملهه جا قدردان موجود هئا، خاص ڪري، صوفين، بزرگن ۽ پيرن جي درگاهن تي ميلن تي ملاکڙن جو انتظام اهي قدردان ڪندا هئا، سنڌ جا ناميارا ڄام، سردار، پير ۽ سماجي اڳواڻ ملهه جا قدر دان هوندا هئا، اهي ملهن جي پالنا ڪندا هئا، انگريز دور ۾ اتر سنڌ ۽ لاڙ سنڌ جي ملهه پهلوانن جا مقابلا مشهور هئا، لاڙ جا شيدي ملهه پهلواني ۾ گهڻا مشهور آهن، مقابلن ۾ ڪڏهن لاڙ جي پهلوانن، خاص ڪري شيدي پهلوانن جي ته ڪڏهن اتر جي ملهن جي سرسي پئي ٿيندي هئي.
سنڌ جي انهيءَ قومي راند کي اڳتي هلي شير ميربحر ۽ ٻين عروج تي پهچايو، شير مير بحر، جنهن جو اصل نالو عالي شير ميربحر هو، شير مير بحر 21 جون 1924ع ( ڪجهه ڪتابن ۽ رسالن ۾ اها تاريخ 21 جنوري لکيل آهي، پر شير جي پٽ شهاب الدين ملاح ۽ شير ميربحر تي ڪم ڪندڙ نوجوان ليکڪ مولائي ملاح مطابق، اسڪول سرٽيفيڪٽ مطابق 21 جون 1924 آهي تي ضلعي شهيد بينظير آباد (اڳوڻو نواب شاهه ضلعو ) جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس چاچو پيرل ميربحر پنهنجي دور جو مشهور ملهه هو، انهيءَ کان متاثر ٿي شير مير بحر ملهه جي ميدان ۾ لٿو.
سندس پهريون استاد تعلقي ڪنڊياري جي شهر 'خانواهڻ' ٻاهران ڳوٺ سعيد خان خشڪ جو رهواسي پهلوان لقمان خشڪ هو، اسماعيل بڙدي، لالا نواز علي خان پٺاڻ ڳڙهي ياسين واري ۽ انگريز دور جي مشهور پهلوان آبوٻتڙ کان به تربيت حاصل ڪيائين. انهن استادن کيس ملهه جا سڀ رنگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي، کيس ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني، شير ميربحر استاد کان ڌاڳو ٻڌائڻ کانپوءِ باقائده ملهه جي شروعات لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ هڪ ملاکڙي ۾ ڪئي، جتي هُن پنهنجي دور جي مشهور پهلوانن کي ملهه ماري شهرت پاسي قدم وڌايا ۽ پوءِ اهي قدم نه رڪجي سگهيا، هو 30 سال ملهه جي ميدان جو شير رهيو، انهيءَ وچ ۾ لاهيون چاڙهيون به آيون پر هن مڙسيءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ سنڌ جي قومي راند کي بين الاقوامي سطح تي پهچايو، شير مير بحر ملهه جي انگن ۾ سنڌ جي سمورن پهلوانن کان معتبر ليکيو ويندو آهي، هن کان ملهه وٺڻ گهڻو مشڪل هوندو.
1950ع ۾ انب شيدي، جيڪو انب کارائي جي نالي سان مشهور هو، هن ٽيهه سالن جي عمر ۾ جڏهن شير ميربحر پهرين جوڙ جو ملهه هو. ٽنڊي قيصر ۾ مراد شاهه جي ميلي تي انب شيدي، شير ميربحر کي پوين ملهه ماري ته ڏسندڙن انب شيدي تي روپين جو مينهن وسائي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ انب شيدي جو نالو مشهور ٿيو، اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته شير مير بحر کي هڪ ملهه مارڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته شير ميربحر جو نالو ملهه ۾ تمام گهڻو مٿي هو، اصل ۾ انب شيديءَ جي اها مشهوري ۽ روپين جو مينهن وسڻ شير ميربحر جي مرهون منت آهي، ڇاڪاڻ ته شير مير بحر کان ملهه وٺڻ مشڪل هوندو هو.
اهو ڏکيو ڪم جڏهن انب شيدي هڪ ملهه ۾ ڪري ڏيکاريو ته هن جو نالو ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ميلي ۾ انب شيدي ٻين کي به ملهون ماريون پر انهن جو ڪو نالو ڪنهن کي ياد ڪونهي. شير ميربحر، ملهه ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو هو، هو ملهه جو ادارو هو، " اندرين" ۽ "وارو " سندس ملهه جا خاص داءُ هئا. شير ميربحر کي مير علي ڏني خان ٽالپر آف ڪوٽڏيجيءَ واري جي به سرپرستي حاصل رهي، مير علي ڏنو خان ملهه پهلوانن جي سرپرستي ءَ ۾ مشهور هئو. مولائي ملاح چواڻي ته: "ميرعلي ڏني خان ٽالپر (پريزيڊنٽ رياست خيرپور) شير ميربحر کي خيرپور ضلعي ۾ 50 ايڪڙ سرڪاري زمين آسان قسطن تي ڏني جيڪا اڄ به يونين ڪائونسل سڳيون، ديهه ڀاڳت ۾ موجود آهي. "
16- سيپٽمبر 1951ع ۾ رياست خيرپورميرس جي واليءَ جي تاجپوشي وقت منعقد ٿيل ملاکڙي کي اڄ به سنڌ جا جهونا ملهه ياد ڪري، شير ميربحر کي داد ڏيڻ کانسواءِ نٿا رهي سگهن، ملهه جي تاريخ جي پنن تي اهو مقابلو هميشه سهڻن اکرن ۾ لکيو ويندو. جڏهن هن وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان ۽ سندس گهر واري رعنا لياقت علي جي موجودگيءَ ۾ انب شيدي (جنهن 1950ع ۾ هڪ ملهه شير ميربحر کي ماري شهرت حاصل ڪئي هئي ) هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪراني، جيڪي ميرن جا خاص ملهه هئا، انهن کي شڪست ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو.
اها تاجپوشي مير علي مراد خان ثانيءَ جي ٿي هئي. 24 جولاءِ 1947ع ۾ جڏهن هو چوڏهن سالن جو هو، تڏهن سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي، پر حڪومت هلائڻ جا اختيار ان کي نه مليا هئا، ڇو جو کيس تعليم مڪمل ڪرڻي هئي. تاريخ 11 سيپٽمبر 1951ع تي پاڪستان جي تڏهوڪي وزير اعظم لياقت علي خان جي هٿان هن کي حڪومت جا اختيار ڏنا ويا. 16 سيپٽمبر 1951ع تي تاجپوشيءَ جو جشن ملهايو ويو ۽ ان ئي موقعي تي مٿيون ذڪر ڪيل ملاکڙو منعقد ڪيو ويو هو. سنڌ جي مختلف بزرگن، ولين ۽ صوفي شاعرن جي ميلن کان سواءِ خيرپور جي سرڪاري پروگرامن، ميرن جي شادين جي موقعن تي وڏا وڏا ملهه مقابلا ٿيندا هئا، انهن ملاکڙن تي وڏا وڏا انعام رکيل هوندا هئا.
انهيءَ تاجپوشي ۽ شير جي مقابلي کان هڪ مهيني کان پوءِ لياقت علي خان کي 16 آڪٽوبر 1951ع ۾ راولپنڊيءَ ڪمپني باغ ۾ هڪ شخص اڪبر گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ باغ جو نالو "لياقت باغ" رکيو ويو. انهيءَ باغ ۾ ئي 27 ڊسمر 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو.
ميرپورخاص جي هڪ ملاکڙي ۾ جنهن جو خاص مهمان هن وقت ڊپٽي ڪمشنر عثمان علي عيساڻي هو، جتي پنجاب جي پهلوان "ڀولو"، شير ميربحر کي چئلينج ڪيو، جنهن تي شير ميربحر کيس جواب ڏنس ته "پهرين سندس شاگرد 'يڪي خاصخيلي' سان مقابلو ڪر، جيڪڏهن يڪي خاصخيلي کي ملهه ماري وئين ته پوءِ پنهنجو مقابلو ٿيندو." يڪو خاصخيلي شير مير بحر جو تربيت ٿيل شاگرد ته نه هيو، پر هو شير مير بحر کي "استاد " چئي عزت ڪندو هو. يڪو خاصخيلي سنڌ جو مشهور ملهه هو، سندس جنم ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص ۾ ٿيو ۽ پوءِ سندس مائٽ اتان لڏي وڃي ٽنڊي غلام عليءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا، سانوڻ چانڊيو سندس استاد هو، يڪي خاصخيلي " ڀولو" پهلوان کي اهڙو دسيو جو ملاکڙي ۾ ڪو ڪارا ٿي ويا، پوءِ " ڀولو " ڪڏهن به ڀلجي به سنڌ جي ملهه پهلوانن کي چئلينج نه ڪيو.
ملهه پهلوانيءَ ۾ يڪي خاصخيلي کانسواءِ خاصخيلين مان غلام حسين خاصخيلي، خدا بخش خاصخيلي، ليار خاصخيلي، بهرام خاصخيلي ۽ ٻيا مشهور ملهه هئا.
شير ميربحر نه فقط سنڌ ۽ پاڪستان سطح جو مڃيل پهلوان هو پر هن بين الاقوامي سطح تي به شهرت حاصل ڪئي. شير ميربحر هڪ عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلي ۾ حصو ورتو، اهو مقابلو 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شير ميربحر ڀارت جي پهلوان "گرنام سنگهه" کي شڪست ڏيئي خوب داد حاصل ڪيو، 1962ع هالن ۾ مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل هڪ بين القوامي مقابلي ۾ شير ميربحر چيڪو سلوويڪيا جي پهلوان " زيبسڪو" ( هن جو نالو ڪٿي زيسبڪو به ملي ٿو) کي شڪست ڏيئي "رستم سنڌ" جو خطاب حاصل ڪيو، اهڙي ئي هڪ مقابلي ۾ شير ميربحر، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي مشهور پهلوان " آسٽن " کي شڪست ڏيئي، ڏيهان ڏيهي مشهور ي ماڻي.
شير ميربحر پنهنجي دور جو تمام تيز رفتار ملهه هو، اک ڇنڀ ۾ راند نبيريندو هو، جڏهن شير ميربحر سندرو ڏيندو هو ۽ مقابلو شروع ٿيندو هو ته ڏسڻ وارا اکيون ڇنڀڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا.
عمر جي آخري حصي ۾، هُن دور جي مشهور پهلوان الله جڙئي سمي هن کي چئلينج ڪيو، الهه جڙيو سمو لاڙ طرف کان ملهه وڙهندو هو، ڌڻي پرتي سمي ڳوٺ جو ويٺل هو، مشهور پهلوان مولا بخش جماليءَ جو شاگرد هو. فيبروري 1968ع (ڪٿي مارچ 1968ع ملي ٿو) الهه جڙئي سمي جشن خيرپور ۾ ملاکڙي ۾ شير ميربحر کي چئلينج ڏنو پر مقابلي جو نبيرو نه ٿي سگهيو، جنهن تي مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مقابلي جو فائنل ڪپ ٻنهي پهلوانن کي ڏنو، انهيءَ مقابلي ۾ الهه جڙئي سمي کي "فخر سنڌ" جو لقب ڏنو ويو. انهن ٻنهي پهلوانن ست چيلينج مقابلن ۾ حصو ورتو، پر ڪنهن به مقابلي جو نبيرو نه ٿي سگهيو انهن ٻنهي پهلوانن عوام پاران ڏنل لقبن "رستم سنڌ" ۽ "فخر سنڌ" جو مان رکيو ۽ پنهنجي لقبن جي پاسداري ڪئي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي اهي ٻئي انهيءَ جا لائق هئا.
شير ميربحر پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس به هو ايوب خان واري بلدياتي چونڊن ۾ به شير ميربحر حصو ورتو ۽ ميمبر چونڊ جي آيو. سياست ۾ اچڻ جو مقصد پنهنجي ڳوٺ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هو. محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪرڻ تي جنرل ايوب خان مٿس ناراض ٿيو ۽ ڊي سي نواب شاهه وسيلي کيس، قلم 110 ۾ چالان ڪرايائين.
اڳتي هلي هن سياست بجاءِ سنڌ جي قومي راند ملهه پاسي گهڻو ڌيان ڏنو، ملهه راند کي ترقي وٺرائڻ، ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ڪرڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي راند کي بچائڻ لاءِ شير مير بحر جاکوڙيندو رهيو، جنهن لاءِ هن "ملهه ايسوسيئيشن نواب شاهه" ٺاهي، جنهن جي پليٽ فارم تان ملهه پهلوانن جي مسئلن کي حڪومتي ايوانن تائين پهچائڻ هو. انهيءَ ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي هن ملهه پهلوانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو انهن جي سکيا لاءِ جتن ڪندو رهيو.
1974ع ۾ ڀٽي صاحب، شير ميربحر کي ملهن جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، هن ملهه لاءِ اهو ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هو ۽ هو انهيءَ جي لائق به هو.
جيئن ته انهيءَ عهدي جو تعلق ملهه سان هو ۽ ملهه سنڌ جي قومي راند آهي، ڪوچ ڪري ملهن جا مسئلا حل ٿيندا هئا. اها ڳالهه آمر ضيا کي نه وڻي ۽ 1977ع ۾ هن اهو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، شير ميربحر عدالت جو درکڙڪايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهو عهدو ٻيهر بحال ڪيو، پر انهيءَ دوران شير ميربحر، ملهه پهلوانن جي ڀلائي لاءِ وڙهندي بيمار ٿي بستري جي حوالي ٿيو. حڪومت کيس ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو پر هو چند پئسن خاطر آمر آڏو نه جُڪيو ۽ مرڻ گهڙي تائين ملهه پهلوانن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. 28 مارچ 1985ع ۾ سنڌ جو هي املهه ماڻڪ، يارن جو يار ۽ محبتون ونڊيندڙ ماڻهو اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ پٺيان ڇڏي ويو پنهنجي يادن ۽ خدمتن جو هڪ وڏو ذخيرو، ڪاش جنهن مان اسان ڪجهه لاڀ حاصل ڪريون.
شيرميربحر کي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي جي ويجهو سندس نالي پويان قائم ڳوٺ "پهلوان شير ميربحر" ۾ دفنايو ويو. حڪومت پاران ملهه پهلوانن جي جيئري ئي ڪا سهائتا نه ٿي ڪئي وڃي مرڻ پڄاڻان انهن قومي هيروز کي ياد ڪرڻ پري جي ڳالهه آهي. پر شير ميربحر وڏو خوشنصيب ۽ وڏن بختن وارو آهي جو هن کي اهڙو صالح اولاد نصيب ٿيو آهي، جنهن شير جي نالي کي مرڻ پڄاڻان به زنده رکيو آهي، خاص ڪري سندس اولاد شهاب الدين ملاح جنهن پنهنجي پيءَ جي يادگيري ۾ "شير ميربحر يادگار ڪاميٽي" جوڙي آهي، جنهن هيٺ هر سال سندس ياد ۾ ضلعي سطح تي ملاکڙو ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا ويندا آهن.
شير ميربحر کي جهونا ملهه پهلوان اڄ به ياد ڪري چوندا آهن ته، "شير ميربحر ملاکڙي جو سونهن هوندو هو، قربائتو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو، اڄ واري دور جي اڌ واڌ ۽ نوراڪشي واري ملاکڙي کان ناواقف هو، هو سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سندرو ڇڪي ميدان ۾ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ لهندو هو" شير ميربحر جي شاگردن ۾ محمد بخش بڙدي، در محمد عالماڻي، شير گوپانگ ۽ غلام قادر لغاري چڱو نالو ڪمايو، جن به شير ميربحر کي ويجهي کان ڏٺو آهي، اهي چون ٿا ته هي جيترو قد ۽ بت ۾ مضبوط ۽ سهڻو پهلوان هو، اوترو ئي سڀاءَ جو ڀلو ماڻهو هو.