شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

'رستمِ سنڌ' شير ميربحرسان ملاقات (ڊاڪٽر آفتاب ابڙو)

قومن ۾ اهڙا مانجهي مڙس ٿورا ملندا، جيڪي پنهنجي سموري حياتي فن، فڪر ۽ ڪي وري تن کي توانو رکڻ ۾ صرف ڪن ٿا. پنهنجو اَلهه تلهه، سمورو مال متاع فن جي مان مٿي ڪرڻ لاءِ وقف ڪن ٿا. آنڌي مانجهيءَ، اوري پري مطلب ته مهل ۽ ماڳ کي به نه ڏسندي فن جي فڪر ۾ وڃي توڙ رسن ٿا. اهڙن سورهيه سپوتن ڪري سنڌ جو نالو هميشه اوچو رهيو آهي. 'ملهه' اسان جي قومي ۽ سورهيائپ واري راند رهي آهي. جنهن ۾ جسماني طاقت، دل جي حشمت ۽ فنجي ڦڙتي جي ضرورت هوندي آهي. قديم دور کان وٺي، ملهه اسان جي ثقافت جو اَملهه حصو رهي آهي. هونئن ته عام ڳوٺن ۾ اها راند شام جي شغلن ۾ شامل رهي آهي، جتي نوجوان اها راند ڪُڏندي وڏن کان تربيت حاصل ڪندا رهندا آهن. جڏهن ته ولين، بزرگن ۽ قومي رهبرن جي عرس جي موقعي تي اتر- لاڙ ۽ پنجاب ۽ سنڌ جا جوڌا اها راند رهندا آهن، جنهن کي عام ماڻهو انتهائي شوق ۽ جذبي سان سڀ ڪم سيڙائي ڏسندا آهن.
شير ميربحر به اهڙن قومي رانديگرن ۾ وڏو نالو رکي ٿو. سندس دليري ۽ فن سبب سنڌ جو نالو نشانبر ٿيو آهي. جنهن نه صرف ملهه جي مان کي مٿي ڪرڻ لاءِ مَلهُه ٿي ميدان مات ڪيو، ۽ سنڌ جي قومي راند کي انهيءَ اوج تي پهچايو آهي، جو عام ماڻهن کان وٺي سرڪاري آفيسن تائين انجو چوٻول آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ (شايد) هي پهريون پهلوان آهي، جنهن عالمي هاڪ وارن رانديگرن 'انوڪي' ۽ 'ڀولو برادران' کي للڪاريو. ڪيئي دفعا هن جا بيان اخبارن ۾ به شايع ٿيا، پر انهن مان ڪوبه سندس مقابلي لاءِ تيار نه ٿيو.
شير سائين ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ آيو ۽ مهرباني ڪري منهنجي آفيس اطلاعات کاتي ۾ قرب جا قدم ڀريائين. موقعي جي مناسبت سان کيس عرض ڪيم ته توهان سان انٽرويو ڪرڻ گهران ٿو. پاڻ کلي وراڻيائين ته ڍولڻ جيئن توهانجي مرضي. ساڻس ڪيل گفتگو کي جيئن جو تيئن هيٺ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو:
س: سائين! اوهان کي عام طرح شير ميربحر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اوهانجو اصل نالو ۽ ڳوٺ ڪهڙو آهي؟
ج: ادا اصل نالو علي شير اٿم ۽ ڳوٺ 'شير پهلوان' تعلقي ڪنڊياري ۾ آهي. باقي لقب مونکي "رستم سنڌ" جو عوام پاران مليو آهي.
س: اوهان کي ملهه جو شوق ڪڏهن پيدا ٿيو؟
ج: پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ته پنهنجي چاچي پيرل کي ملهه وڙهندي ڏسي، شوق جاڳيو ۽ چاچي همت افزائي به ڪئي. ان وقت اسان جي شهر ۾ اٺڙيا (جمعي، جمعي تي) ملاکڙا لڳندا هئا، مان هڪ جيڏن سان انهن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو هيس.
س: ان فن ۾ اوهان جو ڪو استاد؟
ج: ها ادا! شروع واري دور ۾ استاد لقمان خشڪ اکر سيکاريا. پوٰءِ استاد نواز علي خان پٺاڻ ان فن جي مڪمل ڄاڻ ڏني.
س: ان دور ۾ ملهه فن جي قدر داني ڪهڙي ريت ڪئي ويندي هئي ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ج: ادا اڳ مَلهن کي ويهاري کارايو ويندو هو. وڏا انعام اڪرام ڏنا ويندا هئا. ان کان علاوه 'ناٽڪي ملاکڙا'، ٽڪيٽن تي هلندا هئا، جن ۾ ملهن کي فيون ملنديون هيون. مديجي ۾ مرحوم رسول بخش لوهر ۽ نئين ديري ۾ در محمد ميربحر ناٽڪي ملاکڙا رچائيندا هئا ۽ ملهن جو وڏو قدر ڪيو ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي اهڙا قدردان ڪونه سُجهن جي ملهن کي ويهاري کارائين. اڃا به ڪي گاديون آهن، جتي ملهن کي اهو مان ڏنو وڃي ٿو.
س: هر راند جا ڪي اکر ٿين ٿا. اوهان اهو ٻڌايو ته ملهه ۾ اهڙا ڪهڙا اکر آهن، جيڪي مڪمل مَلهَه پهلوان ۾ هئڻ گهرجن؟
ج: ادا: ملهه ۾ وارا، جاٺا، ڄنگهون کسڻ، پاسا هڻڻ، گهمائي ٻلهڻ هڻڻ، اٺ ڏانهن، ڪنڌ ڦاسائڻ، اندريون هڻڻ اهم آهن، پر اکرن ۾ اڙي هڻڻ ڪار نه آهي. يعني ڪُپت نه ڪجي، سچي راند کيڏجي، مڙس ٿي مقابلو ڪجي. باقي ميدان مارڻ لاءِ ڪچو اکر نه وهائجي.
س: ملهه راند ۾ 'سَندري' جي ڪيتري اهميت آهي؟
ج: ملهه ۾ سندري تي گهڻو دارو مدار آهي، بلڪه ڪاميابي جو ڪارڻ پڻ آهي.
سندرو سولو ۽ سوگهو هئڻ گهرجي. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته:
"سنڌرو ٻڌ ساهي- پئو ڪٽڪ ۾ ڪاهي."
س: سائين! هن فن کي فروغ ڏيڻ لاءِ اوهان ڪجهه سوچيو آهي؟
ج: ها ادا! آئون ڪتاب لکان پيو، جيڪو منهنجي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾هوندو. البته ان ۾ مان پهريان ٻه ٽي باب ملهه جي فن تي لکندس، ته جيئن نوجوان ان طرف توجهه ڏين ۽ ان فن کي سنڌ ۾ صحيح مقام ملي.
س: اوهان کي پهريون انعام ڪهڙو، ڪٿي ۽ ڪڏهن مليو؟
ج: ادا، پهريون انعام مونکي 1946-1947ع ۾ نئين ديري ۾ چئن پهلوانن: حاجي نور محمد مهر، لالو ڦل، اقبال جوڳي ۽ حاجي احمد لوهر کي هارائڻ تي'سونو ٻلو'(Gold Medal) سردار نبي بخش ڀُٽي ۽ مرحوم امداد علي خان ڀُٽي، ذوالفقار علي ڀُٽي جي وڏي ڀاءُ ڏنو.
س: سائين! انعامن جو ذڪر نڪتو آهي ته اهو به ٻڌائيندا هلو ته اوهان کي سردار نبي بخش خان ڀُٽي کان پوءِ ڪهڙا انعام مليا؟
ج: ادا انعامن جي ته ڪا ڳڻپ ئي ڪانه آهي. مير علي ڏني خان ٽالپر گمبٽ تعلقي ۾ انعام طور 50 ايڪڙ زرعي زمين ڏني ۽ ٻين رئيس، اميرن ڏاند، مينهون، بگيون ۽ سرڪاري طور ڪيترائي گولڊ ميڊل مليا آهن. ان ۾ چاندي ۽ پتل جي ڪپن جو شمار ئي ڪونهي: ٻه ٽي وڏا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن ۽ ان کان علاوه ايمبيسي سگريٽ ڪمپنيءَ طرفان به هڪ 'سونو ٻلو' مليو، جنهن جي فلم اڃا تائين T.V تي ڏيکاري ويندي آهي.
س: اوهان جي نظر ۾ ملهه جو فن ڪيترو پراڻو آهي ۽ ملهه ٻين ڪهڙن ملڪن ۾ کيڏي وڃي ٿي؟
ج: ادا ملهه جو فن ايترو قديم آهي، جيترو موهن جو دڙو- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق ملهه هزار ورهيه اڳ جي آهي. ملهه راند عربستان، چين، روس، ترڪستان ۽ افغانستان ۾ کيڏي وڃي ٿي.
س: اوهان کي ڪهڙن غير ملڪي ملهن سان وڙهڻ جو اتفاق ٿيو آهي؟
ج: ادا، يوگوسلاويه جي 'زيبسڪو' ۽ هندستان جي 'گرنام سنگهه' سان وڙهيو آهيان ۽ ٻنهي کي ماريو اٿم. ان کان علاوه، انوڪي ۽ ڀولو برادران کي ڪئين ڀيرا للڪاريو اٿم، پر هو تيار ڪونه ٿيا.
س: غير ملڪي پهلوانن کي مارڻ جو سبب اوهان جي طاقت هئي يا ملهه جي فن جي ڄاڻ؟
ج: مون کين پنهنجي اکرن سان ماريو، ان کان علاوه سنڌي ملهه جا اکر سندن فن کان وزنائتا آهن. اسان وٽ ملهه جا ٻٽيهه اکر استعمال ٿين ٿا.
س: ڀولو برادران پاڻ کي 'رستم زمان' سڏائين ٿا، ان متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
ج: مٺا! انهن کي 'رستم زمان' سڏائڻ نه گهرجي. هنن کي مون ڪيئي دفعا چئلينج ڏنا آهن جن جو رڪارڊ اخبارن ۾ آهي. هنن فري اسٽائيل سکي، انگريزن سان مقابلو ڪيو. اهڙي طرح اسان جي ملهه سکي اسان سان وڙهن ته خبر پئي! اڪرم پهلوان کي ته يڪي خاصخيلي پوئين ملهه ۾ غش ڪري ڇڏيو. انهيءَ کانپوءِ هنن اسان سان ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني. ان کان علاوه اليگزن کي قلب علي جتوئيءَ شڪست ڏني. ڪشتيءَ جي پهلوان محمد دين کي الهه جڙئي سمي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڌڪ ڏنا، جنهن کان پوءِ هن ملهه جي دعويٰ ئي ڇڏي ڏني.
س: اوهان سڄي ڄمار ان فن کي ڏني آهي. سرڪار اوهان جي خدمتن جي بدلي ۾ اوهان کي ڇهن ستن سالن کان 'ملهه ڪوچ' جي حيثيت ۾مالي امداد ڪري رهي آهي، اوهان اهو ٻڌايو ته مهانگائي جي لحاظ کان ڪو ان ۾ اضافو ٿيو آهي يا نه؟
ج: ادا ڪهڙو اضافو! مورڳو مون کان اها به کسي اٿن. منهنجون ٻه شاديون ٿيل آهن، جن مان الله جي مهرباني سان ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. ٻچڙيوال آهيان، ڪئي ڀيرا حڪومت کي پڪاري بيٺو آهيان، ڪجهه به ڪونه ٿيو. وري به منهنجي وس وارن عملدارن کي اپيل آهي ته هن ڏڪر واري دور ۾ خيال ڪن ۽ منهنجي اها ساڳي حيثيت بحال ڪن ۽ رهيل پگهارون جلد ڏيارن. ان کان سواءِ سرڪار کان اهو به مطالبو ٿو ڪريان ته 'ملهه' سنڌ جي قومي راند آهي. ان جو خاص خيال رکن. ان جي واڌاري تي جوڳو ڌيان ڏين. سالياني بجيٽ ۾ ان راند جي فروغ لاءِ فنڊ رکن.
[هي انٽرويو شير ميربحر کان اطلاعات کاتي جي آفيس دين محمد وفائي روڊ، صدر ڪراچيءَ ۾ 17 ڊسمبر 1981ع تي ورتو ويو، جيڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ ان دور جي مقبول سنڌي اخبار 'هلال پاڪستان ڪراچي' ۾ 20 ڊسمبر 1981ع تي شايع ٿيو. آفتاب ابڙو]